fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

اوگرا پاران پيٽرول ساڍا 9 ۽ ڊيزل 15 رپيا لٽر سستو ڪرڻ جي سفارش

لائيٽ اسپيڊ ڊيزل 2 رپيا ۽ گاسليٽ 25 پئسا سستو ڪرڻ جي تجويز

اوگرا پاران سمري وفاقي سرڪار حوالي، فائنل منظوري ناڻي وزارت ڏيندي

اسلام آباد (رپورٽر) اوگر پيٽرول ساڍا 9 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، اوگرا جنوري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ۾ 15 رپين تائين لاٿ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، اها سمري وفاقي سرڪار کي اماڻي وئي آهي، اوگرا طرفان اماڻيل سمري ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپين گهٽائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 25 پئسا گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي، ناڻي واري وزارت 31 ڊسمبر تائين پيٽروليم قيمتن بابت فيصلو ڪندي.

سُپريم ڪورٽ: پاڪستان ۾ اسڪول هلائيندڙ تُرڪ تنظيم دهشتگرد قرار

پاڪ ترڪ ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم

وفاقي حڪومت تنظيم جي 28 اسڪولن جا انتظام ترڪي سان معاهدي پٽاندڙ پاڻ سنڀالي: سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد (رپورٽر) سُپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ پاڪ تُرڪ ڪيگ انٽرنيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندي وفاقي سرڪار کي حڪم ڏنو آهي ته وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ هن تنظيم تحت هلندڙ 28 اسڪولن جا انتظام پاڪستان ۽ ترڪي جي حڪومتن وچ ۾ ٿيل معاهدن پٽاندڙ سنڀالي. سُپريم ڪورٽ طرفان لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ تنظيم جا سمورا اڪائونٽس منجم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيگ انٽرنيسنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جا سمورا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن، جڏهن ته حڪومت کي فتح الله تنظيم کي به ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

صالح پٽ ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن ھٿان پيرسن قتل

صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ڀرسان زمين جي تڪرار تان پيرسن قتل ٿي ويو،ان ڏس ۾ صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ ڪريم بخش مڱريو ۾ زمين جي تڪرار تان پنجن جوابدرن گھر م ستل 70 ورهيه ڏاتر ڏنو ولد محمد پناھ مڱريو کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اھڙي اطلاع بعد صالح پٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ڏاتر ڏنو مڱريو جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال روھڙي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه وري ڪا گرفتاري ٿي سگھي آھي ، صالح پٽ پوليس ٻڌايو ته مقتول ڏاتر ڏنو مڱريو جي پٽ محمد نواز مڱريو ٻڌايو آھي ته اسان جو پنھنجي سئوٽن سان زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي جنهن تي عبدالفتاح مڱريو سميت پنجن جوابدارن اسان جي گھر ۾ گھڙي گھر اندر ستل سندن پيءُ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي ،پوليس مطابق فريادي ٿاڻي تي نه آيا آھن جيئن فريادي ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

آمريڪي رانديگر اڪيلي سر انٽارڪٽيڪا پار ڪري ورتو

آمريڪي مھم جو ڪولن او بريڊي

انٽار ڪٽيڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪي رانديگر ۽ مهم جُو ڪولن او بريڊي سرد خطي انٽارڪٽيڪا پار ڪري هڪ نئون اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
آمريڪي ميڊيا موجب ڪولن پنهنجي سفر ۾ 932 ڪلوميٽر جو تمام ڏکيو فاصلو 54 ڏينهن ۾ طئي ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ ٽرالي سان ٻڌل 170 ڪلوگرام سامان کي به گهليو.
اهڙي ڪارنامي تي سڄي دنيا ۾ کيس پذيرائي ملي رهي آهي ۽ ماڻهو ڪولن جي وڏي همت مان تمام گهڻو متاثر ٿيا.
ڪولن سمهڻ بنا آخري ڀيرو لڳاتار 32 ڪلاڪن تائين سفر ڪيو ۽ تازو 125 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪيو، جنهن کي انٽارڪٽيڪ جي ميراٿن ڊوڙ قرار ڏنو. ڪارنامو سرانجام ڏيڻ بعد ڪولن پنهنجي وارثن کي روئيندي پيغام ڏنو ته هو هڪ ڪمري ۾ بند ٿي ان مهم تي سوچيندو رهيو ۽ ڪم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

اي سي ايل ۾ نالو آيو ته ڇا ٿيو؟ گهمڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ئي وڏو آهي: منظور وساڻ

ننڍن ننڍن جيلن ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، حڪومت جو بھ وارو ايندو: پ پ اڳواڻ

پي ٽي آءِ سياسي خودڪشي ڪري رهي آهي، کين حڪومت هلائڻ نٿي اچي: وساڻ

ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته اي سي ايل ۾ نالو آيو ته ڇا ٿيو، گهمڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ئي وڏو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته پارٽي قيادت جو اي سي ايل نالو ڏنو ويو آهي ته ڇا ٿي پيو، اسان اِتي پيا گهُمنداسين، پاڪستان وڏو ملڪ آهي. هُن چيو ته اسان ننڍن ننڍن جيلن ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، ڪراچي ۾ ميڊيا، هن وقت اپوزيشن جو وارو آهي، ڪجهه عرصي کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪمرانن جو به وارو ايندو، بچندو ڪير به نه. هڪ سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته 2020ع ۾ عمران خان جو ڪوبه سياسي مستقبل نظر نٿو اچي، پي ٽي آءِ حڪومت نٿي هلائي سگهي ۽ سياسي خودڪشي ڪري رهي آهي.

ٺل ۾ ريڊ ڪمشنر جو پوليس چوڪي تي ڇاپو، 3 ناحق باندي بازياب

ٺل(رپورٽر)ٺل لڳ ريڊ ڪمشنر پوليس چوڪي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل 3 ڄڻا بازياب ڪرائي ورتا سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر عزيز الله جمالي ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي اوڍاڻو پوليس چوڪي تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران پوليس چوڪي ۾ واڙيل ناحق باندي بڻيل ٽن ڄڻن غلام فريد گولو علي بخش انڙ ۽ محمد اسحاق گولو کي بازياب ڪرائي ورتو ،ڇاپي دوران ٽنهي ڄڻن کي هٿڪڙيون لڳل هيون ،جنهن بعد رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته ٽنهي ڄڻن جي ڪابه انٽري ٿيل نه هئي ڇاپي بعد ريڊ ڪمشنر عزيز الله جمالي پاران ايس ايڇ او اي سيڪشن ٺل کي سڀاڻي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو ،ناحق باندي بڻيل ٽنهي ڄڻن ٻڌايو ته اسانکي ناحق گرفتار ڪري پوليس چوڪي اوڍاڻي تي هٿڪڙيون هڻي ڪري ويهاريو ويو جڏهن ته اسان مٿان تشدد پڻ ڪيو هنن چيو ته اسان نٿان ڪوبه ڪيس داخل ٿيل ناهي پر پوليس ٻه لک روپيا رشوت طلب ڪري رهي هئي.

ججن ۽ جنرلن جو احتساب ڇو نٿو ٿئي؟ جي آءِ ٽي جهڙي ڪوڙي رپورٽ ڪڏهن ناهي ڏٺي: بلاول ڀٽو

عليمه خان ۽ جهانگير ترين کي اين آر او ڇو مليو؟ اسان کي ضرورت ناھي: پ پ چيئرمين

مراد علي شاهه جهڙو بهترين وڏو وزير ڪنهن به صوبي ۾ ناهي، مٿس سئو سيڪڙو اعتماد آهي
بلاول ڀٽو شھيد ڀٽو جي مزار تي حاضري ڏيندي

گهوٽڪي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اي سي ايل ۾ نالا شامل ٿيڻ واري معاملي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ايس اي ايل ۽ نوٽيسز کان نٿا ڊڄون، اسان نه پر گُجر خان جلد ڀڄي ويندو. گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪٺ پتلي حڪمرانن کان نه ڀڄنداسين، اسان ڀڄڻ وارن مان نه آهيون، پر گُجر خان جلد ڀڄي ويندو. هن چيو ته اي سي ايل ۽ نوٽيسز کان نٿا ڊڄون، احتساب ڪرڻو آهي ته سڀني جو ڪرڻ گهرجي، عليم خان ۽ عليمه خان جو به احتساب ڪيو وڃي، ڪير به مقدس ڳئون نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تي مون کي سئو سيڪڙو اعتماد آهي، پيپلز پارٽي ۾ ڪوبه فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، پر ماڻهن جا اجايو دماغ ٺهي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججز ۽ جنرلز جو احتساب ڇو نٿو ٿئي، جي آءِ ٽي جهڙي ڪوڙي رپورٽ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي.

ٺل: ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان تي 5 لک چٽي، ڳوٺ نيڪالي

ٺل)رپورٽر)باھو کوسا ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان تي پنج لک چٽي وجھي کيس ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي ان ڏس ۾ باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي ۽ مرهيٽا برادري ۾ ھلندڙ ڪارو ڪاري تڪرار جو جرڳو بنگلاڻي برادري جي چيف مقدم جهانگير خان بنگلاڻي جي سر پينچ هيٺ ٿيو، ملهار خان بنگلاڻي ۽ سردار مرهيٽو جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ سردار خان مرهيٽو مٿان ڪارنهن جو الزام ثابت ٿيڻ بعد مٿس پنج لک چٽي وڌي وئي،جنهن هڪ لک موقعي تي ادا ويا ،جهولي جهلڻ تي ويھ ھزار معاف ڪيا ويا باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندو، نوجوان کي ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي، فيصلو قبول ڪرڻ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا، مرهٽا برادري موجب ڏيتي ليتي جي تڪرار کي ڪارنهن جو رنگ ڏنو ويو هو.

نوابشاھ:صوفي راڳي نديم سولنگي پاران سيوھڻ پوليس خلاف احتجاج

نوابشاھ(ن پ ا) مشهور صوفي راڳي نديم فراز سولنگي پنهنجي سازندن سان گڏ راڳ ڳائي نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک هڙتال ڪندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ مان محمد علي سهتي جي شادي جي ڪاڄ ۾ سيوهڻ پهتس ته اتي موجود ٺارو شاھ سان تعلق رکندڙ ايس ايڇ او سڪندر وڳڻ سندس ساٿي نظر مڱڻيجي مون مٿان حملو ڪري مونکي ۽ منهنجي ننڍن ڀائرن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي ڪري آئون بيهوش ٿي ويس تنهن کان پوء ڀت ۾ موجود ماڻهن منھنجي انهن کان جان ڇڏائي اسپتال آندو جتان مان سيوهڻ ٿاڻي تي پهتس ۽ مون سيوهڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ايوب نائچ کي مون مٿان سڪندر وڳڻ ۽ سندس ساٿين پاران ٿيل تشدد جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو پر ايس ايڇ او منهنجي داد رسي ڪرڻ بجاءِ مونکي لاڪ اپ ڪري ٻن سپاهن سان گڏجي سخت تشدد ڪيو ۽ مونکي 4 ڪلاڪ لاڪ اپ ۾ بيگناهه بند ڪرڻ بعد آزاد ڪيو. هن چيو ته اسين فنڪار ماڻهو امن جا اسير آهيون پر مونکي دلي صدمو پهتو آهي ته وزير علي سنڌ جي تڪ سيوهڻ شهر ۾ سڪندر وڳڻ ۽ سيوهڻ جي ايس ايڇ او ايوب نائچ ۽ سندن ساٿين مون تي ۽ منهنجي معصوم ڀائرن تي تشدد ڪيو آهي. ھن مطالبو ڪيو تھ انهي معاملي جو نوٽس وٺي ٻنهي پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائندا سين.

آرمي چيف 22 دهشتگردن جي ڦاھي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف 22 دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 22 خطرناڪ دهشتگردن جي موت جي سزا منظوري ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ پاڪ فوج جي 19 جوانن سميت 176 ماڻهو شهيد ٿيا هئا، 217 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته فوجي عدالت ۾ ٻن جوابدارن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ازاد ڪيويو، آرمي چيف 15 وڌيڪ سزا مليل دهشتگردن کي جيل موڪلڻ جي به منظوري آهي.

سنڌ مان رڙيون اچن پيون،مني لانڊرنگ خلاف آپريشن جو اعلان

ساليانو 10 ارب جي مني لانڊرنگ ٿئي پئي، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي جلدي ناھي: عمران خان

وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ مان ڪالهه کان رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپريشن ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، وزيراعظم آفيس ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان مان ساليانو 10 ارب ڊالرز جي مني لانڊرنگ ٿئي ٿي، سمورن مسئلن جو سبب بي انتظامي آهي، ماضي ۾ بنيادي ڍانچي جي سڌاري تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جا جلدي ناهي، آءِ ايم ايف بهتر شرطن تي پاڪستان کي قرض ڏيندو، واضع ڪريان ٿو هاڻي ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو بحران ناهي، مني بجيٽ عوام دشمن نه هوندي، غربت جي خاتمي جي وڏي پروگرام جو جلد اعلان ڪندس، هن چيو ته ڀارت ۾ هاڻي پاڪستان سان بهتر لاڳاپن تي بحٿ شروع ٿي ويو آهي.

مني لانڊرنگ مامرو: انصاري شگر ملز جي چوڪيدار جي پٽ جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل

بدين(رپورٽ: حميد سومرو) مني لانڊرنگ مامري ۾ اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 ڄڻن واري لسٽ ۾ انصاري شگر ملز ماتلي جي چوڪيدار سلطان آرائين جي پٽ شاهد آرائين جو نالو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. تلهار جي وارڊ 5 جو رهندڙ شاهد آرائين ڪيترن ڏينهن کان گم آهي.

”ذهني دٻاءُ“ دادو ۾ نڪاح دوران گهوٽ بيهوش ٿي ويو، ڪنوار ۽ مائٽ پريشان

ڳوٺ ڪالو خان لُنڊ ۾ گھوٽ جو اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد ٻيھر نڪاح ڪرايو ويو

بيھوش ٿي ويل گهوٽ توڪ علي لنڊ

دادو( ن پ ا ) دادو ويجهو شادي جي رات گهوٽ ذهني دٻاءُ سبب بيهوش ٿي ويو، کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
ڳوٺ ڪالو خان لنڊ ۾ پنهنجي شادي ڪاڄ ۾ رات گهوٽ توڪ علي لنڊ هلندڙ نڪاح دوران نيم بيهوش ٿي ويو، کيس فوري طور تي سول اسپتال آندو ويو، گهوٽ جي بيهوش ٿي وڃڻ سبب ڪاڄ ۾ موجود سمورا ماڻهو پريشان ٿي ويا.
گهوٽ کي طبي امداد بعد واپس ڳوٺ آڻي سندن نڪاح پڙهايو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ذهني دٻاءُ سبب گهوٽ بيهوش ٿي ويو، ساڻس ڪو وڏو مسئلو نه آهي.

ڇا سنڌ اسيمبلي جي نمبر گيم ۾ پ پ حڪومت ڊاهڻ ممڪن آهي؟

ڪراچي (تجزيو: دودو چانڊيو) پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ مراد علي شاهه جي سرڪار ختم ڪري پنهنجي سرڪار ٺاهڻ وارو خواب آساني سان ساڀيان ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم ۾ فاروڊ بلاڪ جي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون، اپوزيشن وٽ عددي تعداد تمام گهٽ ۽ پاڻ ۾ اتحاد نه هئڻ سبب خرم شير زمان جي دعويٰ عملي حوالي سان آسان نه پئي لڳي.
پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ سرڪار ٺاهڻ لاءِ مخالف ڌر جي سمورن پارٽين جي سهڪار کانپوءِ به پي پي پي جي 21 منحرف ميمبرن جو ساٿ لازمي کپي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ وٽ عددي تعداد صرف 30 آهي، سندن مقابلي ۾ حڪمران جماعت پي پي پي وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 99 ميمبر موجود آهن. پي ٽي آءِ کانسواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن جي ڊي اي وٽ 14، ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ 20، ايم ايم اي وٽ هڪ ۽ لبيڪ پاڪستان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 3 ميمبر موجود آهن. سنڌ اسيمبلي جي گڏيل ايوان ۾ مخالف ڌر وٽ ٽوٽل 68 ميمبر موجود آهن، مخالف ڌر جي انهن ميمبرن ۾ لبيڪ پاڪستان ۽ ايم ايم اي هن وقت پي ٽي آءِ کان ناراض جماعتون آهن، تنهنڪري سنڌ اسيمبلي ۾ “اِن هائوس” تبديلي لاءِ اهي ٻئي پارٽيون پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏين،اهو مشڪل نظر اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ کي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي مڪمل ساٿ کانپوءِ مراد علي شاهه جي سرڪار ڪيرائڻ ۽ نئين حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 ميمبر کپن، جيڪي پي پي پي جي ناراض ميمبرن کانسواءِ ممڪن ناهي. ان لاءِ به انهن ميمبرن کي پارٽي وفاداريون تبديل ڪري پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ سو به کليل راءِ شماري جي صورت ۾ 18هين ترميم جي ڪري ڏکيو هوندو. پي ٽي آءِ جي سنڌ حڪومت ڪيرائڻ واري دعويٰ بابت “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته 18هين ترميم بعد فارورڊ بلاڪ ٺهڻ سولو ڪم ناهي، پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڀني مخالف ڌر جي جماعتن جي ساٿ کانسواءِ پي پي پي جي فاروڊ بلاڪ جي ضرورت آهي، اگر عدم اعتماد جي رٿ جمع ٿي ۽ راءِ شماري ٿي، ان دوران پي پي پي ميمبر غير حاضر رهن، پوءِ اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر سڄي عمل بنهه ڏکيو هوندو. اپوزيشن جي ٽئين وڏي جماعت جي ڊي اي اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته اڃا پي ٽي آءِ ڪو رابطو نه ڪيو آهي، اسان جو فيصلو پاڳارو ڪندو، پر پي ٽي آءِ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيرائڻ ايترو آسان نه هوندو، جيترو هو سمجهن ٿا.

قائد آباد مان لاڙڪاڻي واسي مبينا ڏوهاري بابر شيخ گرفتار

خُلد آباد ۾ ڪارروائي ڪئي ته هٿياربندن ۽ اهلڪارن وچ ۾ مقابلو ٿيو: پوليس

سنگين ڏوهن ۾ ملوث بابر شيخ گرفتار، پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون آهن: پوليس
لاڙڪاڻي واسي بابر شيخ گرفتار

ملير (رپورٽر) قائد آباد پوليس ڪارروائي ڪندي لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. قائد آباد جي علائقي خُلد آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور سنگين ڏوهن ۾ گهربل ڏوهاري بابر عرف بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خلد آباد جي يار محمد ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو. پوليس موجب مقابلي دوران ڏوهاري بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وٽانئس هڪ پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون ويون آهن.