fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

روجهاڻ مزاري ۾ حادثو، ڪشمور واسي 2 نوجوان فوت

ڪشمور(ن پ ا) پنجاب جي علائقي روجهاڻ ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ڪشمور واسي 2 نوجوان فوت ٿي ويا، هڪ ٻار ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون.
روجهاڻ ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪشمور واسي نوجوان شهزادو چاچڙ ۽ نور احمد گولاٽو ٿڌي تي فوت ٿي ويا.
حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ٻار ۽ 2 عورتون به زخمي ٿي پيون، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي روجهاڻ اسپتال پهچايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش ڪشمور روانا ڪيا ويا

حمزه شهباز ۽ سندس ڪٽنب ٻنهي هٿن سان ملڪ کي لٽيو آهي: فياض الحسن

حمزه جو پيءُ، چاچو ۽ پاڻ جيل ۽ عدالتن جا چڪر پيا ڪاٽن، اڃا عمران خان اناڙي آهي؟

جهڙي طرح ملڪ لٽيو ويو، اهڙي ئي جذبي سان جواب ڏنو وڃي: صوبائي وزير

لاهور( م ڊ ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته حمزه شهباز جو پيءُ، چاچو ۽ پاڻ جيل ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پوءِ به حمزه شهباز چوي ٿو ته عمران خان اناڙي آهي، جهڙي طرح ملڪ لٽيو، اهڙي ئي جذبي سان احتساب جي ادارن کي جواب ڏين.
لاهور ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ حمزه شهباز جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته حمزه شهباز ۽ سندس خاندان ٻنهي هٿن سان ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي، ڇا 165 کرب رپيا ڦرڻ وارن جون پيشيون عوام جي نظر ۾ اهميت نه ٿيون رکن؟
صوبائي وزير چيو ته جهڙي طرح ملڪ لٽيو ويو، اهڙي ئي جذبي سان احتساب جي ادارن کي جواب به ڏنو وڃي، فياض الحسن چوهاڻ وڌيڪ چيو ته حمزه شهباز جو پيءُ، چاچو ۽ پاڻ جيل ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پوءِ به حمزه شهباز چوي ٿو ته عمران خان اناڙي آهي.

عمران خان کي سياسي انتقام مهانگو پوندو: حمزه شهباز

احتساب پويان انتقام جي ڌپ اچي ٿي، اهڙو نئون پاڪستان عوام رد ڪيو آهي

عمران خان پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسي، کيس ڪرپٽ ماڻهو نظر ايندا

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز چيو آهي ته احتساب جي پويان انتقام جي ڌپ اچي ٿي، عمران خان کي سياسي انتقام مهانگو پوندو، وزيراعظم پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسي، کيس ڪرپٽ ماڻهو نظر ايندا.
نيب لاهور ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته عمران خان جي حڪومت جي قدمن کي ڏسي رهيا آهيون، انتقامي ڪارروايون حڪمرانن لاءِ ڦاهي جو ڦندو بڻجنديون، اهڙو نئون پاڪستان عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.
حمزه شهباز وزيراعظم سان مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان صاحب اوهان مسٽر ڪلين ناهيو، سياسي انتقام اوهان کي مهانگو پوندو، جعلي احتساب جو دور گهڻو وقت نه هلندو، اسان ڄمي مقابلو ڪنداسين، عمران خان بني گالا حد دخلين تي قوم کان معافي وٺي ۽ جيڪڏهن همت آهي ته قوم کي حقيقتون به ٻڌائي.
هن چيو ته احتساب جي پويان انتقام جي ڌپ اچي ٿي، عمران خان پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسي، کيس ڪرپٽ ماڻهو نظر ايندا، وزيراعظم هوش کان ڪم وٺي، ،معاشي حالتون خطرناڪ ٿي ويون آهن، ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا ڪجهه هفتن لاءِ رهجي ويا آهن ۽ هو احتساب جي پويان پئجي ويو آهي.

“ڪوٽڙي ۾ انتظاميا جي نااھلي” ڊرينيج سسٽم ناڪارا ھجڻ ڪري گندو پاڻي گھرن ۽ دڪانن ۾ داخل، شھري پريشان

ڊرينيج لائين بند ٿيڻ سبب شاهه لطيف چوڪ ،دريا آباد ڪالوني ۾ گٽر جو پاڻي گهرن ۾ داخل

باريچا چوڪ ،جهاجر ڪالوني ، پٺان ڪالوني واسي به گٽر جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب پريشان
ڪوٽڙي گندو پاڻي جمع ٿيل آھي

ڪوٽڙي(ن پ ا ) ڪوٽڙي جي مختلف علائقن، شاھ لطيف چونڪ، باريچا چونڪ ، ڀٽي پاڙي، دريا آباد ڪالوني ، جهاجر ڪالوني، پٽاڻ ڪالوني سميت ٻين ڪالونين ۾ گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشان آهن .هنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن گهن مان گندي پاڻي جو نيڪال ڪرايو وڃي . علائقي واسين سلمان جوکيو ، شڪيل رضا صديقي ، ڪاشف حسين ڏاوچ ۽ ٻين ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي جي 2 ڪروڙ 25 لک روپيه مهينو بجيٽ هئڻ باوجود ڪوٽڙي واسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن . هن وقت ڪوٽڙي جون مختلف ڪالونيون گٽرن جي گندي پاڻي جي هيٺ اچي ويون آهن ۔ڪيترائي ڀيرا ڊي سي ڄامشورو، ميونسپل ڪميٽي چيئرمين، چيف ميونسپل آفيسر اڳيان دانهيون آهي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي.هنن چيو ته گندي پاڻي جي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ۽ روڊن تي بيهڻ سبب ڪيترن ئي بيمارين منهن ڪڍيو .هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي چيف ميونسپل آفيسر ڪوٽڙي اشوڪ ڪمار ٻڌايو ته 20 سال پراڻي ڊرينيج لائين آهي ، لائين چوڪ ٿيڻ سبب اهڙو مسئلو ٿيو آهي، ڪم جاري آهي جلد ئي ڊرينيج لائين بحال ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو.

محرابپور ۾ ٽائون ڪميٽي جو پيرسن ملازم پگهار لاءِ دربدر

ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين جي بنگلي آڏو پيرسن جو احتجاج، ملازمن ڌڪا ڏئي موٽائي ڇڏيو

11 سالن کان ڪم پيو ڪريان، عملدارن بنا جواز منهنجي پگهار بند ڪري ڇڏي آهي: پيرسن

محرابپور (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي جو پيرسن ملازم اجرت نه ملڻ ڪري دربدر ٿي ويو، ٽائون ڪميٽي چيئرمين جي بنگلي آڏو احتجاج دوران ملازمن پيرسن کي ڌڪا ڏئي موٽائي ڇڏيو، پيرسن چيو آهي ته ٻن مهينن کان پگهارون بند ڪري جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي.
ملازم غوث بخش سومرو قرآن شريف کڻي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين فاروق احمد لوڌي جي بنگلي آڏو احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، جنهن بعد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيرسن غوث بخش سومرو دانهيو ته مان گذريل 11 سالن کان ڊيلي ويجز تي بيلدار طور ڪم ڪري رهيو آهيان پر پورهيت دشمن چيئرمين من پسند ماڻهن کي رشوت عيوض پڪو ڪرايو پر منهنجي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو.
پيرسن الزام هنيو ته ٽائون ڪميٽي چيئرمين جي حڪم تي ڪلارڪ ٻن مهينن کان منهنجي پگهار بند ڪري ڇڏي آهي، پگهار وٺڻ لاءِ چيئرمين جي بنگلي تي ويس پر سندس واٺن ڌڪا ڏئي موٽائي ڇڏيو،
پيرسن ملازم دانهيو ته ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري منهنجا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، اسپتال ۾ داخل بيمار گهرواري جو علاج رڪجي ويو آهي، معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور پڪو ڪرائي رڪيل پگهارون جاري ڪيون وڃن.

ملير ۾ جج ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل بار جي نائب صدر کي بازياب ڪرائي ورتو

جوڊيشل مئجسٽريٽ 9 آصف اڪبر جو شاهه لطيف ٿاڻي ڇاپو، باندي بڻايل وڪيل سڪندر شر بازياب

سينيئر وڪيل جي گرفتاري خلاف وڪيلن سخت احتجاج ڪندي هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل

ملير (ن پ ا ) جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 ملير آصف اڪبر شاھ لطيف ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي باندي بنايل ملير بار جي نائب صدر سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ملير طلب ڪيو ان واقعي خلاف وڪيلن ملير ڪورٽ آڏو هاء وي تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.مظاھرين وڪيلن چيو ته شاھ لطيف پوليس بي ڏوھي وڪيل اڳواڻ کي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪري گرفتار ڪيو .جنھن کي عدالتي ڇاپي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي.انھن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او شاھ لطيف صحافين کي ٻڌايو ته پوليس لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي ۲۵ ايف آء آر داخل آھن .انکي ڇڏائڻ لاء وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو ۽ پوليس سان بدتميزي ڪئي گھٽ وڌ ڳالھايو. جنھن کانپوء وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو ، ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي،هن چيو ته مون ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪاروائي ڪئي آھي.

شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 11 هين ورسي، ڳڙهي خدابخش ۾ سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام

سڄي ملڪ مان جيالن ۽ پ پ ڪارڪنن جي ڳڙهي خدابخش آمد جاري، واڪ ٿرو گيٽ قائم

27 ڊسمبر تي مُک جلسي کي بلاول ڀٽو، آصف زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا

نئون ديرو(رپورٽ:افتخار علي شاھ) شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي سڀاڻي يارهين ورسي ملهائي ويندي، ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پيپلزپارٽي جي قافلن جي ڳڙهي خدا بخش آمد جو سلسلو جاري آهي، سڪيورٽي لاءِ هزارين اهلڪار مقرر ڪيا ويا، مک جلسي کي بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري خطاب ڪندا.
شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، تقريبن جي شروعات ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي سڀاڻي صبح ڌاري قرآن خواني سان ڪئي وئي، ورسي جي موقعي تي مزار جي چوڌاري ۽ ڳڙهي خدابخش ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس اٽالا مقرر ڪيا ويا آهن.
ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ مان پيپلزپارٽي جي جيالن ۽ ڪارڪنن جي قافلن جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش آمد جو سلسلو جاري آهي، جيڪو سڀاڻي شام تائين جاري رهندو.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي مک جلسو منجهند هڪ وڳي شروع ٿيندو، جنهن کي پ پ جو چيئرمين ۽ شهيد راڻي جو پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري خطاب ڪندا، انهن کانسواءِ ٻيا به پارٽي جا مرڪزي اڳوڻ پڻ جلسي کي خطاب ڪندا.
ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جنهن ۾ 28 ايس ايس پيز، 76ڊي ايس پيز، 92 انسپيڪرز، 290 سب انسپيڪٽرز،465 اي ايس آئيز، 520 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 5429 ڪانسٽيبل ذميواريون نڀائيندا، کانسواءِ اسپيشل برانچ، آر آر ايف ڪمانڊوز ۽ رينجرز جا جوان پڻ مقرر هوندام، سڪيورٽي صورتحال جي سي سي ٽي ڪئمرائن ذريعي به نگراني ڪئي ويندي، واڪ ٿروگيٽ ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان چيڪنگ به ڪئي پئي وڃي.
ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهچندڙ جيالن کي رهائڻ لاءِ 200 کان مٿي ڪيمپون لڳايون ويون آهن، مزارن جي ويجهو فري ميڊيڪل ڪيمپڳن لڳائي صحت کاتي جو عملو مقرر ڪيو ويو آھي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي زندگيء جون پنجن هزارن کان مٿي تصويرون رکيون ويون آھن.

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: پاڪستاني بيٽنگ لائين واري جي ڀت ثابت، 76 تي 4 آئوٽ

فخر زمان 12، امام الحق 0، اسد شفيق 7 ۽ شان مسعود 19 ٺاهي سگهيا

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ سندس 4 رانديگر 76 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ميچ سرفراز احمد ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. اوپنر امام الحق ۽ فخر زمان ٻوٽو ٻاري نه سگهيا ۽ صرف 17 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا. امام الحق ٻڙي اسڪور تي رباڊا جو شڪار ٿيو، جڏهن ته فخر زمان 12 رنسن تي ڊيل اسٽين جو 422 هون شڪار بڻجي ويو. اوليور پاران پڻ ٻه شڪار ڪيا، اسد شفيق 7 ۽ شان مسعود 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڊيل اسٽين ڏکڻ آفريڪا طرفان سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ وڪيٽن جو شان پولاڪ وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. پاڪستان طرفان محمد عباس، شاداب خان ۽ هارث سهيل زخمي هئڻ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا.

ملير ۾ مهروز ڪرڪيٽ ڪلب پاڪ سنڌ پريميئر ليگ جي ٽرافي کٽي ورتي

مهروز اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب پهريان بيٽنگ ڪندي 137 رنسون ٺاهيون

فتح حاصل ڪندڙ ٽيم کي انعام ڏ نا پيا وڃن

ملير (ن پ ا) ملير جي شيدي ڳوٺ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پاڪ سنڌ پريميئر ليگ 2018 جي ايڊيشن جو ٻيو فائنل مقابلو مهروز اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ۽ الواجد اسپورٽس وچ ۾ ٿي گذريو، پهرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي مهروز ڪرڪيٽ ڪلب 137 اسڪور ٺاهيو، جنهن ۾ جمشيد 34، آصف وساڻ 23 ۽ رحمان 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جواب ۾ بيٽنگ ڪندي الواجد اسپورٽس ڪرڪيٽ ڪلب 6 وڪيٽن جي نقصان تي 107 اسڪور تي ڍير ٿي وئي. رنر اپ ٽيم طرفان منظور 34، اذام 19 رنسون ٺاهيون. فائنل تقريب ۾ مهمان خاص ڄام محمد خان، عبدالهادي جوکيو، حبيب زيب خاصخيلي، رمضان خاصخيلي، جان عالم جوکيو، جاويد جوکيو، عظيم خاصخيلي، لياقت بلوچ، شاهجان بلوچ، يامين خاصخيلي سميت ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رانديگرن چيو ته ملير جا رانديگر پنهنجي مدد پاڻ راندين جا ميدان سجائي رهيا آهن، ملير اندر هزارين ڪرڪيٽ جا شوقين آهن پر حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا ڪوبه سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته ملير ۾ راندين جا گرائونڊ تباهه ٿيل آهن، جيڪي رانديگر پنهنجي مدد پاڻ تحت خرچ ڪري انهن کي ٺهرائين ٿا. هنن سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ملير ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن سان سهڪار ڪيو وڃي ۽ راندين جا ميدان بحال ڪري ڏنا وڃن.

اردو ۽ پنجابي جو نالي واري شاعر منير نيازي کي وڇڙئي ٻارنهن سال گذري ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي نالي واري شاعر منير نيازي کي وڇڙئي 12 سال ٿي ويا آهن، اڄ سندس 12 هين ورسي ملهائي پئي وڇي. منير نيازي هميشه دير ڪر ديتا هون، ضروري بات ڪهني هو، ڪوئي واعده نڀانا هو، جهڙن احساسن کي لفظن جو روپ ڏيندڙ شاعر هو. منير نيازي اردو سان گڏ پنجابي ۾ به شاعري ڪئي، جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي، هن 9 اپريل 1923ع ۾ ورهاڱي کان واري پنجاب جي شهر هوشيارپور ۾ ڄائو.
منير نيازي کي مزاحمتي شاعر به چيو ويندو آهي، سندس اردو جي شاعري جا 13، پنجابي جا 3 ۽ انگريزي جا 2 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. سندس لکيل گيت ڪيترين ئي فلمن جو حصو پڻ بڻيا، جڏهن ته پاڪستاني حڪومت پاران کيس صدارتي تمغو، حسن ڪارڪردگي، ستاره امتياز ۽ اڪيڊمي اديبيات پاڪستان ”ڪمال فن ايوارڊ“ سان نوازيو ويو. منير نيازي 26 ڊسمبر 2006ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

علي عابدي جي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل پهرين به استعمال ٿيو

10 ڊسمبر تي ساڳي پسٽل سان نوجوان احتشام کي نشانو بڻايو ويو: راجا عمر خطاب

ڪراچي ( م ڊ ) علي رضا عابدي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سندس قتل ۾ استعمال ڪيل هڪ پسٽل سان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نوجوان کي به قتل ڪيو ويو هو، سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب چيو آهي ته مارجي ويل نوجوان جو واسطو ڪنهن سياسي جماعت سان نه هو.
علي رضا عابدي جي قتل ۾ استعمال ٿيل 2 پسٽل جي فارينزڪ رپورٽ اچي وئي، رپورٽ جي حوالي سان ٻڌائيندي سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب چيو ته علي رضا عابدي تي حملي ۾ استعمال ٿيل ٻن مان هڪ پسٽل 10 ڊسمبر تي ڪارروائي ۾ استعمال ڪيو ويو هو.
راجا عمر خطاب موجب 30 بور واري ان پسٽل سان 10 ڊسمبر تي لياقت آباد ۾ نوجوان احتشام کي قتل ڪيو ويو، جنهن کي 3 گوليون هنيون ويون هيون، احتشام جي وارثن موجب سندس ڪنهن به سياسي جماعت سان واسطو نه هو،
انچارج سي ٽي ڊي جو چوڻ هو ته جنهن پسٽل سان احتشام کي نشانو بڻايو هو، ان پسٽل مان ئي علي رضا عابدي تي گهڻيون گوليون فائر ڪيون ويون، حملي ۾ 2 پسٽل استعمال ڪيا ويا، ٻئي پسٽل مان رڳو هڪ گولي هلائي وئي، جنهن جي گولي ڪنهن به ٻئي واقعي سان ميچ ناهي ٿي.
راجا عمر خطاب جو وڌيڪ چوڻ هو ته علي رضا عابدي تي حملي وقت هٿياربند جي هٿن ۾ پسٽل هئا.

حيدرآباد ۾ شراب رکڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار کي ٻن مهينن جي سزا

جج الماس بتول جي عدالت جوابدار اعجاز احمد کي سزا ٻڌائي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ ) حيدرآباد جي سول اينڊ جوڊيشل ميجسٽريٽ 10 جي عدالت ڪچو شراب رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ٻن مهينن جي سزا ٻڌائي .پوليس جوابدار اعجاز احمد کي 22 آڪٽوبر 2018 تي ڪچي شراب سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو هو ،23 آڪٽوبر تي جوابدار کي جيل اماڻيو ويو هو جنهن کانپوءِ اڄ ٻڌڻي دوران ڏوهه ٿابت ٿيڻ تي جج الماس بتول جوابدار کي ٻن مهينن جي سزا ٻڌائي جيڪا سندس گرفتاري کان ڳڻي وئي جيڪا هو جيل ۾ اڳئي مڪمل ڪري چڪو هو جنهن کانپوءِ عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو .

ميهڙ جي مختيار ڪار جي لکت ۾ معافي وٺڻ بعد ضمانت منظور

حددخلين جي ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي عدالت وارنٽ جاري ڪيا هئا

دادو(رپورٽر) سيڪنڊ سول جج دادو گل محمد بروهي جي عدالت ۾ ميهڙ مان حددخليون نه هٽائڻ واري پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي مختيار ڪار ميهڙ صابر حسين ميراڻي عدالت ۾ پيش ٿيو ، عدالت مختيار ڪار ميهڙ تي حاضرين دوران پيش نه ٿيڻ تي سخت پڇاڻو ڪيو ويو ، مختيار ڪار پاران لکت ۾ معافي ۽ حاضرين تي پيش ٿيڻ بابت لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ کانپوء عدالت مختيار ڪار ميهڙ جي 50 هزار روپين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي ، مختيار ڪار عدالت کي ٻڌايو ته پاڻي ڪميشن جي چيئرمين رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم جي هدايتن تي ميهڙ ۾ آپريشن پڻ شروع ڪندي ڪيترائي قبضا هٽايا ويا آهن ، عدالت ڊي سي دادو کي حاضرين کان آجو ڪري ڇڏيو آهي

جروار:مسجد جو مينار ڊهي پوڻ سبب مزدور فوت

نياز لاشاري پراڻي مسجد کي شھيد ڪري نئين مسجد تيار ڪرڻ وارو ڪم پئي ڪيو

جروار(ن پ ا) ڳوٺ علي آباد ۾ پراڻي مسجد جي بلڊنگ کي شهيد ڪري نئين مسجد تيار ڪرڻ لاء ڪم ڪندڙ ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ اسلام لاشاري جي نوجوان نيازاحمد لاشاري مٿان مسجد جو مينار ڪري پيو. مينار مٿان ڊهي پوڻ سبب نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش ايمولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ اسلام لاشاري پهچايو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

نوشهروفيروز ۾ چوپائي مال ۾ بيماري ، 20 ڍور مري ويا ، مالوند پريشان

چوپائي مال ۾ ڳنڍ،گوگهه ، ٻيڪ ڦڦڙن ۽ مهاڙو بيماري پکڙيل ، لائيواسٽاڪ ٽيمون نه پهتون

بيماري سبب ڳوٺ ڌڻي بخش کوسو ۽ سومر کوسو ۾ 20 کان وڌيڪ مينهون ۽ ٻڪريون مري چڪيون

نوشهروفيروز(رپورٽر) ضلعي جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن اندر چوپايو مال ۾ ڳنڍ، گوگهو، ٻيڪ، ڦڦڙن جي بيماري، گُهمرو، مهاڙو جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي جنهن ڪري مالوند ماڻهن جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن. ڦل ڀرسان ديهه مينگهلو ۾ ڳوٺ ڌڻي بخش کوسو، سومر کوسو ۾ پراسرار بيماري سبب 20 کان وڌيڪ مينهون ۽ ٻڪريون مري ويون. ڳوٺ زوار محمد خاصخيلي ۾ سائينداد خاصخيلي جون 4 ٻڪريون، منور خاصخيلي جا 3 ڇيلا مري ويا. ڳوٺ خدا بخش شاهه جي رهواسي صيف علي شاهه جي مينهن مري وئي، ڳوٺ مٺا خان مري ۾ ديدار مري جون 2 ٻڪريون مري ويون، ابڙان شهر ۾ استاد سليمان چنه جي ٻڪري استاد عبدالغني جون 3 مينهون مري ويون، ڀرنڊ جي رهواسي امام الدين سولنگي، انور سولنگي جون 6 ٻڪريون مري ويون. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان جو مال مري رهيو آهي لائيو اسٽاڪ کاتي کي اطلاع ڏيڻ باوجود عملو ناهي پهتو ۽ ڊاڪٽر گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. هنن حڪومت سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فورن مال جي ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڌيڪ چوپائي مال جي حياتين کي بچايو وڃي. ٻئي طرف لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر راج ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کين مختلف ڳوٺن ۾ جانورن ۾ پيدا ٿيل بيمارين بابت ڳوٺاڻن آگاهه ناهي ڪيو ان هوندي به سياري جي هلندڙ موسم آهر نزلي، زڪام ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ لاءِ اي پي آر، اي پي پي ويڪسين ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي جيڪڏهن ڳوٺاڻا اطلاع ڏيندا ته بيمار جانورن جي ڳوٺن ۾ وڃي ان جي سهائتا ڪنداسين..