نصيرآباد(ن پ ا)باء پاس روڊ تي بدين کان ڳڙھي خدابخش محترمه بينظير ڀٽو جي27 ورسي تي ڊيوٽي لاءِ پوليس اهلڪارن کي کڻي ويندڙ ڪوسٽر ۽ چنگچي ۾ ٽڪر ٿي وئي.ٽڪر جي نتيجي ۾ چنگچي ڊرائيور اسدﷲ چانڊيو سخت زخمي پيو جڏھن تھ بس ۾ سوار ليڊي پوليس اهلڪار فرزانھ سومرومعمولي زخمي ٿي. زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو..
سنڌ جي عدالتن ۾ اڄ کان 15 ڏينهن لاءِ سياري جون موڪلون، اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ٿيندي

ڪراچي(ن پ ا ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت سموري صوبي جي عدالتن ۾ اڄ کان 9 جنوري تائين سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهم ڪيسن جون ٻڌڻيون جاري رکيون وينديون.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب سموري سنڌ جي عدالتن ۾ سياري لاءِ 15 ڏينهن جون موڪلون ڪيون ويون آهن.
رجسٽرار موجب اڄ کان 9 جنوري تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ موڪلون هونديون، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پرنسپل بينچ ۾ 2، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سرڪٽ بينچ ۾ هڪ هڪ بينچ اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب موڪلن دوران عدالتن ۾ صبح ساڍي نائين کان منجهند هڪ وڳي تائين اهم ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿينديون.
”7 سالن جيل ڀوڳڻ کانپوءِ آزادي“ گجرات واسي جوابدار آزاد
سُپريم ڪورٽ ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ 7 سالن کان جيل ڀوڳيندڙ منير احمد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
جوابدار خلاف ثبوت نه مليا آهن، بظاهر پوليس رڪارڊ ۾ گڙٻڙ ڪئي آهي: جسٽس آصف سعيد کوسا

اسلام آباد (رپورٽر) پنجاب جي علائقي گجرات ۾ ٻن ڄڻن جي قتل واري ڪيس جي جوابدار کي 7 سالن کانپوءِ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ گجرات ۾ ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت 7 سالن تائين جيل ڀوڳيندڙ جوابدار منير کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته الزام هڻندڙ ڌُر جوابدار خلاف پڪا ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي، تنهن ڪري منير احمد کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪيو وڃي ٿو. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته مقتولن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي اُبتڙ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، بظاهر پوليس رڪارڊ ۾ گڙٻڙ ڪئي آهي. تربيت هيٺ ججز کي چيو ويندو آهي ته قتل ڪيس تي فيصلو ڏيڻ اوهان جو ڪم نه آهي.
”ڳڙهي خيري ۾ واپڊا عملدارن جو ڪمال“ بجليءَ جون تارون لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيون
دوداپور فيڊر جا پول ڪري پوڻ بعد عملدارن بجلي جون تارون لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيون آهن: شهري
خوف آهي ته ڪو حادثو نه پيش اچي، عملدارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو: شهري

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙھي خيرو ۾ واپڊا اختيارين ڪمال جو ڪم ڪندي بجلي جي 11 ھزار وولٽ جون تارون ٿنڀن بجاءِ لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيون. ڳڙهي خيرو جي دوداپور فيڊر تي بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ کانپوءِ واپڊا عملدارن نوان پول ھڻڻ بدران بجلي جي تارن کي لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري رهواسين ۾ خوف پکرجي ويو آهي. شهرين چيو آهي ته ٿوري به تيز هوا آئي ته اهي لڪڙا ڪرِي پوندا ۽ خدا نه ڪري ڪو نقصان ٿي سگهي ٿو.
چرس وٺو، کاڌو ڏيو، فلوريڊا ۾ نوجوان چرس ذريعي بل ڏيندي گرفتار ٿي پيو
فلوريڊا واسي ميڪڊونلڊ ۾ بل چرس ذريعي ڀرڻ جي ڪوشش

فلوريڊا (م ڊ) آمريڪا ۾ 23 سالن جو نوجوان بک سبب پاهه ٿيڻ کانپوءِ هڪ ميڪڊونلڊ ريسٽورنٽ تي ويو ۽ چرس جي ٿيلهي جي بدلي ۾ کاڌي جي طلب ڪيائين پر ابتو کيس پوليس کان گرفتار ڪرايو ويو. آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ نوجوان انٿوني اينڊريو ميڪڊونلڊ ۾ آرڊر ڏنو، کاڌو کائڻ کانپوءِ جڏهن کيس بل گهريو ويو ته هن پيسا نه هئڻ تي چرس جو ٿيلهو ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي. هوٽل مالڪ پوليس سان رابطو ڪري کيس گرفتار ڪرائي ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ به گرفتار ڪيل چرس ذريعي سامان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
علي رضا عابدي جو قتل: وڏي وزير امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا واڳيل آفيسر شرڪت ڪندا
ڪجهه مافيائون امن خراب ڪرڻ گهرن ٿيون، پر اسان ائين ڪرڻ نه ڏينداسين:مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) علي رضا عابدي جي قتل کانپوءِ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ٿيل پڌرائي موجب وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري سوڌو واڳيل عملدار شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ شهر اندر ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن، امن امان کي يقيني بڻائڻ ۽ اهم شصخيتن جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه علي رضا عابدي جي قتل جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ صوبي جو امن خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪجهه ٽارگيٽ ڪلرز ۽ مافيائن جا مُهرا صوبي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، پر ڪنهن کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين.
خانواهڻ: گٽرن جي گندي پاڻي سبب پورهيتن جا 2 گهر ڊهي پيا، ازالي جو مطالبو
خانواهڻ )ن پ ا) گٽرن جي گندي پاڻي غريب پورهيتن جا اجها ڊاهي ڇڏيا
گٽرن جو گندي پاڻي ڪافي عرصي کان نيڪال نه ٿيڻ ڪري غريب پورهيتن جا 2 گهر ڊهي پيا، جنهن سبب پورهيتن سخت سيءُ ۾ پريشانين کي منهن ڏنو.
پورهيتن شاهد ملاح ۽ گلشن سولنگي جو چوڻ آهي ته ڪافي عرصي کان گندو پاڻي بيٺل هئڻ سبب گهرن جون ڀتيون ڪمزور ٿي ويون ۽ رات دير سان ٻئي گهر ڊهي پيا، ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو.
پورهيتن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪري سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي
”پٽ بنا جيئڻ ڪهڙو“ پيرڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن آپگهات ڪندڙ نوجوان جي پيءُ به خودڪشي ڪري ڇڏي
نوجوان ڪيلاش ڪمار گھرو پريشانين سبب گذريل ڏينھن آپگھات ڪيو ھو
پٽ جي وڇوڙي جي صدمي ۾ چيت رام بھ گاسليٽ پيءُ خودڪشي ڪري ڇڏي
خانپورمھر( ن پ ا) گذريل ڏينهن آپگهات ڪندڙ نوجوان جي پيءُ به جگر جي ٽڪڙي جو وڇوڙو برداشت نه ڪندي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.
گذريل ڏينھن گھرو نوجوان ڪيلاش ڪمار پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو، جنهن جي وڇوڙي پيءُ جو جيءُ جهوري ڇڏيو ۽ 50 ورھين جو چيت رام نوجوان پٽ جي جدائي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هن به گاسليٽ پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو
علائقي ۾ چوٻول آهن ته متاثر خاندان جو مائيٽن سان سڱاوتي معاملو هلندڙ آهي، جنهن سبب نوجوان پريشانين کي منهن ڏئي رهيو هو
ميهڙ: مغوي واپاري تي هڪ ٻئي واپاري جي فرياد تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو
ضمير مونکان 60 لک رپين جو زرعي سامان وٺي فراڊ ڪيو، پيسا نه ٿو ڏئي: روشن شيخ
واپاري ضمير ڏيرو اغوا ناهي ٿيو، کيس حيدرآباد پوليس کنڀي وئي آهي: ذريعن جي دعويٰ
ميهڙ (ن پ ا) پوليس گذريل ڏينهن مبينا طور اغوا ٿي ويل واپاري تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ذريعن موجب واپاري اغوا ناهي ٿيو، کيس حيدرآباد پوليس کنڀي وئي آهي.
سيڪشن ٿاڻي پوليس واپاري روشن شيخ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته واپاري ضمير ڏيرو مون کان 60 لک روپين جو زرعي ڀاڻ، دوائون ۽ سارين جوٻج ورتو، پر هن اڃا تائين پيسا ناهن ڏنا ۽ فراڊ ڪيو آهي.
گذريل ڏينهن انڊس هاءِ وي تان ڪار ۾ سوار هٿياربندن هٿان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ضمير ڏيرو جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي، ٻئي طرف روزاني پنهنجي اخبار کي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته واپاري ضمير ڏيرو اغوا نه ٿيو آھي پر کيس سي آء پوليس حيدرآباد جا اهلڪار ڪار ۾ کڻي ويا آھن، پر اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا اڄ پهرين ٽيسٽ ۾ مقابلو ڪندا
پاڪستان 8 سالن کانپوءِ ساڳي گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ کيڏندو
وڪيٽ فاسٽ بالرن لاءِ سازگار هوندي، بيٽنگ ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ اهم

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مقابلو ڪندا، سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميچ 1 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان طرفان محمد عباس زخمي هئڻ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم جو حصو هوندو. سينچورين جي پچ بالرن لاءِ سازگار ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا تيز ۽ بائونسي آهي، جڏهن ته پچ تي بال سوئنگ ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن. پاڪستان جي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، حارث سهيل، بابر اعظم، سرفراز احمد، حسن علي، ياسر شاهه، محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شامل هوندا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيل اسٽين کي پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڊيل اسٽين شان پولاڪ جو 422 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙيندو.
نوشھروفيروز:ڄاڃين سان ڀريل بس ڪلٽي.ڊرائيور فوت
گھوٽ سميت 27 ڄڻا زخمي.7 سخت زخمي نوابشاھ اسپتال منتقل
نوشهروفيروز(ن پ ا) قومي شاهراهه تي ڪنڊيارو ڊگري ڪاليج موڙ وٽ ڄاڃين سان ڀريل بس ڪلٽي ٿي پئي. بس ڊرائيور زاهد اعواڻ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته گهوٽ ارشد اعواڻ سميت 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا.زخمين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن جن کي ڪنڊيارو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ اظهر، شهزاد، ثقلين، عاصمه، مصطفي، صغران بيگم، توقير، ڪلثوم، بيگم عقاب، رشيدان بيگم، بي بي مسڪان، نازش، صبح فاطمه، نصرت، پروين، الهه بچايو، شاهد، اختر ۽ محمد صديق شامل آهن جن مان ست زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين نوابشاه منتقل ڪيو ويو ويو آهي. ڄاڃين جي بس گهوٽ پرڻائڻ لاء پنجاب جي علائقي راجپور کان مورو اچي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب موڙ ڪاٽيندي بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ حادثو پيش آيو۔
اسرائيل جي شام مٿان هوائي بمباري، ڪيترائي فوجي زخمي
اسرائيل پاران دمشق ۾ هٿيارن جي گودام تي حملو ڪيو
اسرائيل پاران هوائي حملي جي تصديق ناهي ڪئي وئي
دمشق (ا ڊ) شام جي گادي واري هنڌ دمشق ڀرسان زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا، جنهن جي باري ۾ شام جو چوڻ آهي ته اسرائيل پاران هوائي حملا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ اسلحي جي ڊپو کي نشانو بڻايو ويو آهي. شامي فوجي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حملي ۾ ڪيترائي فوجي زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ٻي پاسي سرڪاري ميڊيا پاران چيو ويو ته اسلحي جي ڊپو تي حملي سبب 3 فوجي زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيل پاران حملي جي تصديق ناهي ڪئي، سندس چوڻ هو ته سندن دفاعي ميزائل سسٽم کي لاڳو ڪيو ويو آهي ته جيئن شام ميزائلن کي روڪي سگهجي سگهجي. دمشق ۾ زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا ۽ گولا باري جا آواز پڻ ٻڌا ويا. اسرائيل ان کان اڳ به شام تي ڪيترائي ڀيرا حملا ڪري چڪو آهي،
سنڌ اسيمبلي ۾ اسٽينڊنگ ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيون قائم نه ٿيون، قانونسازي رڪيل، مالي معاملا معطل
2008 ۽ 2009 کان پوءِ جون سرڪاري آڊٽ رپورٽون به پي اي سي مان منظوري جون منتظر
صوبائي اسيمبلي ۾ ڪميٽين جو انگ 36، پي اي سي سربراهي تان تڪرار جو امڪان
ڪراچي(رپورٽ: دودوچانڊيو)سنڌ جي نئين چونڊجي آيل اسيمبلي کي پنج مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين نه اسٽينڊنگ ڪاميٽيون جڙي سگهيون آهن نه وري پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي قائم ٿي سگهي آهي جنهن ڪري جتي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي انتظار ۾ ڪيترائي بل اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پيل آهن اتي 2008 ۽ 2009 کان پوءِ جون سرڪاري آڊٽ رپورٽون به پي اي سي جي انتظار ۾ آهن سنڌ اسيمبلي جي قائدن موجب اسيمبلي قائم ٿيندي ئي پهرئين اجلاس ۾ اسٽيندنگ ڪاميٽيون قائم ٿيڻون آهن جن جو تعداد 36 آهي جيڪي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن تي ٻڌل هونديون آهن جن جا چيئرمين چونڊبا آهن جيڪي نه صرف قانونسازي پر اسيمبلي جي سموري ڪاروهنوار ۾ حصيدار هونديون آهن. سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ انهن ڪاميٽين جي چيئرمينن کي باقائدا گاڏيون، ڊرائيور ۽ پيٽرول ادا ڪندي آهي اسٽيندنگ ڪاميٽين جي اجلاسن ۽ گڏجاڻين جا سامورا خرچ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريت ادا ڪندو آهي. اهي اسٽيندنگ ڪاميٽيون نه رڳو اسيمبلي اندر پيش ٿيندڙ بلن تي غورويچار ڪري سفارشون جوڙينديون آهن پر کوڙ معاملن ۾ اسيمبلي جي معاونت به ڪنديون آهن. 18 هين ترميم تحت هر صوبائي اسيمبلي کي هڪ سئو ڏينهن تائين لازمي طور اجلاس هلائڻو هوندو آهي هن وقت سنڌ اسيمبلي پنهنجي پهرئين سال جي مدي جو ذري گهٽ اڌ حصو گذاري چڪي آهي انهن پنجن مهينن دوران پنج اجلاس ڪري چڪي آهي مجموعي طور 100 مان 30 ڏينهن اجلاس ڪري چڪي آهي پر اڃا تائين اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي جوڙجڪ نه ٿي سگهي آهي اسيمبلي جي انهن ڪاميٽين ۾ سڀ کان اهم ڪاميٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي هجي ٿي جنهن جي منظوري کان سواءِ حڪومت جا ڪيل سڀ خرچ قانوني نه ٿا بنجي سگهن. جيستائين پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ناڻي کاتي ۽ آڊٽ ڊپارٽمينٽ سان گڏجي سممورن سرڪاري کاتن جي ڪيل خرچن جي منظوري نه ٿي ڏئي ان وقت تائين گورنر فنانس بل تي سهي نه ڪندو. پنج مهينا گذرڻ باوجود پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي به قائم نه ٿي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جا ڪافي اجلاس به ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر پنهنجا نالا به ڌئي چڪي آهي پر حڪومتي ڌر پنهنجو ڪو فيصلو ناهي ڪري سگهي.
عادلپور جي ساجد ڪلوڙ ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، وارثن جو پوليس جي آندل منڍي قبولڻ کان انڪار، ڊي اين اي رپورٽ نه ملي
اهلڪارن قبرستان مان ڪنهن اڻ ڄاتل شخص جي منڍي کڻي مقتون نوجوان جي وارثن کي ڏني: ذريعا
اهلڪارن پراڻي منڍي هٿ ڪئي، ڊي اين اي لاءِ جزا اسلام آباد بدران ڄامشوري اماڻڻ تي به سوال
ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: مشتاق ميراڻي ۽ برڪت ميراڻي) عادلپور ۾ قتل ٿيل نوجوان جي گم ٿيل منڍي واري معاملي بابت پوليس ذريعن وٽان ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامھون آيو آھي. گھوٽڪي پوليس انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيندي ۽ مقتول جي وارثن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندي قبرستان مان اڻڄاتل شخص جي منڍي کڻي اچي وارثن کي ڏني، مقتول جي وارثن منڍي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي مليل معلومات موجب عادلپور شھر ۾ اٽڪل ڏيڍ مھينو اڳ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ساجد ڪلوڙ جنھن کي نامعلوم جوابدار قتل ڪرڻ کانپوء سندس منڍي وڍي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ھئا ان ڪيس جا پوليس جوابدار ته گرفتار ڪري نه سگھي آھي پر سندس گم ٿيل منڍي واري معاملي کي به مذاق بڻائي ڇڏيو آھي. ان حوالي سان پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آھي ته ھفتو اڳ گھوٽڪي جي سي آءِ اي ۽ عادلپور ٿاڻي جي پوليس جيڪا منڍي ھٿ ڪري وارثن وٽ کڻي آئي ھئي، اھا ساجد ڪلوڙ جي نه پر ڪنهن اڻ ڃاتل شخص جي آھي ذريعن موجب ضلعي گھوٽڪي جي مختلف شھرن ۾ قاتلن جي گرفتاري ۽ مقتول جي منڍي ھٿ ڪرڻ جي حوالي سان جيڪي احتجاج ٿي رھيا ھئا انھن جو زور ٽوڙڻ لاء پوليس ھڪ حڪمت عملي تحت قبرستان مان ڪنهن قبر کي کوٽي منڍي ڪڍي وارثن وٺ کڻي آئي ھئي۽ انهن تي زور ڀريو ته هو اھا منڊي ساجد ڪلوڙ جي سمجهي قبول ڪنپر مقتول ساجد جي وارثن اھا منڊي وٺڻ کان کتو جواب ڏيندي ان جي مالڪي کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ھاڻي اھا منڊي ڪٿي آھي ان بابت ڪا به ڄاڻ نه آھي. جڏھن ته پوليس چئي رھي آھي ته اھا منڍي ڊي اين اي ٽيسٽ لاء ڄامشورو موڪلي وئي آهي. هاڻ ان معاملي تي ڪيترا سوال پيدا ٿي پيا آھن پوليس کي مليل منڊي ساجد ڪلوڙ جي ناھي ته پوء ڪنھن جي آھي ـ منڍي 35 ڏينھن کان پوء کليل ميدان ۾ ڪير اڇلائي ويو ـ منڍي ڪنھن ٻئي عام ماڻھو کي نظر ڇو نه آئي ۽ پوليس کي ئي منڍي ڇو ملي ـ منڊي 35 ڏينھن بعد شھر ٻاھريان ڪير اڇلائي ويو ـ پوليس وارثن تي زور ڇو ڀريو ته منڊي ساجد جي آھي وڃي دفنايو ـ ڊي اين اي لاء جزا اسلام آباد موڪلڻ بجاء ڄامشورو ڇو موڪليا ويا. ۽ اڃا تائين رپورٽ به نه آئي آهي.
جيڪب آباد ۾ 10سالن دوران 32 عورتون قتل، 11 اغوا ۽ 7 عورتن کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو
ضلعي ۾ عورتن تي تشدد ۽ حراسان سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا، سرڪار ستل!
2007 کان 18ع 32 عورتون ڪارنهن الزام هيٺ قتل، 7 کي وحشت جو نشانو بڻايو ويو

ڪراچي(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 10 سالن دوران 32 عورتون ڪاري ڪري ماريون ويون، 11 عورتون اغوا ۽ 7 کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جھيڙن ۾ 7 عورتون قتل ٿيون، ضلعي ۾ عورتن تي تشدد ۽ کين حراسان ڪرڻ سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا. 2007 کان وٺي 2018 تائين صرف هڪ ضلعي جيڪب آباد ۾ 32 عورتن کي ڪاري ڪري ماريو ويو، 7 عورتن کي حوس جو نشانو بڻايو ويو ۽ مختلف جھيڙن ۾ 12 حوا ڄائيون قتل ڪيون ويون. ضلعي ۾ 95 عورتون گھريلو تشدد، 35 عورتون هراسمينٽ جو شڪار ٿيون. 11 عورتن کي اغوا ڪيو ويو، 30 ٻارڙين جون شاديون ڪرايون ويون، 396 عورتون مسئلن توڙي ٻين سببن جي ڪري تحفظ لاءِ ڀٽڪنديون رهيون. اهڙي طرح سڄي ضلعي ۾ 10 سالن دوران مجموعي طور عورتن تي تشدد، حراسان ڪرڻ، ڪاروڪاري، ننڍي هوندي شادين. خانداني مسئلن، طلاق، ملڪيتن مان حصو نه ڏيڻ سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا. وومين ڊولپمينٽ جي رپورٽ موجب 65 عورتن کي قانوني ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي.