ميرپور ماٿيلو: مقتول ساجد جي ڀاء ديدار علي ڪلوڙ “پنهنجي اخبار”جي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس جي جاچ مان تر جيترا به مطمئن نه آھيون، پوليس قتل جي 35 ڏينھن بعد اسان کي ٻڌايو ته مقتول ساجد ڪلوڙ جي منڍي ھٿ آئي آھي، پر جتان منڍي ھٿ اچڻ جو ٻڌايو ويو، اتي ماڻھن جي اچ وڃ ھوندي آھي ۽ ان جڳھه تي ٻار راند ڪندا رھندا آھن، حيران ڪندڙ ڳالھ اھا آھي ته 35 ڏينهن گذري وڃڻ کانپوء اتي منڍي کي صرف پوليس اھلڪارن ڏٺو ۽ کڻي ٿاڻي تي رکيو. ھنن چيو ته جھڙي طريقي سان منڍي ھٿ اچڻ جي دعوا ڪئي وئي ان مان لڳي ٿو ته ھي منڍي اسان جي ڀاء جي نه آھي هن چيو ته جنھن شام جو منڍي ملي پوليس اسان تي زور رکيو ته فوري منڍي کي وڃي دفنايو اسان مطمئن نه ٿيا سون ۽ اھا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پوليس منڍي دفنائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، جاچ مان مطمئن ناهيون: مقتول جو ڀاءُ
اهلڪارن واقعي جي 35 ڏينهن بعد ٻڌايو ته منڍي هٿ آئي آهي
ڪيس پوليس لاءِ ڪمائي جو ذريعو، سوين ماڻهو گرفتار
رشوت عيوض ٻڌي ڇوڙي، چار جاچ آفيسر به ڪيس اڪلائي نه سگهيا
ميرپور ماٿيلو: گھوٽڪي پوليس مقتول ساجد ڪلوڙ واري ڪيس کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي، ڏيڍ مھيني دوران پوليس ٻڌي ڇوڙي ڪندي سوين ماڻھن کي گرفتار ڪيو ۽ ڏوڪڙ وٺي کين ڇڏي ڏنو. ڪيس جي جاچ پھرين ايس ايڇ او حنيف کوسو پوءِ ايس ايڇ او مجيد آرائين وٽ رهي جنهن کانپوء انسپڪٽر قلندر بخش سومرو ۽ آخر ۾ اي ايس پي محمد عيسي’ سکيرا کي ڏني وئي پر ڪنهن به آفيسر قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ۽ نه وري منڍي ھٿ ڪئي وئي.
عادلپور جي ساجد ڪلوڙ ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، وارثن جو پوليس جي آندل منڍي قبولڻ کان انڪار، ڊي اين اي رپورٽ نه ملي
اهلڪارن وارثن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ قبرستان مان ڪنهن اڻ ڄاتل شخص جي منڍي کڻي مقتون نوجوان جي وارثن کي ڏني: ذريعا
شهرين جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ اهلڪارن پراڻي منڍي هٿ ڪئي، ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا اسلام آباد بدران ڄامشوري اماڻڻ تي به سوال
ميرپور ماٿيلو: عادلپور ۾ قتل ٿيل نوجوان جي گم ٿيل منڍي واري معاملي بابت پوليس ذريعن وٽان ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامھون آيو آھي. گھوٽڪي پوليس انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيندي ۽ مقتول جي وارثن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندي قبرستان مان اڻڄاتل شخص جي منڍي کڻي اچي وارثن کي ڏني، مقتول جي وارثن منڍي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي مليل معلومات موجب عادلپور شھر ۾ اٽڪل ڏيڍ مھينو اڳ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ساجد ڪلوڙ جنھن کي نامعلوم جوابدار قتل ڪرڻ کانپوء سندس منڍي وڍي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ھئا ان ڪيس جا پوليس جوابدار ته گرفتار ڪري نه سگھي آھي پر سندس گم ٿيل منڍي واري معاملي کي به مذاق بڻائي ڇڏيو آھي. ان حوالي سان پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آھي ته ھفتو اڳ گھوٽڪي جي سي آءِ اي ۽ عادلپور ٿاڻي جي پوليس جيڪا منڍي ھٿ ڪري وارثن وٽ کڻي آئي ھئي، اھا ساجد ڪلوڙ جي نه پر ڪنهن اڻ ڃاتل شخص جي آھي ذريعن موجب ضلعي گھوٽڪي جي مختلف شھرن ۾ قاتلن جي گرفتاري ۽ مقتول جي منڍي ھٿ ڪرڻ جي حوالي سان جيڪي احتجاج ٿي رھيا ھئا انھن جو زور ٽوڙڻ لاء پوليس ھڪ حڪمت عملي تحت قبرستان مان ڪنهن قبر کي کوٽي منڍي ڪڍي وارثن وٺ کڻي آئي ھئي۽ انهن تي زور ڀريو ته هو اھا منڊي ساجد ڪلوڙ جي سمجهي قبول ڪنپر مقتول ساجد جي وارثن اھا منڊي وٺڻ کان کتو جواب ڏيندي ان جي مالڪي کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ھاڻي اھا منڊي ڪٿي آھي ان بابت ڪا به ڄاڻ نه آھي. جڏھن ته پوليس چئي رھي آھي ته اھا منڍي ڊي اين اي ٽيسٽ لاء ڄامشورو موڪلي وئي آهي. هاڻ ان معاملي تي ڪيترا سوال پيدا ٿي پيا آھن پوليس کي مليل منڊي ساجد ڪلوڙ جي ناھي ته پوء ڪنھن جي آھي ـ منڍي 35 ڏينھن کان پوء کليل ميدان ۾ ڪير اڇلائي ويو ـ منڍي ڪنھن ٻئي عام ماڻھو کي نظر ڇو نه آئي ۽ پوليس کي ئي منڍي ڇو ملي ـ منڊي 35 ڏينھن بعد شھر ٻاھريان ڪير اڇلائي ويو ـ پوليس وارثن تي زور ڇو ڀريو ته منڊي ساجد جي آھي وڃي دفنايو ـ ڊي اين اي لاء جزا اسلام آباد موڪلڻ بجاء ڄامشورو ڇو موڪليا ويا. ۽ اڃا تائين رپورٽ به نه آئي آهي.
ايريگيشن، روينيو ۽ ٻين سرڪاري عمارتن آڏو قبضا برقرار
ميهڙ: تعلقه اسپتال ميهڙ ، اريگيشن آفيس ۽ ريوينيو آفيس ڀرسان ايس ڊي ايم جي پراڻي رهائش گاه تعليم کاتي في ميل جي ايس ڊي او آفيس جي سامهون ايريگيشن کاتي جي انجنيئر ايس ڊي او جي پراڻي رهائشي عمارتن ۽ راڌڻ روڊ دان روڊس کاتي جي آفيسرن جي آفيسن ۽ رهائشي عمارتن پلاٽن ۽ گهاڙي روڊ سان ڊرينيج جي مين نالن تي ببااثرن ڌرين جا قبضا برقرار آهن.
ٽنڊي الهيار ۾ بااثرن قبرستان ۾ دڪان ٺاهي ڇڏيا، احتجاج
مدرسي جي انتظاميا گھراڻو پاڙي ۾ قبرون ڊاهي دڪان ٺاهيا آهن: رهواسي
ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ بااثرن قبرستان ۾ دڪان ٺاهي ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ گهراڻو پاڙي جي رهواسين قبرستان ۾ دڪان اڏڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج دوران رھواسين دانھيندي چيو تھ مدرسي جي انتظاميھ قبرن جي بي حرمتي ڪري اتي نوان دڪان اڏي رھي آھي، جنهن لاءِ قبرون ڊاھي پٽ ڪيون ويون. هنن چيو ته اسان جي ڪير ٻدڻ وارو نه آھي، ھنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽس وٺي قبرن جي بي حرمتي ۽ دڪانن جي اڏاوت بند ڪرائي وڃي.
ميونسپل ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي وارا قبضا خورن سان مليل آھن: شهري
پئسن عيوض قبضا ڪرايا آهن ۽ هاڻي ڏيکاءُ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي
بااثر حڪومتي پارٽي سان واسطو رکندڙ قبضا خورن کي آجو ڪيو ويو آهي
ميهڙ: قبضن هٽائڻ واري ڪاروائي دوران شهرين نظير جانوري ۽ ٻين الزام هنيو آهي ته ميونسپل ميهڙ، مارڪيٽ ڪاميٽي وارا پئسا وٺي قبضا خورن سان مليل آھن انهن پئسن عيوض قبضا ڪرايا آھن ۽ قبضن هٽائڻ واري ڪاروائي صرف ڏيکاءُ آهي بااثر حڪومتي جماعت سان واسطور رکندڙ قبضا خورن جا قبضا نه پيا هٽايا وڃن. صرف ريڙهي گاڏنن وارن کي هٽائڻ سان گڏ دوڪانن جي اڳيان ٺھيل منهن ڊاهيا پيا وڃن، هنن گهر ڪئي آهي ته شهر ۾ ٿيل سمورا ٿيل قبضا نا جائز حددخليون بنا سياسي فرق جي هٽايا وڃن ءِ قبضا خورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي مخصوص ماڻھن خلاف ڪاروائي ٿي ته شهر جا دوڪاندار واپاري احتجاج ڪندا.
مرتضيٰ وهاب صحافين تي تشدد جي رپورٽ طلب ڪري ورتي
اسلام ڪوٽ: صحافين جي احتجاج کانپوءِ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب واقعي جو نوٽيس وٺندي صحافين تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. سندس چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، صحافين تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي،
ڀاڳ ڏئي ڀِيڙو ته دال مان سِيرو، آمريڪا ۾ ماني کائيندي همراهه سچو موتي لڌو
مين هٽن (دلچسپ نيوز) چوندا هن ته ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته ڀاڳ مان سيرو، اهڙو ئي واقعو آمريڪا ۾ پيش آيو آهي. آمريڪي ريسٽورنٽ ۾ هڪ همراهه سي فوڊ کائيندي سچو موتي لڌو آهي. رِڪ اينٽوش نالي همراهه شهر هڪ مشهور سامونڊي غذا واري هوٽل ۾ مانجهاندي لاءِ کاڌو گهرايو، جنهن کي کائيندي سندس وات ۾ سچو موتي اچي ويو. جنهن بعد هوٽل جي باورچي تصديق ڪندي چيو ته اهو سچو موتي آهي، جيڪو ڪاري نقطي سبب وڌيڪ ناياب ٿي ويو آهي. رِڪ اينٽوش ان موتي کي کپائڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي ۽ هو موتي کي خوش نصيبي جي نشاني طور پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿو.
مرضي جي شادي لاءِ گھران نڪتل ناريءَ سان دوکو، نوجوان انڪار ڪري ڇڏيو
نوشهرو فيروز پوليس ناري عائشه ۽ نوجوان عمران گوپانگ کي پڪڙي عدالت ۾ پيش ڪيو
عدلت ۾ نوجوان جو شادي کان انڪار، ناري جو مائٽن ڏانهن وڃڻ کان انڪار،دارالامان حوالي
ٺاروشاھ (ن پ ا)ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ ظفر آباد ڀاڳو ديرو ۾ سي آءِ پوليس نوشهروفيروز ڪارروائي ڪندي دولتپور مان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ پهتل ناري سيد عائشه ۽ پريمي نوجوان عمران گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو،سي آءِ پوليس پاران گرفتار جوڙي کي جوڊيشنل مئجسٽريٽ مورو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ،جتي نوجوان بيوفائي ڪندي پريميڪا سان پيار جو پرڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته ناري پاران مائٽن ڏانهن واپس وڃڻ کان انڪار تي عدالت کيس دارالامان سکر حوالي ڪري ڇڏيو، سي آءِ پوليس نوشهروفيروز جي انچارج شهاب ڪولاچي ۽ ايس ايڇ او نوشهروفيروز محمد حنيف مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عدالت ۾ ناري مائٽن ڏي واپس وڃڻ تي قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪرڻ تي عدالت کيس دارالامان سکر حوالي ڪيو آهي. هنن چيو ته ناري جو نوجوان عمران گوپانگ سان موبائل تي رابطو ٿيو هو .جنهن بعد ناري شادي ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهتي ته نوجوان شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو ، ناري ٻڌايو ته مائٽ زبردستي هڪ پوڙھي سان پرڻائي رهيا هئا،نوجوان عمران گوپانگ سان پيار پرڻو ڪرڻ پئي چاهيو پر هن به مونکي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي .
ميهڙ ۾ ٻارن جي ڳالهه تان وڏا وڙهي پيا، ڏنڊا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي
ميهڙ(ن پ ا)ميهڙ پي ايس فريدآباد ڳوٺ قائم جتوئي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڌر جو عاشق پٽ عبدالرسول جتوئي لٺيون ڏنڊا لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي ميهڙ اسپتال کان لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آھي جڏهن ته فريد آباد ٿاڻي تي جوابدار امير علي پٽ حاجي خان جتوئي تي جهيڙي جي رپورٽ درج ڪئي وئي آھي.
هڪ ڏينهن جي حياتي، ڪلوئي ۾ تازو ڄاول ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت
ڳوٺ ارباب احسان فارم واسي پورهيت پريم ڪولهي جي ٻارڙَي بک ۽ بدحالي سبب دم ڏنو
ڪلوئي ۽ ڀرسان ڳورهارين عورتن لاءِ آيل امداد به واسطيدارن کي نه ملي،ڳوٺاڻن جو احتجاج
ڪلوئي(ن پ ا)سڄي ٿر جيان ڪلوئي تعلقي ۾ ڏڪاري حالتون برقرار آهن، ڪلوئي لڳ ستون ميل لڳ ڳوٺ ارباب احسان فارم واسي پورهيت پريم ڪولهي جو هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو مبينا بک بدحالي ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي ويو آهي. پورهيت دانهيندي چيو منهنجي گهر واري انتهائي ڪمزور هئي مقامي اسپتال عملي پاران ڪمزور ۽ ڳورهاري عورتن لاءِ آيل راشن پڻ نه ڏنو ويو ۽ ٻار انتهائي ڪمزور پيدا ٿيو،جنهن کي اسان اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ ٻارڙو فوت ٿي ويو، رهواسين اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن کي امدادي راشن نه ملڻ ۽ سوين ڳوٺ سروي ۾ شامل نه هجڻ خلاف يوسي گرڙاٻه ،ستون ميل ۽ ٻين علائقن جي مختلف ڳوٺن لال ساهڙ، ٻانڌو، ڏمڀرلي، اتادو سومرا، ڊاڀو سميجا، سپڻاڻي سومرا، ارباب احسان فارم ۽ ٻين ڳوٺن مان آيل ڏڪار متاثر ڳوٺاڻن منظور ساهڙ، لکاڏنو ساهڙ، مانجھي، عالم، قربان، ڀائي خان، کيتو مل، ميوو ۽ ٻين امدادي راشن لاءِ سندن ڳوٺ سروي نه ٿيڻ خلاف دانهيندي چيو ته يوسي گرڙاٻه جا ڄاڻايل سمورا ڳوٺ اڃا تائين امدادي راشن لاءِ سروي پڻ نه ڪيا ويا آهن. رابطو ڪرڻ تي صحت کاتي ٿرپارڪر جي ڊي ايڇ او علاو الدين سومرو جو چوڻ آهي ته هي راشن صرف ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن جو آهي جڏهن ته علائقي ۾ ڏڪاري حالتن سبب هر ماڻهون چاهي ٿو ته راشن جو سامان کين ملي جيڪو ممڪن نه آهي.
مٺي اسپتال ۾ دوائن جي خريداري لاءِ سيشن جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺهيل
ڪميٽي ۾ ڊي سي ۽ ٻيا آفيسر شامل آهن، اجازت ملندي ته دوائون خريد ڪبيون: ايم ايس
اسپتال ۾ دوائن جي ڪابه کوٽ ناهي، مريض اجايا الزام هڻي رهيا آهن: ڊاڪٽر چمن شرما
مٺي: رابطو ڪرڻ تي مٺي سول اسپتال جي انچارچ اي ايم ايس ڊاڪٽر چمن شرما چيو ته دوائن جي وڌيڪ خريداري ان ڪري ناهيون ڪري سگهيا ته سيشن جج. ڊپٽي ڪمشنر سميت مختلف لاڳاپيل آفيسرن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جي اجازت بعد ئي دوائون خريد ڪري سگهبيون. هن چيو ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ناهي مريض اجايو الزام تراشيون ڪن پيا، باقي تيل جي مد ۾ بجيٽ ختم ٿي آھي اسان پينٽرول پمپن تان اوڌر تي تيل وٺي ڪم کي هلايون پيا.
نواز شريف کي سزا ميثاق جمهوريت تان ڦرڻ جو نتيجو آهي: خورشيد جوڻيجو
پيپلز پارٽي قيادت ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ۾ ملوث ناهي
۔گرفتارين کان ڊڃڻ وارا ناهيون، حڪومرانن جون ننڊون حرام آهن
ميروخان (رپورٽر) نيازي حڪومت ناڪام ۽ نواز شريف کي سزا ميثاق جمهوريت جي واعدي تان ڦرڻ جو نتيجو آهي پيپلز پارٽي قيادت ڪنهن به ڪرپشن ۾ ملوث ناهي ۔ بينظير ڀٽو جي 11 ورسي ۾ لکين ڪارڪن شريڪ ٿيندا ۔اهڙواظهار خو رشيد جو ڻيجو ۔۔ پريس ڪلب ميروخان ۾ صحافين سان ڳالائيند ي ڪيو. پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خو رشيد جو ڻيجو چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد راڻي جي 11 ورسي تي عوامي سمنڊ ڳڙهي خدابخش ۾ اٿلي پوندو حڪومرانن جون ننڊون حرام آهن ۔گرفتارين کان ڊڃڻ وارا ناهيون ۔حالتن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۔ ان کان اڳ خورشيد احمد ۔۔ پيپلز پارٽي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر قمر الدين گو پانگ سان سندس ڀاء ۔جي وفات تي تعزيت پ ڪئي .
بجيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ ناڻي واري کاتي کي سمري موڪلي آهي: طحه! فاروقي
ڪراچي: سوشل ويلفئير کاتي جي سيڪريٽري طاحه فاروقي چيو آهي ته مورن ضلعن کي بجيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ ناڻي واري کاتي کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. هن چيو ته هر ضلعي کي سيف هلائڻ لاءِ ساليانه 50 لک ڏيڻ لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري کي سمري موڪلي ڇڏي آهي، جون يا ان کان اڳ ڄاڻايل ضلعن کي بجيٽ ملي ويندي.
سيف هائوس هلائڻ لاءِ بجيٽ ڪٿان آڻيون؟ مختلف ڊي سيز پريشان
ڪراچي: سيف هائوس هلائڻ لاءِ بجيٽ ڪٿان آڻيون؟ مختلف ڊي سيز پريشان آهن. عدالت طرفان سيف هائوس ٺاهڻ جا حڪم ته ڏنا ويا آهن پر انهن سيف هائوسن کي ڪيئن هلائجي ؟ ان حوالي سان مختلف ضلعن جا ڊي سيز پريشان ٿي ويا آهن. ڪجھه ضلعن جي ڊي سيز “پنهنجي اخبار” کي آف دي رڪارڊ ٻڌايو ته سيف هائوس هلائڻ لاءِ باورچين سميت ٻيو اسٽاف گھرجي ٿو. هنن ٻڌايو ته سيف هائوس ۾ جيڪي عورتون تحفظ لاءِ منتقل ڪيون وينديون، انهن جي کاڌي پيتي لاءِ بجيٽ جي ضرورت آهي. بجيٽ نه هئڻ سبب سيف هائوسن کي هفتي ٻن لاءِ ضلعي جي خرچ تي هلائي سگھجي ٿو پر مستقل بنيادن تي سيف هائوس نٿا هلائي سگھون.