fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سيف هائوس هلائڻ لاءِ بجيٽ ڪٿان آڻيون؟ مختلف ڊي سيز پريشان

پھريان دارالامان جي حالت سڌارڻ گھرجي، سرڪار سنجيدھ ناھي: مھتاب اڪبر راشدي

ڪراچي: سيف هائوس هلائڻ لاءِ بجيٽ ڪٿان آڻيون؟ مختلف ڊي سيز پريشان آهن. عدالت طرفان سيف هائوس ٺاهڻ جا حڪم ته ڏنا ويا آهن پر انهن سيف هائوسن کي ڪيئن هلائجي ؟ ان حوالي سان مختلف ضلعن جا ڊي سيز پريشان ٿي ويا آهن. ڪجھه ضلعن جي ڊي سيز “پنهنجي اخبار” کي آف دي رڪارڊ ٻڌايو ته سيف هائوس هلائڻ لاءِ باورچين سميت ٻيو اسٽاف گھرجي ٿو. هنن ٻڌايو ته سيف هائوس ۾ جيڪي عورتون تحفظ لاءِ منتقل ڪيون وينديون، انهن جي کاڌي پيتي لاءِ بجيٽ جي ضرورت آهي. بجيٽ نه هئڻ سبب سيف هائوسن کي هفتي ٻن لاءِ ضلعي جي خرچ تي هلائي سگھجي ٿو پر مستقل بنيادن تي سيف هائوس نٿا هلائي سگھون، سوشل ويلفئير کاتي جي سيڪريٽري طاحه فاروقي چيو آهي ته مورن ضلعن کي بجيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ ناڻي واري کاتي کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. هن چيو ته هر ضلعي کي سيف هلائڻ لاءِ ساليانه 50 لک ڏيڻ لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري کي سمري موڪلي ڇڏي آهي، جون يا ان کان اڳ ڄاڻايل ضلعن کي بجيٽ ملي ويندي، اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته جڏهن دارالامان موجود آهن ته پوءِ سيف هائوسن جي ڪهڙي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين دارالامان جي حالت سڌاري وڃي. هن چيو ته سيف هائوسن لاءِ عدالت حڪم ڏنو آهي پر حڪومت ڪنهن به مسئلي تي سنجيدهه ناهي، عدالت حڪم ڏيندي آهي ته ان حڪمن تي عمل به پاڻ ڪرائي .

سنڌ ۾ هوا ڄائي نڌڻڪي! سيف هائوس منصوبي جو خواب به ساڀيان ٿيڻ مشڪل!

عدالتي حڪم ٿڏيل، 5 مهينن ۾ ٻن ڪمرن وارا گهر مختص نه ٿيا، انتظاميا لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ به چيلينج

جتي گهر مليا اُتي سهولتون اڻلڀ، جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص سميت 8 ضلعن ۾ جڳهه به مختص نه ٿي، ڪاميٽين جو ڪم به رُلي ويو
سنڌ جي حوا ڄائي نڌڻڪي

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ تشدد جو شڪار عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي سيف هائوس کولڻ وارو منصوبو رولڙي جو شڪار، عدالتي حڪمن باوجود مختلف ضلعن جي انتظاميه 5 مهينن دوران سيف هائوسن لاءِ رڳو ٻن ڪمرن وارا گھر مختص ڪري سگھي، پر اتي بنيادي سهولت موجود ئي ناهن ۽ نه ئي اسٽاف مقرر ٿي سگھيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ نگينه ڊکڻ واري واقعي کان پوءِ صوبي جي هر ضلعي ۾ تشدد جو شڪار عورتن لاءِ “سيف هائوس” کولڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري سمورن ضلعن جي ڊي سيز کي پابند بڻايو هو ته عارضي بنيادن تي پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ سوشل ويلفيئر کاتي ۽ عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي سهڪار سان “سيف هائوس” کوليا وڃن. 5 مهينا گذرڻ باوجود به ضلعن ۾ سيف هائوس نه کُلي سگھيا آهن. ڪافي ضلعن ۾ سيف هائوس قائم ڪرڻ ته ٺهيو پر انتظاميا ڪميٽيون ٺاهڻ جي به زحمت نه ڪئي آهي. حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظيرآباد، ڪراچي اوڀر، سجاول، ٿرپارڪر، دادو، بدين، عمرڪوٽ، سانگھڙ، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ملير، ڪراچي جي ڏکڻ ۽ ڪورنگي وارن ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن سيف هائوس لاءِ صرف ٻن ڪمرن وارا گهر مختص ڪيا، جن ۾ باورچي سميت ٻيو عورت اسٽاف مقرر نه ٿي سگھيو آهي. ڪافي هنڌن تي رڌڻا ۽ واش روم جهڙي سهوليت به ناهي. 5 مهينن ۾ سيف هائوسن لاءِ 21 ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ رڳو ڪميٽيون ٺهي سگھيون، جن ۾ ايس ايس پي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ، سول سوسائٽي جو هڪ نمائندو ميمبر طور شامل آهن. جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص سميت 8 ضلعن ۾ سيف هائوسن لاءِ جڳهه به مختص نه ٿي سگھي آهي. ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪاميٽيون ٺهي سگھيون آهن. هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ملير شهزاد افضال جو چوڻ آهي ته اسان سيف هائوس لاءِ ٻن ڪمرن وارا گھر مختص ڪيا آهن. ٻيون سموريون سهوليتون فراهم ڪرڻ لاءِ وقت لڳندو.

آصف علي زرداري گرفتارين کان ڊڄڻ وارو ناهي:فُضيل حبيب شاهه

مٽياري رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد فُضيل حبيب شاھ چيو آهي ته آصف علي زرداري گرفتارين کان ڊڄڻ وارو ناهي، جيل پ پ اڳواڻن جو ٻيو گهر آهي، پ پ اڄ به جمهوريت جي مضبوطي لاءِ جدوجهد ڪري پئي، اهڙو اظهار هن پاشا هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده وفاقي سرڪار نااهل آهي، جيڪا احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کان انتقام وٺڻ تي لهي آئي آهي، هن چيو ته پ پ احتساب خلاف نه پر انتقامي احتساب خلاف آهي،

کڏڙو:تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ پورھيت زخمي

کڏڙو(پ ن ا)سانگھڙ نوابشاھ مين روڊ بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ پورھيت ڏيا رام ڀيل سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال نيو ويو ۔ ڪار ۽ موٽر سائيڪل تباھ ٿي ويا

مولوي تنگ ٿو ڪري، پنگريي جو نينگر منهن ڪري ويو

13 ورهين جو محبت ملاح مدرسي بعد گھر نه ويو، گھڻي ڳولا بعد هٿ

مولوي ذاتي ڪم وٺندو هو، انڪار تي تشدد ڪندو هو : نينگر محبت ملاح

پنگريو(ن پ ا) مدرسي جي مولوي پاران تنگ ڪرڻ تي پنگريي جو نينگر منهن ڪري ويو. ان سلسلي ۾ پنگريو لڳ مدرسي جامع حنفيه سلطان المدارس مان پراسرار طريقي سان گم ٿيل نينگر 13 ورهيه محبت ولد رمضان ملاح مدرسي ويو، جيڪو گھر نه موٽيو، نينگر جي وارثن ڪافي ڳولا ڪئي، گھڻي ڳولا بعد نينگر هٿ اچي ويو آهي ،نينگر محبت ملاح ٻڌايو ته قاري عبدالباسط مدرسي کان هٽي ڪري ذاتي ڪم وٺندو آهي ۽ جواب ڏيڻ تي تشدد پڻ ڪندو آهي جنهن ڪري مجبور ٿي خوف مان نڪتو هئس .

دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ مان ڪمپائونڊر ۽ ڊسپينسر گم، مريض دربدر

مريضن جي وارثن جو هل هنگامو، سول اسپتال انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو ويو

سول سرجن ڊاڪٽر رزاق جوڻيجو کي اطلاع ڏنو پر اسٽاف ناهي ڏنو ويو:ڊاڪٽر آصف

دادو)رپورٽر)سول اسپتال دادو جي ايمرجنسي وارڊ مان هڪ ڪلاڪ کان ڪمپائونڊر ۽ ڊسپينسر ڊيوٽي ڇڏي گهرن ڏانهن هليا ويا، جنهن سبب ايمرجنسي ۾ آيل مريض عورتون توڙي مرد انجيڪشن توڙي ملم پٽي ڪرائڻ لاء ڊسپينسرن کي ڳوليندا رهيا، جنهن خلاف شڪيل ميمڻ ،مجيب پنهور جي اڳواڻي ۾ مريضن جي وارثن پاران هل هنگامو ڪرڻ سان گڏ سخت احتجاجڪيو آهي ۽ دانهيو ايمرجنسي وارڊ ۾ اسٽاف جا ملازم ناهن ،جنهن ڪري هو ڪلاڪ کان پريشان آهن، ٻئي طرف ڊاڪٽر آصف رضا ٻڌايو ته اسٽاف نه هئڻ بابت سول سرجن ڊاڪٽر رزاق جوڻيجو کي اطلاع ڏنو پر اسٽاف نه پهتو.

ڪميونسٽ اڳواڻ رشيد مخدوم جي اٺين ورسي 29 ڊسمبر تي ملهائي ويندي

شاهپور جهانيان (ن پ ا( کاٻي ڌر جي مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ شاهپور جهانيان جي النور شگر ملز مزدور يونين جي باني مرحوم ڪامريڊ رشيد مخدوم جي اٺين ورسي 29 ڊسمبر تي النور شگرمل جي پورهيت يونين جي ليبر هال ۾ ملهائي ويندي. رٿيل ورسي تقريب واري پروگرام جي ميزبان ۽ وطن دوست مزدور فيڊريشن جي صوبائي اڳواڻ امان الله ڏاهري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته، سڄي ڄمار پورهيتن ۽ پيڙھيل طبقي جي ماڻھن جي خدمتن لاءجاکوڙيندڙ مرحوم ڪامريڊ رشيد مخدوم کي اٺين ورسي تي ڀرپور ڀيٽا ڏيڻ لاء پروگرام رٿيو آھي،

سرحد قومي شاهه تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

سرحد (ن-پ-ا) قومي شاهراه تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، هڪ عورت مائي ڀاڳل سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سي پيڪ تي مقرر سيڪورٽي گارڊ شمس الدين به زخمي ٿي پيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

چوٽياريون ڊيم مان ڪاٺ جي واڍي بند نه ٿي، پوليس به خاموش

ڪاٺ وڍڻ لاءِ واپاري رات جو ڪارروايون ڪرڻ لڳا، ايريگيشن کاتي تي رشوت جو الزام

ڪاٺ جون ٽراليون روزانو رات جو پوليس چوڪين جي اڳيان گذرڻ باوجود ڪارروائي نه ٿي

ورڪشاپ(رپورٽر) ورڪشاپ چوٽياريون ڊئم مان ڪاٺ جي واڍي بند نه ٿي  سگهي  آهي. سنڌ حڪومت جي حڪم تي عمل نہ ٿي سگھيو  ڪاٺ جي واڍي تي قلم 144 لاڳو ھجڻ باوجود انتظاميان ڪک ڀڃي ٻيڻون  نہ ڪيو  آهي. سنڌ حڪومت ڏينهن جو ڪاٺ جي واڍي تي پابندي لڳائي هئي پر  رات جو منگلي ٿاڻي جي حد اوڍ واري علائقي مان ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون پوليس جي پڪيٽن کان نڪرن ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اريگشن کاتي  ۽ پوليس جي ملي ڀڳت آهي، جن في ٽرالي تي ھزارين روپيہ منٿلي مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنھن بعد پوليس جي نگراني ۾ چوٽياريو ڊيم جو ڪاٺ شھر تائين پھچايو وڃي ٿو.

چيئرمين صحيح ڪري ته پگهارون جاري ٿي وينديون: ٽائون آفيسر

چونڊڪو: ٽائون آفيسر ممتاز علي انڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان ملازمن جي پگهارن جي شيٽ تي صحيح ڪري جي آڊٽ ڪرائي آهي صرف چيئرمين صحيح ڪري ته پگهارون جاري ڪيون وڃن پر چيئرمين صحيح نٿو ڪري ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان.

گندگي جا ستايل شهري روڊن تي نڪري آيا، ٽائون عملي خلاف احتجاج

عملو صفائي ڪرڻ لاء تيار ناهي، ملازم چون ٿا اسان کي پئسا ڏيو: شهري

آفيس شڪايت کڻي وڃون ٿا ته ڪير ملي نٿو، ڪمشنر سکر نوٽيس وٺي

چونڊڪو: شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين سريچند مل.وجيش.۽ ٻين هندو محله جي مک چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هڪ مهيني کان صفائي عملو شهر ۾ صفائي ڪرڻ لاء تيار ناهي ملازمن کي صفائي لاء چئون ٿا ته هو چون ٿا اسان کي پئسا ڏيو اسان جون ٽن مهينن کان پگهارون بند آهن ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن آفيس ۾ شڪايت کڻي وڃون ٿا ته آفيس ۾ ڪير ملي نٿو هنن ڪمشنر سکر.ڊي سي خيرپور کي اپيل ڪئي ته هن مسئلي جو نوٽيس ورتو وڃي. ان سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي چيئرمين ممتاز علي آرادين سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس موبائل نمبر تي ڪوڊ لڳل هو ۽ رابطو نه ٿي سگهيو

ڳڙهي حسن لڳ ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر

ڳڙھي حسن(ن پ ا)سب ڊويزن ڳڙهي حسن جي ٿاڻي آر ڊي 44 جي حد ڳوٺ پٺاڻ خان گهنيو وٽ صدام حسين ڪنراڻي جي موٽر سائيڪل ھٿياربندن ڦر ڪئي ٿوري مفاصلي تي موٽر سائيڪل جو گيئر ڀڄي پوڻ سبب ڦورو موٽر سائيڪل ڇڏي پاڻ فرار ٿي ويا. آرڊي 44 پوليس ننڊ ستل آھي۔ وڌيڪ آرڊي 44 جي ايس ايڇ او اختيار علي ناريجو سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي رابطو نٿي سگھيو.

واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول ڇانيل

ميرپور ماٿيلو: عادلپور ۾ نوجوان ساجد ڪلوڙ جي قتل کانپوءِ سندس منڍي هٿ اچڻ واري واقعي علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. علائقي جا ماڻهو شام جي وقت گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا.

منڍي ساجد ڪلوڙ جي ئي آهي: پوليس بيان تي قائم

ميرپورماٿيلو : عادلپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او مجيد آرائين رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان تمام وڏي محنت کانپوء ساجد ڪلوڙ جي منڍي ھٿ ڪئي آھي، جنھن کي ڊي اين اي لاء ڄامشورو موڪليو ويو آھي. هن چيو ته جاچ اي ايس پي وٺ ھئي جيڪو بدلي ٿي ويو آھي ڪيس ۾ جيترا ماڻھو گرفتار ھئا سڀ آزاد ڪري ڇڏيا آھن. ھن وقت ان ڪيس ۾ ڪير به گرفتار ناھي شڪ جي بنياد تي ٻن جوابدارن جو ريمانڊ ورتو ان کي عدالت ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آھي.

ڏيڍ مهيني ۾ منڍي هڏن ۾ تبديل نه ٿي ٿي سگهي: ڊاڪٽر

ميرپورماٿيلو: پوليس پاران پراسرار ھٿ ڪيل منڍي بابت جڏھن “پنهنجي اخبار”سول اسپتال جي ڊاڪٽر اعجاز پتافي سان رابطو ڪيو ويو ته جھڙي ڪنڊيشن واري منڊي ھٿ ڪئي وئي اھا ھڪ مھينو 5 ڏينهن پراڻي لڳي ٿي؟؟ ته ان جي موٽ ۾ ڊاڪٽر ٻڌايو ته منڍي جي ڪنڊيشن تي ھوندو آھي جيڪڏھن ڪير فرج ۾ رکي ته ساڳي حالت ۾ رھي سگھي ٿي ۽ جيڪڏهن اھا ڪٿي ٻئي ھنڌ اڇلايل ھجي ته ان جو سمورو چم لھي ويندو،اکيون ۽ نڪ موجود ھوندو، وار ختم ٿي ويندا، باقي ھڏن جي مٿان گوشت ھوندو. ھن چيو ته ڪنھن به جسم يا منڍي کي ھڏن ۾ تبديل ٿيڻ ۾ 3 کان 6 مھينا لڳندا آهن. سڃاڻپ نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي سگهجي ٿي جيڪا رپورٽ 15 کان 20 ڏينھن ۾ اچي ويندي آھي.