خيرپور (رپورٽر)خيرپور ۾ ضلعي انتظاميه طرفان پراڻي بس اسٽينڊ تي موجود دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ واري عمل خلاف دڪاندارن، مسترين ۽ هوٽلن جي مالڪن سيشن ڪورٽ ٻاهران ٻي ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي جڏهن ته احتجاجن طور تي متاثر مسترين، دڪاندارن، ھوٽلن جي مالڪن رات بک هڙتالي ڪئمپ تي گذاري . بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ڪندڙن ساجد ملڪ، عاشق حسين بگٽي، اعجاز جاگيراڻي، غلام قاسم ڪلهوڙو، عمران شيخ ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميان بلڊر مافيا کان لکين روپيه رشوت وٺڻ کان اسان جا بنا جواز جي 126 دڪان، ھوٽلون ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب اسان بيرزگار ٿي ويا آهيون ڪو به پڇڻ وارو ناهي 5 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ ڪالھ کان وٺي ڏينهن رات بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي بک هڙتالي ڪئمپ تي نه آيو آهي چونڊيل نمائندا پنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن اسان جا ٻچا فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي متبادل دڪان نه ڏنا ويا ته مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال جاري رکي ويندي.
“بيروزگار نه ڪريو ”خيرپورجي دڪاندارن جي ڪورٽ آڏو بک هڙتال،نعريبازي
پراڻي بس اڏي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ موجود 126 دڪانن کي پٽ ڪرڻ خلاف متاثرن رات به ڪورٽ آڏو گذاري
ضلعي انتظاميه حددخلين جي نالي تي سالن کان قائم دڪان پٽ ڪري هزارين ماڻهن کان روزگار کسيو : متاثر
اختيار ڏيڻ باوجود ادارا امن قائم نه ڪري سگهيا: وڏو وزير
علي رضا عابدي جي قتل واقعي جا پيرا قائد آباد ڌماڪي ڏانهن وڃن ٿا: وڏي وزير کي اجلاس ۾ آگاهي
ڪراچي (بيورو رپورٽ ) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ سيد علي رضا عابدي جي قتل کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو ،جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه ،سڌسماءُ واري صلاحڪار مرتضي وهاب ، آءِ جي سنڌ پوليس ، ڊي جي رينجرز ، صوبائي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي . اجلاس دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته علي رضا عابدي جي قتل جا پيرا قائد آباد ڌماڪي سان ملن ٿا واقعي جي وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي .اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 4 هفتن دوران شهر اندر دهشتگردي جا 6 واقعا پيش آيا آهن جنهن ۾ قائد آباد ڌماڪو، چيني ڪائونسل خاني تي حملو ، ايم ڪيو ايم جي مذهبي تقريب ۾ ڌماڪو ، پي ايس پي آفيس تي حملو ۽ علي رضا عابدي جو قتل شامل آهي . جاري ڪيل بيان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اسين خاموش ويٺا آهيون .هن چيو ته ٻڌايو ته نيٺ پوليس ڇا پئي ڪري ..؟؟ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ اداره ڇا پيا ڪن .؟ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مڪمل اختيار ۽ خودمختياري ڏني پر ڪي سٺا نتيجا هاصل نه ٿي سگهيا آهن .وڏي وزير چيو ته کيس هرحال ۾ شهر اندر امن ۽ شهرين جو تحفظ گهرجي ٿو ان ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي .ڊي آءِ جي سائوٿ ٻڌايو ته علي رضا عابدي جي والد جو انٽرويو ڪيو آهي ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪريون پيا .
”مشتاق منهنجو مڙس ناهي” مريم جو بيان، عدالت ناري کي والدين سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، ڀاءُ مشتاق جي زال مريم کي وارثن ناحق پاڻ ٽ رکيو آهي: درخواستگذار شوڪت سميجو
مشتاق مون کي اغوا ڪري ويو هو، ساڻس شادي نه ڪئي آهي: مريم جو عدالت آڏو بيان

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد والدين وٽ يرغمال ڄاڻايل ٿر واسڻ ناري کي سندس مرضي موجب والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ناري چيو ته جنهن شخص کي سندس مڙس ڄاڻايو ويو آهي، ان سان سندس شادي ئي ناهي ٿي، پوليس چيو آهي ته درخواست ۾ ناري جو مڙس ڄاڻايل شخص چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۾ قيد آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ داخل درخواست ۾ شوڪت سمجيو ناري شخص موقف اختيار ڪيو ته سندس ڀاءُ مشتاق سميجو مريم نالي ناري سان پرڻو ڪيو، ناري جي والدين ٻنهي کي ناحق باندي بڻائي رکيو آهي، درخواست ۾ ٻنهي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو.
ملير جي عدالت مان قتل جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي هڪ ڄڻو آزاد
ربنواز چانڊيو گهرواري جي قتل جي الزام ۾ 2 سال جيل ڪاٽيو
ملير ( ن پ ا ) ملير ڪورٽ ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج شفع محمد پيرزاده جي عدالت ۾ قتل جي ڏوھ جي الزام ھيٺ گرفتار ملزم ربنواز چانڊو تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت کيس بري ڪري ڇڏيو. گرفتارجوابدار تي الزام ھو ته ھن 2016 ۾ پنهنجي گهرواري کي زهر ڏئي قتل ڪيو آهي ، سندس سهري پاران ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو هو. ٻن سالن تائين ڪيس جي جاچ هلندي رهي، ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو . جاچ ۾ ثابت ٿيو ته تاجل پاڻ زهر کاڌو هو. آزادي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ربنواز چانڊو ٻڌايو ته سندس سھرو لالچي قسم جو انسان آهن.ھي پنهنجي نياڻي کي طلاق وٺڻ ۽ ٻئي جڳھ تي شادي ڪرائڻ لاءِ تنگ ڪندو ھيو. پي طرفان مسلمل تنگ ڪرڻ تي بيزاز ٿي سندس گهرواري زهر کاڌو هو.
متروڪ زمينن تي قبضن واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل
سپريم ڪورٽ ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست مک درخواست سان ملائي ڇڏي
ڪريم جت ۽ شنڪر لال قبضن بعد ڪيتريون ئي متروڪ زمينون وڪرو ڪري ڇڏيون: درخواست
ڪراچي ( ن پ ا) سپريم ڪورٽ متروڪ زمينن تي قبضي واري ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست مک درخواست سان ملائي ڇڏي، متروڪ ملڪيتن واري کاتي استدعا ڪئي ته ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي وڃي.
متروڪ ملڪيتن واري کاتي طرفان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2 جوابدار ڪريم جت ۽ شڪنر لال کاتي جي زمينن تي قبضا ڪيا ۽ اڌ کان وڪيلن ملڪيتون وڪرو ڪري ڇڏيون ۽ جعلي ڊيڊ سيل ذريعي زمينون وڪرو ڪندا رهيا آهن، انهن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن.
درخواست ۾ چيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي آهي، جيڪا رد ڪئي وڃي.
سپريم ڪورٽ ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست کي قبضن بابت مک درخواست سان ڳنڍيندي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو
”مفاهمت يا مزاحمت“ اڄ پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان
نئين ديري ۾ اجلاس دوران جي آءِ ٽي رپورٽ سميت موجوده سياسي صورتحال تي مشاورت ٿيندي
لاڙڪاڻو (ن پ ا) پيپلزپارٽي جي سي اي سي جو اهم اجلاس اڄ نئون ديرو هائوس ۾ ٿي رهيو آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ سميت مجموعي سياسي صورتحال جي حوالي سان نئين حڪمت عملي جوڙي ويندي، ذ ريعن موجب پيپلزپارٽي هن ڀيري مفاهمت بدران مزاحمتي پاليسي کي ترجيح ڏيندي.
نئون ديرو هائوس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت ۾ پيپلزپارٽي جي سيٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس شام نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کانسواءِ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن جي به شرڪت جو امڪان آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريبن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن سميت اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.
اجلاس دوران مني لانڊرنگ ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ تي مشاورت سميت ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد پارٽي جي نئين حڪمت عملي جوڙي ويندي، ذريعن موجب اجلاس دوران موجوده سياسي صورتحال ۾ مفاهمت بدران مزاحمت جي پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سُپريم ڪورٽ طرفان ذولفي بخاري جي نااهلي واري درخواست رد
سُپريم ڪورٽ ذولفي بخاري کي وزيراعظم جي خصوصي معاون طور ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ذلفي بخاري کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست رد ڪندي کيس صلاحڪار طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي ٻٽي شهريت وارو فيصلو ذلفي بخاري تي لاڳو نه ٿو ٿئي، پر هو مملڪتي وزير طور ڪم نه ٿو ڪري سگهي.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ذلفي بخاري جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ذلفي بخاري جو وڪيل اعتزاز احسن به پيش ٿيو، درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ذلفي بخاري وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪابينا اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو رهي ٿو.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ذلفي بخاري ڪير آهي، ڪٿان آيو آهي، پوري سمري کڻي اچو، هن ويب سائيٽ تي مملڪتي وزير وارو عهدو ڇو لکيو، جنهن تي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته ذلفي بخاري مملڪي وزير جو اسٽيٽس ڪليم ناهي ڪيو ۽ هُن جي ڪري برٽش ايئر ويز پاڪستان ۾ واپس آئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته بهتر اهو هجي ها ته اوهان پي آءِ اي کي بهتر بڻايو ها.
ارشد پپو قتل ڪيس جي هڪ جوابدار جي ضمانت منظور، ٻئي جي رد ٿي وئي
سنڌهاءَ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي ،عدالت چاند خان نيازي جي ضمانت منظور جڏهن ته جوابدار ذاڪر ڊاڊا جي رد ڪئي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءَ ڪورٽ ۾ ارشد پپو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت هڪ جوابدار چاند خان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي جڏهن ته ساڳي ڪيس ۾ هڪ ٻئي جوابدار ذاڪر ڊاڊا جي ضمانت رد ڪئي وئي .ارشد پپو ڪيس ۾ 2 جوابدار يوسف بلوچ ۽ جاويد بلوچ پهريان ئي ضمانت تي آزاد ٿيل آهن .جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جيستائين ڪيس جي مرڪزي جوابدار عذير بلوچ کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي تيستائين جوابدارن جي ضمانت منظور نه ڪئي وڃي جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ان ڳالهه جي ضانت ڏيو ٿا ته ايندڙ ٻڌڻي تائين عزير بلوچ ۽ اکين ڏٺن شاهدن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ..؟ جنهن تي جاچ آفيسر يامين گجر چيو ته هو ان جي ضمانت نٿو ڏئي سگهي .جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته عزير بلوچ جي آءِ ٽي آڏو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي پيءُ جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ ارشد پپو کي قتل ڪيو .جڏهن ته ٻين جوابدارن جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته سندس موڪل واقعي واري هنڌ تي موجود نه هئا مٿن ڪوڙو الزام مرهيو ويو آهي جنهن کانپوءِ هڪ چڻي جي ضمانت منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي منظور ڪئي وئي .
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: پاڪستان جو ڏکڻ آفريڪا خلاف پهريان بيٽنگ جو فيصلو
پهرين ٽيسٽ ۾ زخمي هارث سهيل جي جڳهه تي شان مسعود کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميچ سرفراز احمد ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان محمد عباس، شاداب خان ۽ هارث سهيل زخمي هئڻ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم جو حصو هوندو. سينچورين جي پچ بالرن لاءِ سازگار ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا تيز ۽ بائونسي آهي، جڏهن ته پچ تي بال سوئنگ ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن. پاڪستان جي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، شان مسعود، بابر اعظم، سرفراز احمد، حسن علي، ياسر شاهه، محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شامل هوندا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيل اسٽين کي پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڊيل اسٽين شان پولاڪ جو 422 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙيندو.
صنعتي پلاٽن جو ڪمرشل استعمال: واٽر ڪميشن سنڌ سرڪار کي پاليسي جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
صنعتي پلاٽ ڪهڙي قانون تحت ڪمرشل لاءِ استعمال پيا ٿين: واٽر ڪميشن جو پڇاڻو
نالن تان ڪمرشل استعمال فوري طور ختم ڪيو وڃي: واٽر ڪميشن جو حڪم

ڪراچي(ن پ ا) صنعتي پلاٽ ڪهڙي قانون تحت ڪمرشل لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن، وضاحت ڏني وڃي: واٽر ڪميشن سنڌ سرڪارکي هڪ مهيني اندر پاليسي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ نالن تان ڪمرشل جو استعمال فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته صنعتي پلاٽس تي ڪمرشل سرگرميون ڪيترن ئي سالن کان جاري آهن، ڪيئن ٿيون ختم ڪري سگهجن؟
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن حيدرآباد جا صنعتي پلاٽس ڪمرشل لاءِ استعمال ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻيا ڪميشن آڏو پيش ٿيا.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته صنعتي پلاٽس تي ڪمرشل سرگرميون ڪيترن ئي سالن کان جاري آهن، ڪيئن ٿيون ختم ڪري سگهجن؟، فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ به ڪجهه ڪمرشل شيون ٺهي ويون آهن.
ڪميشن ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته صنعتي پلاٽس ڪمرشل بنيادن تي ڪيئن ٿا استعمال ٿي سگهن، 80 سيڪڙو صنعتي پلاٽ ڪمرشل بنيادن تي استعمال ٿي رهيا آهن، نالا کي به ناهي ڇڏيو ويو.
”ڪرپشن جو پئسو واپس ڪندس“ قمبر شهدادڪوٽ جي اڳوڻي اي ڊي او ممتاز طرفان سُپريم ڪورٽ آڏو ضمانت
عدالت اڳوڻي اي ڊي او جي مشروط ضمانت منظور ڪري ورتي،: عدالت
65 لک رُپيا جمع ڪرائڻ بعد ممتاز کي آزاد ڪيو وڃي

اسلام آباد (رپورٽر) سُپريم ڪورٽ قمبر شهدادڪوٽ جي اڳوڻي اي ڊي او جي ضمانت منظور ڪندي کيس 65 لک رُپيا جمع ڪرائڻ بعد آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي اندر تعليم کاتي ۾ ڪرپشن واري ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران ريفرنس ۾ ڄاڻايل جوابدار قمبر شهدادڪوٽ جي اڳوڻي اي ڊي او ممتاز علي جي وڪيل عدالت کي ضمانت ڏني ته ڪرپشن ذريعي لُٽيل پئسو واپس ڪيو ويندو. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيڪڏهن جوابدار ڪرپشن جو پئسو واپس ڪري ته سندس ضمانت تي اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي. عدالت اڳوڻي اي ڊي او جي ضمانت مشروط طور منظور ڪندي چيو ته جوابدار طرفان 61 لک رُپيا جمع ڪرائڻ بعد کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.
ڏهرڪي: ايس ايس پي جي نوٽيس بعد شاگرد سان زيادتي جو ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار
ايس ايس پي گهوٽڪي متاثر ڌر تي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو
پوليس ڪيس نينگر جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي پوليس معصوم شاگرد سان زيادتي واري معاملي جو ايس ايس پي جي نوٽيس بعد ڪيس داخل ڪندي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ڪجهه ڏينهن اڳ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايل معصوم شاگرد جي وارثن الزام هنيو هو ته پوليس راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، اهڙي معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺندي ڏهرڪي پوليس کي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ايس ايس پي جي هدايتن تي پوليس نينگر جي پيءُ عبدلجبار جي فرياد تي جوابدارن فضل سومرو ۽ علي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٻنهي کي گرفتار به ڪري ورتو
علي رضا عابدي جو قتل ڪراچي جي سڪيورٽي تي سواليه نشان آهي: عاصم حسين

ڪراچي ( ن پ ا) اڳوڻي پيٽروليم وزير ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته علي رضا عابدي جو قتل ڪراچي شهر جي سڪيورٽي تي سواليه نشان آهي، قاتلن جي نشاندهي ڪري شهر ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصم حسين نوازشريف سزا ۽ آصف زرداري جي ڪيس بابت ڪجهه به ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته نوازليگ ۾ قيادت ئي ناهي ۽ پارٽي ڪير به سنڀالي، ڪو به فرق نه ٿو پوي.
عاصم حسين علي رضا عابدي جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته علي رضا عابدي بهترين انسان هو، سندس قتل شهر جي سڪيورٽي تي سواليه نشان آهي، قاتلن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته علي رضا عابدي جي قتل کانپوءِ ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ٻيهر اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
آمريڪا ۾ ويٽريس ٽيڪجي وئي، 10 هزار ڊالرن جي ٽِپ،

ڪيرولينا (م ڊ) آمريڪا ۾ هڪ هوٽل تي ڪم ڪندڙ نينگري کي 10 هزار ڊالرن جو ٽپ مليو آهي، جنهن تي سڀ حيران آهن. ايليانا ڪسٽر هڪ هوٽل ۾ ڪم ڪندي هئي، جتي هن هڪ گراهڪ کي کاڌو توڙي ٻيون شيون کڻي سندس خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ايليانا جو چوڻ آهي ته هوٽل ۾ آيل ان شخص گهڻو ڪجهه آرڊر نه ڏنو پر هو خاموشي سان ويٺل رهيو.
ايليانا موجب هن حيرانگي طور کيس 10 هزار ڊالر جو ٽپ ڏنو، ان محل هوءَ ان کي مزاق سمجهي رهي هئي پر ان همراهه کيس يقين ڏياريو ته توهان لاءِ اهو ٽپ آهي. هوٽل مالڪ پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته کيس به يقين نه آيو، پر اها حقيقت آهي. واضح رهي ته اها خبر پراڻي آهي پر اڃان تائين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
”رهتون ڏيو“ اسلام آباد سرڪاري آفيسن جا ڪنيڪشن ڪاٽا

اسلام آباد (ن پ ا) آئيسڪو رهتون ادا نه ڪرڻ تان سي ڊي اي چيئرمين جي آفيس، چڪلالا ڪينٽ بورڊ هيڊ آفيس سميت مختلف سرڪاري ۽ نجي عمارتن جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا.
اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جو باقيدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، آئيسڪو ترجمان موجب سي ڊي اي چيئرمين جي آفيس ڏانهن هڪ ڪروڙ 52 لک رپين جون رهتون آهن، جنهن تان آفيس جو ڪنيڪشن ڪاٽيو ويو آهي.
ترجمان موجب چڪلالا ڪينٽ بورڊ هيڊ آفيس ۽ ڊي جي پي ڊبليو ڊي هيڊ آفيس سميت 10 ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، ڊي جي پي ڊبليو ڊي هيڊ آفيس ڏانهن 158 ملين رهتون آهن، واسا طرفان 175 ملين مان 35 ملين جون رهتون ادا ڪرڻ بعد بجلي جزوي طور بحال ڪئي وئي.
آئيسڪو چيف شاهد اقبال جو چوڻ آهي ته باقيدارن کان رهتن جي اوڳاڙي تائين بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽيل رهندا.