fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ملير ۾ ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، عورت سوڌو 8 سوگها

قائد آباد مان 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، شهري بشير جو قاتل عامر به پسٽل سوڌو هٿيڪو

شاهه لطيف ۽ سکڻ پوليس منشيات فروش گروهه جي عورت سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو

ملير (رپورٽر) ملير ۾ ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، عورت سوڌو 8 سوگها، ملير پوليس جي پڌائي موجب قائد آباد ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻن جوابدارن سلمان عرف فرحان ۽ شهباز کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ملير عرفان بهادر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل 60 سالن جي شهري ملڪ بشير جي ڪيس ۾ جوابدار عامر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو ويو. ايس ايس ٻڌايو ته جوابدار پسئن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تي پيرسن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.شاهه لطيف پوليس شاگردياڻين کي هيرو وڪرو ڪندڙ گروهه جي جوابدار سراج کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار روزانو 1500 گرام کان وڌيڪ آئس هيروئن وڪرو ڪندو هو.ايس ايس پي موجب شاهه لطيف جي علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران ٻن جوابدارن آصف ۽ وڪيل احمد کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 10 کان وڌيڪ ڦر ڪيل موبائيل فون ۽ 2 پسٽل هٿ ڪيا.ٻئي پاسي سکڻ واري علائقي مان منشيات فروش عورت شريفان عرف آيا ۽ جمعو خان کي گرفتار ڪري 3 ڪلو چرس هٿ ڪئي.عرفان بهادر ٻڌايو ته ملير ۾ ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جو گيهرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، جلد کين منطقي انجام تي پهچايو ويندو.

ملير ۾ ڌاڙي جي ڪوشش،گهر ڌڻين جي مزاحمت،3 زخمي، هڪ ڦورو سوگهو

ملير (رپورٽر)گلشن حديد فيز ٽو ۾ چئن هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي ڦر لٽ جي ڪوشش ڪئي، گهر مالڪن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي،ڦورن جي فائرنگ ۾ گهر مالڪ صفدر جتوئي ۽ واٽھڙو محمد بچل زخمي ٿي /ڏسو صفحو 7 بقايا 47
پيا، جڏهن ته مزاحمت دوران ھڪ ڦورو زخمي ٿي پيو،زخمي ڦورو کي محلي وارن جهلي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ، سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا.

3 وزير تبديل ٿيا پر 1500 پيپلز بسون روڊ تي اچي نه سگھيون!

سرڪار 2013ع ۾ شھرين کي سستي ۽ معياري سفري سھولت ڏيڻ لاءِ ڪراچي شھر ۾ 1000 ۽ ٻين ضلعن ۾ 500- بسن جو اعلان ڪيو هو

تڏھوڪي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاھ پاران افتتاح ڪيل منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ھيٺ ئي ھلڻو ھو

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران شهرين کي سفري سهولتون ڏيڻ وارو پيپلز بس سروس منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، 5 سال گذرڻ باوجود 15 سئو اعلانيل بسن مان صرف 10 بسون ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ٿورن سان هلي سگهيون، ٽي وزير تبديل ٿيا، پر اعلانيل منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ سرڪار سال 2013ع ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن روڊن تي سنڌ جي ماڻهن کي سفري سهولتون ڏيڻ لاءِ 15 سئو ايئر ڪنڊيشن بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، اهڙو اعلان سنڌ اندر روڊ حادثن، غير معياري بسن ۽ وڌيڪ ڀاڙن جي کوڙ سارين شڪايتون اچڻ کانپوءِ ڪيو هو. 2013ع جي بجٽ تقرير ۾ وڏي وزير اعلان ڪيو ته انهن بسن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت هلايو ويندو، 5 سال گذرڻ بعد ان اعلان تيصرف ايترو عمل ٿيو آهي جو هن وقت تائين ڪراچي ۾ 10 بسون هلايون ويون آهن، جڏهن ته سرڪاري اعلان موجب هڪ هزار بسون ڪراچي شهر ۾ جڏهن ته 500 بسون سکر، لاڙڪاڻو، مٺي سميت مختلف شهرن جي روٽن تي هلڻيون هيون، جنهن لاءِ ڪراچي سميت سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ بس ٽرمينل ٺهڻا هئا، ان منصوبي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو، هڪ منصوبي کي ”انٽر بس سروس“ ۽ ٻئي کي ”انٽرا سٽي بس سروس“ جو نالو ڏنو ويو. سنڌ سرڪار ان منصوبي تي عمل ڪرائڻ ۾ ته ڪامياب نه وئي پر 5 سال گذرڻ ۽ ٽي وزير تبديل ٿيڻ باوجود 15 سئو بدران هڪ خانگي ڪمپني جي ٿورن سان 10 بسون ڪراچي ۾ هلايون ويون آهن، جنهن کي ”پائلٽ پروجيڪٽ“جو نالو ڏنو ويو آهي، ان 5 سالن دوران سنڌ سرڪار اهو به طئي ناهي ڪري سگهي ته بسن جا رُوٽ ڪهڙا هوندا، مسافرن کان ڀاڙو ڪيترو ورتو ويندو ۽ سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ ڪمپني معرفت بسون هلائيندي يا پنهنجون بسون خريد ڪندي؟

ملير ۾ صحافين سان جھيڙو ڪندڙ ٻن وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد

ملير ( رپورٽ: دريا خان شر) سنڌ بار ڪائونسل جو وڏو فيصلو، ملير جي ٻن وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد، ان ڏس ۾ بار ڪائونسل جي ڊسيپلينري ڪاميٽي ملير جي ٻن وڪيل ڀائرن مظھر جوڻيجو ۽ شاھ زمان جوڻيجو خلاف مليل شڪايتن تي سندن ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي آهي. اهڙي فيصلي کان سڀني عدالتن ۽ ٽربيونلز کي آگاهي پڻ ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن کان ملير پريس ڪلب جي صحافين ۽ وڪيل ڀائرن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ هو، وڪيل ڀائرن درخواست ڏني ته ڪجهه صحافي سرڪاري ملازم هوندي صحافت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ صحافين وري ملير بار ايسوسيئيشن کان وٺي سنڌ بار ڪائونسل تائين سمورن ليگل فورمن کي درخواستون موڪلي ڄاڻايو هو ته ٻئي وڪيل قبضا مافيا سان تعلق رکن ٿا، جن خلاف ضلعي ۾ انيڪ شڪايتون موجود آهن. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي جوڻيجو وڪيل ڀائرن جو چوڻ هو ته اسان مٿان لڳايل الزام غلط آهن، اسان بار ڪائونسل سميت مختلف فورمن تي اپيل داخل ڪنداسين، اسان جي ميمبر شپ جلد بحال ٿي ويندي.

ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،2 ڄڻا قتل ،مختلف علائقن مان 4 گرفتار

پي آءَ بي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماجد قتل ،واقعو ذاتي دشمني قرار

ڪورنگي ڪراسنگ تي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قاسم قتل ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا, جڏهن ته پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي مختلف ڪيسن ۾ گهربل 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پي آءَ بي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماجد نالي هڪ شخص قتل ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو .جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ تي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قاسم قتل ٿي ويو ،جوابدارفرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .بهادرآباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڀتي خور کي گرفتار ڪري ورتو .

سنڌ بلوچستان دنگ جتي انسان ۽ گڏھھ گڏ پاڻي پيئن ٿا

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ)سنڌ بلوچستان جي دنگ تي ڳوٽ ھيتم جکراڻي جو علائقو آھي جتي ھن جديد دور ۾ به رھواسي سمورين سھولتن کان محروم آھن. اتي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت پڻ نھ آھي. جتي انسان جانور گڏ ھڪ تلاء ۾ پاڻي گڏ پيئن ٿا، ھي تصوير ھتان جي چونڊيل نمائندن کان سوال آھي ھن دور ۾به ماڻھن سان اھا جٺ آخر ڪيستائين جاري رھندي.

حسين لواءِ ۽ غني مجيد کي پيش نه ڪرڻ تي اڊيالا جيل انتظاميا کان جواب طلب

ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ جيل انتظاميا کان ٻنهي ڄڻن کي پيش نه ڪرڻ جا سبب پڇي ورتا

عدالتي حڪمن باوجود حسين لوائي ۽ غني ميجد کي پيش نه پيو ڪيو وڃي: وڪيل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بيڪنگ ڪورٽ جي حڪمن باوجود جيل انتظاميه مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حسين لوائي توڙي غني مجيد کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو جنهن تي عدالت جيل انتظاميه کان جواب طلب ڪري ورتو آهي .حسين لوائي جي وڪيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جنهن کانپوءَ ڪراچي جي بيڪنگ ڪورٽ حسين لوائي کي 10 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر نه کين 10 ڊسمبر تي پيش ڪيو ويو ۽ نه ئي وري 21 ڊسمبر واري ٻڌڻي تي پيش ڪيو ويو جنهن کانپوءَ عدالت اڊيالا جيل انتظاميه کان جواب طلب ڪري ورتو آهي ته ذر کين عدالت ۾ ڇو پيش نٿو ڪيو وڃي.

نيب ملير ۽ گڏاپ جي 25 هزار ايڪڙ زمين بلڊرن حوالي ڪرڻ جا تفصيل گھري ورتا

ڪراچي(رپورٽر) نيب اختيارين ڪراچي جي ملير ۽ گڏاپ واري علائقي جي 25 هزار ايڪڙ زمين مختلف بلڊرن حوالي ڪرڻ جي انڪوائري شروع ڪندي مڪاني ادارن، روينيو ۽ ورڪس اينڊ سروس واري کاتي کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيب جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي صحيح سان لکيل خط ۾ نيب اختيارين مٿي ڄاڻايل کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکيو آهي ته ملير ۽ گڏاپ واري علائقن ۾ بحريا ٽائون سميت مختلف بلڊرن کي جيڪا به زمين الاٽ ڪئي وئي آهي ان جي الاٽمينٽ واري تاريخ ۽ لاڳو ڪيل شرطن ۽ معاوضن جا سمورا تفصيل نيب کي اماڻيا وڃن. نيب جي هڪ ٽيم زمينن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل کاتن جي سيڪريٽرين جي آفيس ۾ اچي تفصيل پڻ معلوم ڪيا.

ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي حملو، فائرنگ

تيسر ٽائون ۾ واقعو پيش آيو، سرڪاري زمين آجي نه ٿي سگھي

آپريشن شروع ڪندي ئي هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني: ايم ڊي اي عملدار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن تي شهرين جو سخت رد عمل اچڻ شروع ٿي ويو آهي.ا ن حوالي سان آپريشن ڪندڙ سرڪاري ٽيم تي قبضا مافيا حملوڪيو ويو آهي. تيسر ٽائون ۾ پيش آيل واقعي سبب سرڪاري ٽيم زمين آجي نه ڪرائي سگهي. ايم ڊي اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آپريشن شروع ڪندي ئي هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، قبضا مافيا طرفان جاين کي باهه ڏني وئي، جڏهن ته حملي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا. ايم ڊي اي اختيارين موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آپريشن ڪيو پيو وڃي، سوين ايڪڙ زمين تي مافيا جو قبضو آهي، زمين آجي ڪرائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گئس جو پريشر گهٽجي ويو،رڌ پچاءُ ۾ ڏکيائيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گھريلو گيس جو پريشر گھٽجي ويو، رڌ پچاءُ ڪندڙ عورتون سخت پريشان، ان حوالي سان ڪالهه شام کان رات دير تائين خاص طور تي گلشن اقبال، سچل ڳوٺ، سفوران واري علائقي ۽ صدر جي ڪجهه علائقن ۾ گھريلو گيس جو پريشر معمول کان گھٽجي وڃڻ سبب رڌ پچاءُ وارين عورتن کي سخت ڏکيائي پيش آئي. ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته گيس جو پريشر معمول موجب آڻي تڪليفن کان بچايو وڃي.

معاشي بحران جي خاتمي لاءِ درآمدي شين تي پابندي لڳائڻ جي تجويز

معيشت زوال جو شڪار آهي، زراعت ۽ صنعتون سخت تڪليف ۾ آهن:قيصر بنگالي

ڊالر جي قيمت ۾ اضافو درآمد گھٽجڻ سبب ٿيو آهي،درآمدي شين تي پابندي لڳائڻي پوندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مُلڪ ۾ معاشي بحران جو ذميوار پرويز مشرف قرار، معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي سرڪار کي تجويز ڏيندي چيو آهي ته معاشي زوال پُڻي مان نڪرڻ لاءِ درآمدي شين تي پابندي لڳائڻ گھرجي. معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت زوال جو شڪار آهي. جنهن سبب معيشت دوست زراعت ۽ صنعتون سخت تڪليف ۾ آهن. هن چيو ته تجارت ان وقت ئي ممڪن هوندي جڏهن پيداوار ٿئي. پيداواري جا وسيلا گھٽجڻ سبب ايڪسپورٽ به زوال جو شڪار بڻجي ويندي. نيشنل ليبر ڪونسل جي مشاورتي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر قيصر بنگالي وڌيڪ چيو ته اسان جي آبادي جي اضافي واري شرح 2.5 ۽ ليبر فورس ۾ اضافي جي شرح 3.5 سيڪڙو آهي. ڊاڪٽر قيصر بنگالي وڌيڪ چيو ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافو درآمد گھٽجڻ ۽ برآمد وڌڻ سبب ٿيو آهي. جنهن سبب حڪومت کي درآمدي شين تي پابندي لڳائڻي پوندي. هن چيو ته مُلڪ ۾ معيشت جي بحران جا اهم ڪارڻ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ شوڪت عزيز جون پاليسيون آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر رياض احمد شيخ چيو ته پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين سرمائيدار طبقو قابض آهي. هن چيو ته مُلڪي تعليم ۽ صنعتن ۾ سرمائيدار وڏي رڪاوٽ آهن. هن چيو ته پاڪستان جي خارجه پاليسي اڪيلائي جو شڪار آهي. پاڪستان کي گھرجي ته پاڙيسري مُلڪن سان تجارت ڪري. ان موقعي تي پائلر اڳواڻن ڪرامت علي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

سنڌ حڪومت يوم قائداعظم ۽ ڪرسمس تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت يوم قائداعظم ۽ ڪرسمس تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو،. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيڪفيشن موجب، 25 ڊسمبر اڱاري واري ڏينهن تي صوبي جي سمورن ادارن ۾ عام موڪل هوندي.

پاڪستان جي سڀ کان ڊگهي شخص نصير سومري جي حالت لاڳيتي خراب

ڪراچي: نصير سومرو اسپتال ۾ داخل آھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان جو ڊگھو شخص نصير سومرو ساھ جي بيماري سبب 4 ڏينهن کان ڪراچي جي دارالصحت اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي پيل آهي. سندس ڀاءُ رياض سومرو جو چوڻ آهي ته انفيڪشن ۽ ساھ جي تڪليف سبب اسپتال داخل ٿيل نصير سومري جي عيادت يا آٿت ڏيڻ لاءِ ڪو به چونڊيل نمائندو ناهي پهتو. نصير سومرو جي ڀاءُ چيو آهي ته 4 ڏينهن کان نصير سومرو وينٽيليٽر تي پيل آهي.

ٻڌايو وڃي سنڌ جي اربين روپيه بجيٽ ڪيڏانهن پئي وڃي:حليم عادل

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ 2 سالن اڳ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معذور بڻيل نينگر زاهد شاھ جي سنڌ سرڪار سار نه لَڌي، سندس گھر جو گاڏو هلڻ مشڪل ٿي ويو، معذور شاگرد جو علاج ڪرائڻ لاءِ گھر وارا سخت پريشان آهن. پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ سرجاني ٽائون پهچي شاگرد ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪري کين هڪ لک 20 هزار روپين جوامدادي چيڪ ڏنو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري ٻارڙا مري رهيا آهن اربين روپيا بجيٽ آهي،ٻڌايو وڃي ته اها ڪيڏانهن پئي وڃي؟ هن چيو ته زاهد شاهه وانگر سنڌ ۾ ڪيترائي ٻارڙا علاج نه ٿيڻ جي ڪري زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ رڳو بجيٽ ۾ هر سال اضافو آندو آهي، پر عوام کي ڪي به سهولتون نه پيون ملن.

سنڌ جي 6 ضلعن ۾ ننڍيون چونڊون سڀاڻي ٿينديون،تياريون مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي سميت سنڌ جي 6 ضلعن جي 56 تڪن تي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين، يوسي ڪائونسلرن جون ننڍيون چونڊون سڀاڻي ٿينديون. جنهن ۾ 141 اميدوارن پاران مختلف پارٽين جي ٽڪيٽ توڙي آزاد حيثيت ۾ حصو ورتو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران ڄاڻايل ضلعن ۾ 389 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. جن ۾ مردن لاءِ 57 ۽ عورتن لاءِ 55 پولنگون شامل آهن. اليڪشن ڪميشن پاران 389 پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرري جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.