حيدرآباد: سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمود نواز شاه ان ڏس ۾ بڌايو ته سنڌ ۾ پوڻا ٻ لک ايڪڙ ايراضي تي بصرن جي پوکي ٿيل آهي، لاڙ سنڌ مان بصرن جو فصل آڳاٽو نڪري ويو آهي، پر اتر سنڌ، ٿانو بولاخان، ٿاڻو احمد خان، دادو ۽ ٻين علائقن ۾ بصرن جو فصل اڃا موجود آهي، اگهه نه ملڻ جي ڪري آبادگار سخت پريشان آهن، ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ نبي بخش سٺيو موجب بصرن جي 120 ٻورين واري جنهن ٽرڪ ڏيڍ کان ٻه لک روپيا جوڙيا پئي، اها هاڻي 80 کان 85 تي وڃي بيٺي آهي، هن چيو ته في ٻوري تي 160 روپيا خرچ اچي ٿو، اگهه نه ملڻ جي ڪري آبادگارن کي مزدوري جو خرچ به ڳاٽي ۾ پئجي وڃي ٿو، جنهن سبب آبادگار فصل ڪڍڻ کان لنوائي رهيا آهن، هن چيو ته ڀارت مان بصرن جي برآمد جي ڪري سنڌ جي مارڪيٽ سخت متاثر ٿي آهي ۽ اگهه رڪارڊ حد تائين ڪري پيا آهن، آبادگار مير ذوالفقار ٽالپر چيو ته جهڏي ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ پاڻي دير سان اچڻ جي ڪري بصرن جي پوکائي دير سان ٿي، ٻين فصلن جي پوکائي جي وقت نڪري وڃڻ جي ڪري آبادگار بصرن جي فصل پوکڻ تي مجبور ٿيا ۽ هاڻي اگهه نه ملڻ جي ڪري آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي آهن، هن اهو به انڪشاف ڪيو ته بصرن سان گڏوگڏ ٽماٽي جا اگهه به ڪريا آهن ۽ 12 ڪلو واري ٿيلهي هڪ سو روپئي کان 120 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن سان آبادگارن کي ڪو به فائدو نه پيو ٿئي.
ڪارنهن الزام هيٺ آيل شخص جي ڳوٺ کان گذرڻ تان واقعو پيش آيو
لکي غلام شاهه: علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٽي مهينا اڳ عبدالقادر انگاري خروس مٿان ڪارنهن جو الزام هو جنهن کانپوء اهو اڄ صبح عبدالقادر انگاري خروس ڳوٺ جي رستي تان گذريو پئي ته سجاول واري ڌر روڪيو جنهن تي جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ چار ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ علائقي ۾ خوف واري صورت برقرار آهي ڪنهن به وقت تڪرار ٿي سگهي ٿو.
پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي اجلاس لاءِ شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري
اسلام آباد( بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي اجلاس لاءِ شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو اجلاس 28-31 ڊسمبر ۽ پهرين جنوري تي ٿيڻو آهي جنهن جي لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن کي اسپيڪر منظوري ڪندي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر ۾ نيب اختيارين کي هدايت ڏني آهي ته شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس لاءِ ڄاڻايل تاريخ ۾ پارليامينٽ هائوس آندو وڃي.
ارڙهين ترميم جا مخالف ناهيون، اين ايف سي ۾ سنڌ رڪاوٽ آهي: وفاقي حڪومت
اسلام آباد(رپورٽر) وفاقي حڪومت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جي تقريرن جي رد عمل ۾ واضع ڪيو آهي ته اسان ارڙهين ترميم جا مخالف ناهيون، ان ۾ اسانجو فائدو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته سنڌ اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، اين ايف سي ورڇ ۾ مسئلا آهن، ان کي روڪ بيڪ ڪرڻ نٿا چاهيون ۽ نه وري ارڙهين ترميم جا مخالف ناهيون، ان ۾ پي ٽي آءِ جو فائدو آهي، هن چيو ته پ پ ۽ نون ليگ جي مدد کانسواءِ آئين ۾ ترميم ڪري به نٿي سگهجي.
مونکي خبر ناهي ته نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي يا نه؟: مراد علي شاهه
ڪراچي (م ڊ) سنڌ جو وڏو وزير نالو اي سي ايل ۾ هجڻ کان بي خبر، مراد علي شاهه چيو آهي ته مونکي پاڻ خبر ناهي ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ آهي يا نه؟، جيڪڏهن منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ چاهن ٿا ته وجهي ڇڏن، سوچن ڇو ٿا، هڪ نجي ٽي وي چينلن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، جي آءِ ٽي ۾ لڳايل الزامن جو ثبوت ڏيڻو پوندو، ڪمند تي سبسڊي جو فيصلو عدالت ڪيو، منهنجي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي وجهڻ چاهين ٿا ته ڀلي وڌي وڃي، آئون گذريل 6 مهينن ۾ رڳو هڪ ڀيرو پرڏيهي دورو ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن گورنر راڄ جي ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪنداسين، وڏي وزير کان سوال ڪيو ويو ته گورنر راڄ جي ڪنهن ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟ جنهن تي هن چيو ته صوبن کان خودمختياري کسڻ جو مقصد ڇا آهي؟.
حڪومت جو يوٽرن، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ تان ڦري وئي

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي حڪومت وزيراعظم هائوس کي پهرئين مرحلي ۾ يونيورسٽي بنائڻ واري ارادي کان هٿ کڻي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم تعليم واري وزير شفقت محمود پاران وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي تعريف ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرئين مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس کي دارالحڪمه بنايو ويندو، جتي انتظامي مامرن، آءِ ٽي، صنعتن ۽ ٻين شعبن بابت تحقيقي ماهر تحقيق ڪري سگھندا. ٻئي مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنايو ويندو. هن اهو به ٻڌايو ته صنعتن سوڌو شعبن کي جديد بنائڻ لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُالرحمان هوندو ۽ ان کي ٽيڪنالاجي ٽاسڪ فورس به چيو ويندو.
سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي مزاحمت ڪنداسين: مراد علي شاهه
ڪراچي (م ڊ) سنڌ جو وڏو وزير نالو اي سي ايل ۾ هجڻ کان بي خبر، مراد علي شاهه چيو آهي ته مونکي پاڻ خبر ناهي ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ آهي يا نه؟، جيڪڏهن منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ چاهن ٿا ته وجهي ڇڏن، سوچن ڇو ٿا، هڪ نجي ٽي وي چينلن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، جي آءِ ٽي ۾ لڳايل الزامن جو ثبوت ڏيڻو پوندو، ڪمند تي سبسڊي جو فيصلو عدالت ڪيو، منهنجي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي وجهڻ چاهين ٿا ته ڀلي وڌي وڃي، آئون گذريل 6 مهينن ۾ رڳو هڪ ڀيرو پرڏيهي دورو ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن گورنر راڄ جي ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪنداسين، وڏي وزير کان سوال ڪيو ويو ته گورنر راڄ جي ڪنهن ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟ جنهن تي هن چيو ته صوبن کان خودمختياري کسڻ جو مقصد ڇا آهي؟.
سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز جي ورسي اڄ ڀٽ شاھھ ۾ ملھائي ويندي

ڀٽ شاهه (ن پ ا) سنڌ جي مھا ڪوي شيخ اياز جي 21 ھين ورسي اڄ ڀٽ شاھھ ملهائي ويندي. جنهن لاءِ شيخ اياز يادگار ڪاميٽي تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
يادگار ڪاميٽي شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي تقريب ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪندي، ان موقعي تي اديب ، دانشور، شاعر ، صحافي، سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ ثقافت کاتي جا عملدار پڻ شرڪت ڪري مزارتي گلن جي چادر چاڙهيندا.
ورسي جي موقعي تي راڳ رنگ جي محفل جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾مقامي فنڪار ڀٽائي گھوٽ ۽ شيخ اياز جي شاعري سان فن جو مظاهرو ڪندا.
ميرپورماٿيلو ۾ ميڊيڪل اسٽور کي باھھ، لکين رپين جو نقصان
ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو شھر جي ڊاڪٽرز ايريا ۾ ڊاڪٽر ميھرچند جي اسپتال ۾ واقع ميڊيڪل اسٽور ۾ باھ لڳي وئي. باھھ لڳڻ سبب ميڊيڪل اسٽور ۾ پيل سموريون دوائون ۽ فرنيچر سڙي ويو. باھھ لڳڻ کانپوءِ شھرين پنھنجي مدد پاڻ تحت باھھ تي ضابطو آندو. اسٽور مالڪ جو چوڻ آھي تھ ميڊيڪل اسٽور بند ھو، شھر ۾ بجلي بھ نھ ھئي، انڪري خبر ناھي تھ باھ ڪٿان لڳي، لکين رپين جو نقصان ٿي ويو آھي.
ڪراچي: قيوم آباد نالي مان ھٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي، قتل جو انڪشاف
ملير(رپورٽر) ملير ۾ ابراهيم حيدري لڳ 3 ڏينھن اڳ قيوم آباد ندي مان مليل اڻڄاتل لاش جي سڃاڻپ ابراهيم حيدري واسي شريف طور ٿي آھي. پوليس قتل ۾ ملوث ھڪ عورت سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آھي تھ مقتول شريف کي سندس نياڻي مراد پنهنجي ساٿين امين ۽ سندس زال شهربانو جي مدد سان نشيدار دوا کارائي سندس گهر جي ڪاغذن تي آڱوٺي جا نشان ورتا. دوا جو مقدار وڌيڪ هئڻ سبب سندس موت واقع ٿيو. پوليس جو چوڻ آھي تھ نشي جو مقدار وڌيڪ ھئڻ سبب ابراھيم حيدري واسي شريف فوت ٿي ويو، تھ جوابدارن سندس لاش کڻي قيوم آباد ندي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار گرفتار ٿي ويا آھن، وڌيڪ جاچ ھلندڙ آھي.
سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مزاحمت ڪنداسين: مراد علي شاهه
گورنر راڄ جي مزاحمت ڪبي، خبر ناهي ته نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي يا نه؟:مراد علي شاهه
ڪراچي (م ڊ) سنڌ جو وڏو وزير نالو اي سي ايل ۾ هجڻ کان بي خبر، مراد علي شاهه چيو آهي ته مونکي پاڻ خبر ناهي ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ آهي يا نه؟، جيڪڏهن منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ چاهن ٿا ته وجهي ڇڏن، سوچن ڇو ٿا، هڪ نجي ٽي وي چينلن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، جي آءِ ٽي ۾ لڳايل الزامن جو ثبوت ڏيڻو پوندو، ڪمند تي سبسڊي جو فيصلو عدالت ڪيو، منهنجي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي وجهڻ چاهين ٿا ته ڀلي وڌي وڃي، آئون گذريل 6 مهينن ۾ رڳو هڪ ڀيرو پرڏيهي دورو ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن گورنر راڄ جي ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪنداسين، وڏي وزير کان سوال ڪيو ويو ته گورنر راڄ جي ڪنهن ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟ جنهن تي هن چيو ته صوبن کان خودمختياري کسڻ جو مقصد ڇا آهي؟.
جوھي لڳ مسافر يرغمال، روڪ رقم ۽ 2 موٽرسائيڪلون ڦر
جوھي (ن پ ا) ڪڪڙ گاج روڊ تي اڻڄاتل ھٿياربند رستو بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻھن کان روڪ رقم ۽ ٻـ موٽر سائيڪلون ڦري ورتيون. موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن ڪنڌاڪ ھڻي آچر بروھي ۽ عورت صاحبا بروھي کي زخمي ڪري وڌو. ڏوھن ۾ واڌ تي علائقي واسي پريشان ٿي ويا پر پوليس يا انتظاميا ڪو قدم نھ کنيو.
جھڏي ۾ ايڪسائيز پوليس جي ڪارروائي، جوابدار 3 ڪلو چرس سميت گرفتار
جهڏو ( ن پ ا) ايڪسائيز پوليس ڳجھي اطلاع موجب ڪارروائي ڪري موٽرسائيڪل سوار جوابدار کي 3 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو. ايڪسائيز پوليس ڊگھڙي جهڏي ۾ سبزي منڊي وٽ ڪارروائي ڪندي جوابدار سليمان سميجو کي 3 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ڊگهڙي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايڪسائيز ڊگهڙي جي انچارج مير رضوان ٽالپر چيو ته ڳجهي اطلاع تي اسان جهڏو سبزي منڊي وٽ ڪاروائي ڪئي ۽ جوابدار کي منشيات سميت ھٿ ڪري ورتو آھي. اھڙي ڪارروائي بعد جوابدار مٿان ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي.
گڊو لڳ انڊس ھاءِ وي تي ڪوچ سان حادثو، 8 زخمي
گڊو ( ن پ ا) گڊو لڳ شمس آباد وٽ انڊس ھاءِ وي تي تيز رفتار ڪوچ ڊرائيور جي ضابطي مان نڪرڻ بعد روڊ تان لھي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 8 مسافر زخمي ٿي پيا. سوات کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ سان اوور ٽيڪ ڪندي حادثو پيش آيو، امدادي ٽيمن پھچي حادثي جي زخمين کي راجن پور اسپتال منتقل ڪيو. زخمين جو علاج ھلندڙ آھي. جڏھن تھ حادثي جو شڪار ڪوچ جي ٻين مسافرن کي مختلف مسافر گاڏين ذريعي ڪراچي اماڻيو ويو.
سنڌ سرڪار پاران ٻارڙن جي جبري پورھئي بابت سروي شروع
ڇور ( ن پ ا) سنڌ سرڪار جي ترقي ۽ رٿابندي واري کاتي پاران ٻارڙن جي جبري پورھئي (چائلڊ ليبر) بابت سروي شروع ٿي وئي. عمرڪوٽ ضلعي جي 40 يونٽن ۾ سروي جي مدد سان اهو ڪاٿو لڳايو ويندو ته صوبي اندر ڪيترا ٻارڙا جبري پورھئي تي مجبور آھن. سروي جي ميپر علي حيدر جو چوڻ آھي ته اسان کي عمرڪوٽ ضلعي ۾ سروي لاءِ 40 يونٽ ڏنا ويا آهن. پهرين مرحلي ۾ ميپنگ ڪئي پئي وڃي، ٻئي مرحلي ۾ اسان جي ٽيم سروي ڪندي جنهن کانپوءِ ٻارڙن جي جبري پورھئي بابت انگ اکر ملي سگھندا. ميپر علي حيدر جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ سروي مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ سنڌ سرڪار حوالي ڪئي ويندي.