ڪراچي: اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته جڏهن دارالامان موجود آهن ته پوءِ سيف هائوسن جي ڪهڙي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين دارالامان جي حالت سڌاري وڃي. هن چيو ته سيف هائوسن لاءِ عدالت حڪم ڏنو آهي پر حڪومت ڪنهن به مسئلي تي سنجيدهه ناهي، عدالت حڪم ڏيندي آهي ته ان حڪمن تي عمل به پاڻ ڪرائي .
جيڪب آباد ۾ 10سالن دوران 32 عورتون قتل، 11 اغوا ۽ 7 لڄالٽ جو ش ڪار
ضلعي ۾ عورتن تي تشدد ۽ حراسان سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا، سرڪار ستل!
2007 کان 18ع 32 عورتون ڪارنهن الزام هيٺ قتل، 7 کي وحشت جو نشانو بڻايو ويو
ڪراچي: جيڪب آباد ۾ 10 سالن دوران 32 عورتون ڪاري ڪري ماريون ويون، 11 عورتون اغوا ۽ 7 کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جھيڙن ۾ 7 عورتون قتل ٿيون، ضلعي ۾ عورتن تي تشدد ۽ کين حراسان ڪرڻ سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا. 2007 کان وٺي 2018 تائين صرف هڪ ضلعي جيڪب آباد ۾ 32 عورتن کي ڪاري ڪري ماريو ويو، 7 عورتن کي حوس جو نشانو بڻايو ويو ۽ مختلف جھيڙن ۾ 12 حوا ڄائيون قتل ڪيون ويون. ضلعي ۾ 95 عورتون گھريلو تشدد، 35 عورتون هراسمينٽ جو شڪار ٿيون. 11 عورتن کي اغوا ڪيو ويو، 30 ٻارڙين جون شاديون ڪرايون ويون، 396 عورتون مسئلن توڙي ٻين سببن جي ڪري تحفظ لاءِ ڀٽڪنديون رهيون. اهڙي طرح سڄي ضلعي ۾ 10 سالن دوران مجموعي طور عورتن تي تشدد، حراسان ڪرڻ، ڪاروڪاري، ننڍي هوندي شادين. خانداني مسئلن، طلاق، ملڪيتن مان حصو نه ڏيڻ سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا. وومين ڊولپمينٽ جي رپورٽ موجب 65 عورتن کي قانوني ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي.
سنڌ ۾ هوا ڄائي نڌڻڪي! سيف هائوس منصوبي جو خواب به ساڀيان ٿيڻ مشڪل!
عدالتي حڪم ٿڏيل، 5 مهينن ۾ ٻن ڪمرن وارا گهر مختص نه ٿيا، انتظاميا لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ به چيلينج
جتي گهر مليا اُتي سهولتون اڻلڀ، جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص سميت 8 ضلعن ۾ جڳهه به مختص نه ٿي، ڪاميٽين جو ڪم به رُلي ويو
ڪراچي: سنڌ ۾ تشدد جو شڪار عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي سيف هائوس کولڻ وارو منصوبو رولڙي جو شڪار، عدالتي حڪمن باوجود مختلف ضلعن جي انتظاميه 5 مهينن دوران سيف هائوسن لاءِ رڳو ٻن ڪمرن وارا گھر مختص ڪري سگھي، پر اتي بنيادي سهولت موجود ئي ناهن ۽ نه ئي اسٽاف مقرر ٿي سگھيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ نگينه ڊکڻ واري واقعي کان پوءِ صوبي جي هر ضلعي ۾ تشدد جو شڪار عورتن لاءِ “سيف هائوس” کولڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري سمورن ضلعن جي ڊي سيز کي پابند بڻايو هو ته عارضي بنيادن تي پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ سوشل ويلفيئر کاتي ۽ عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي سهڪار سان “سيف هائوس” کوليا وڃن. 5 مهينا گذرڻ باوجود به ضلعن ۾ سيف هائوس نه کُلي سگھيا آهن. ڪافي ضلعن ۾ سيف هائوس قائم ڪرڻ ته ٺهيو پر انتظاميا ڪميٽيون ٺاهڻ جي به زحمت نه ڪئي آهي. حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظيرآباد، ڪراچي اوڀر، سجاول، ٿرپارڪر، دادو، بدين، عمرڪوٽ، سانگھڙ، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ملير، ڪراچي جي ڏکڻ ۽ ڪورنگي وارن ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن سيف هائوس لاءِ صرف ٻن ڪمرن وارا گهر مختص ڪيا، جن ۾ باورچي سميت ٻيو عورت اسٽاف مقرر نه ٿي سگھيو آهي. ڪافي هنڌن تي رڌڻا ۽ واش روم جهڙي سهوليت به ناهي. 5 مهينن ۾ سيف هائوسن لاءِ 21 ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ رڳو ڪميٽيون ٺهي سگھيون، جن ۾ ايس ايس پي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ، سول سوسائٽي جو هڪ نمائندو ميمبر طور شامل آهن. جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص سميت 8 ضلعن ۾ سيف هائوسن لاءِ جڳهه به مختص نه ٿي سگھي آهي. ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪاميٽيون ٺهي سگھيون آهن. هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ملير شهزاد افضال جو چوڻ آهي ته اسان سيف هائوس لاءِ ٻن ڪمرن وارا گھر مختص ڪيا آهن. ٻيون سموريون سهوليتون فراهم ڪرڻ لاءِ وقت لڳندو.
هاءِ ڪورٽ پاران جيم خاني جي چونڊن تي به اسٽي آرڊر جاري ٿيل
حيدرآباد: معلوم ٿيو آهي ته ڪلب جي پنجن ميمبرن عارف پاشا، غلام حسين ميمڻ، الهڏتو شر، مرحوم ڊاڪٽر انور لغاري ۽ غلام سرور قريشي جيم خانا ڪلب کي آئين پٽاندر نه هلائڻ ۽ اضافي ميمبر شپ ڪرڻ واري معاملي خلاف سنڌ هاِءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن عدالت ڪلب جي چونڊن جي حوالي سان به اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پنجن سالن کان ڪلب جي انتظامي ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ نه ٿي سگهي آهي، انهي ڪري ڪلب ۾ انتظامي حوالي سان پڻ وڏا سوال اٿي رهيا آهن.
جيم خاني جو وهنوار بيواهه عورت جيان پيو هلي: هادي بخش جتوئي
حيدرآباد:جيم خاني ڪلب جي صدر مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي هاڻي ڪلب جي چونڊن ۾ سرگرم نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.جيم خانا ڪلب جي چونڊن ۾ بنهه سرگرم رهندڙ ۽ مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي جو چوڻ آهي ته مڙس جي مرڻ کانپوءِ بيواه به هلندي رهندي آهي ۽ جيم خانا جو ڪاروهنوار به هلي پيو، هن چيو ته هاڻي هو جيم خانا جي چونڊن ۾ حصو نه وٺندو ۽ پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو آهي.
حيدرآباد جيم خانو بحران هيٺ، ايڊهاڪ تي هلڻ لڳو
ڪلب جو نه ڪل وقتي صدر نه جنرل سيڪريٽري،نائب صدر کي وقتي صدر جون ذميواريون
مستقل سيڪريٽري به اڍائي سالن کان ڪنڊائتو، ڊاڪٽر ھادي جتوئي جو سرگرم نھ ٿيڻ جو فيصلو
حيدرآباد(رپورٽ:فيض کوسو)حيدرآباد ۾ وڏن ماڻهن جو ڪلب جيم خانه، صدر جاويد جوڻيجي جي انتقال کانپوءِ انتظامي طور ايڊهاڪ بنياد تي هلندڙ، ڪلب جا انتظامي معاملا وقتي صدر ۽ وقتي سيڪريٽري جي حوالي ٿي ويا، مستقل سيڪريٽري اڍائي سالن کان آفيس کي تالو لڳائي ڪنڊائتو ٿي ويو، جڏهن ته اسٽي آرڊر هجڻ ڪري ڪلب جي انتظامي ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ گذريل پنجن سالن نه ٿي سگهي، مليل ڄاڻ موجب 2013ع ۾ جيم خاني جي ٿيل چونڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي حاجي نثار ميمڻ ۽ صدر جي عهدي تي مرحوم جاويد جوڻيجو ڪامياب ٿيا هئا،جن جي اختلافن کانپوءِ نثار جوڻيجو سيڪريٽري جي آفيس ڇڏي ڪنڊائتو ٿي ويو هو، سندس ان عمل کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي وقتي طور ساجد ڀٽو کي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، جيڪو هاڻي ڪلب جا معاملا سنڀالي ٿو، جڏهن ته جاويد جوڻيجي جي انتقال سبب صدر وارو عهدو نائب صدر جي حوالي ٿي ويو آهي، جيم خانا ڪلب جي ذريعن موجب بينڪن ۾ مالي معاملن جي ڏي وٺ جي حوالي سان ٽن عهديدارن جون صحيحون هلن ٿيون، جن ۾ صدر، سيڪريٽري ۽ خزانچي شامل هجن ٿا، هن وقت ڪلب جو نه ته ڪل وقتي صدر آهي ۽ نه ئي ڪل وقتي سيڪريٽري موجود آهي،جنهن سبب ڪلب جي مالي معاملن جي حوالي سان انيڪ سوال اٿي پيا آهن. ڪلب جي چونڊيل سيڪريٽري حاجي نثار ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو مرحوم جاويد جوڻيجي سان اختلافن جي ڪري اڍائي سال اڳ ڪلب جي سيڪريٽري جي آفيس خالي ڪري چڪو آهي، جنهن کانپوءِ هن سيڪريٽري جي عهدي تي ڪا به چونڊ ناهي ٿي سگهي، هن چيو ته جيم خاني جي آئين مطابق وقتي سيڪريٽري جي ڪا به گنجائش موجود ناهي، ان جي باوجود ڪلب جا معاملا وقتي سيڪريٽري جي حوالي آهن، جيم خانا جي وقتي سيڪريٽري ساجد ڀٽو جو چوڻ آهي ته کيس مينيجنگ ڪاميٽي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، ان ڪري هو مالي معاملن سميت ڪلب جي سمورن انتظامي مسئلن کي به ڏسي رهيو آهي. پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڪلب جي خزانچي ڊاڪٽر شمس شيخ ٻڌايو ته ڪلب معمول موجب هلي رهيو آهي ۽ سمورا ڪم آئين پٽاندر ٿي رهيا آهن، ڪلب پنهنجي ڪل وقتي سيڪريٽري جي ٽن ميٽنگن ۾ نه اچڻ جي ڪري هن کي هٽائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ ميمبر ساجد ڀٽو کي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو بينڪ جي چيڪن تي به صحيح ڪرڻ جو مجاز آهي، ڪلب جي سيڪريٽري طور چونڊيل حاجي نثار جو چوڻ هو ته هو جلدي ڪلب جي پيٽرن ان چيف سان ملاقات ڪري، کيس صورتحال ڪري آگاهي ڏيندو ۽ ان جي صلاح جي روشني ۾ هو پنهنجون وڌيڪ سرگرميون شروع ڪندو، ڪلب جي هڪ ميمبر عارف پاشا ٻڌايو ته ڪلب جي آئين ۾ وقتي سيڪريٽري جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ صدر جي فوت ٿيڻ سبب ڪلب جا مالي معاملا ضرور مونجهاري جو شڪار ٿيندا.
ڪابل حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 43 ٿي ويو
ڪابل (ا ڊ) افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل جي حڪومتي ڪمپائونڊ تي ٿيل حملي ۾ مارجي ويلن انگ وڌي 43 ٿي ويو آهي. مارجي ويلن ۾ پوليس اهلڪارن سان گڏ عام شهري به شامل آهن. اختيارين موجب حملي جي ذميواري اڃان تائين ڪنهن به ناهي قبولي ، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا آهن. افغان فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 حملو ڪندڙ پڻ مارجي ويا آهن. حملي کانپوءِ عمارت ۾ ڦاٿل 350 ڄڻن کي پڻ صحي سلامت ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته رات آخر تائين علائقي ۾ سرچ آپريشن مڪمل ڪيو ويو. گذريل ڏينهن افغانستان جي عوامي معاملن واري وزارت تي دهشتگردن پاران حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ مارجي ويلن جو هاڻي تائين انگ 43 ٻڌايو پيو وڃي.
افغان طالبان حڪومت سان سڌين ڳالهين تي راضي
پرڏيهي وزير طالبان جي مشروط رابطي بابت افغان اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو
پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي: شاهه محمود
اسلام آباد ( م ڊ ) افغان مفاهمتي عمل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طالبان جي مشروط راضپي بابت افغان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزير کي به آگاهه ڪيو. ذريعن موجب افغان مفاهمتي عمل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزير طالبان جي مشروط راضپي بابت افغان حڪومت، ايران ۽ چيني پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. طالبان افغان حڪومت جي نمائندن سان ملاقات کان انڪار ڪيو هو پاڪستان جي ڪوششن سان طالبان مشروط راضپو ظاهر ڪيو، ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب طالبان نگران حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، نگران حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب طالبان ڪميٽي ۾ نمائندگي جو به مطالبو ڪيو ۽ ڪجهه اڳواڻن جي آزاديءَ جو به مطالبو ڪيو. رپورٽن موجب افغان حڪومت جي رد عمل تي وڌيڪ اڳڀرائي جو امڪان آهي. افغان حڪومت جي هاڪاري رد عمل تي وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون.
ايس ايس جي سي پاران سنڌ ۾ گيس کوٽ جلد ختم ڪرڻ جي خاطري
گيس فيلڊ مان ماهوار 115 ملين ايم ايم فٽ کوٽ ٿي رهي آهي: ايس ايس جي سي انتظاميا
گيس جي گھٽ ٿيندڙ ذخيرن جي ڪري به مسئلو ٿئي پيو، جلد کوٽ تي ضابطو آندو ويندو
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽڊ( ايس ايس جي سي ايل) سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ ۾ گيس جي گهٽتائي کي جلد پورو ڪيو ويندو پر هن ان جي حتمي وقت جي باري ناهي ٻڌايو. ميڊيا جي رپورٽن موجب سينيٽر محسن عزيز جي سربراهي ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مينجنگ ڊائريڪٽر ايس ايس جي سي محمد امين به شرڪت ڪئي. ايم ڊي ايس ايس جي سي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت گيس جي قلت فيلڊ مان ايندڙ مقدار جي گهٽتائي جي ڪري آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت ڪمپني کي گيس فيلڊ مان ماهوار 115 ملين ڪيوبڪ فٽ (ايم ايم سي ايف ڊي) جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو پوي. ايم ڊي ايس ايس جي سي انڪشاف ڪيو ته پاڪستان جي گهٽ ٿيندڙ گيس جي ذخيرن جي ڪري 80 ايم ايم سي ايف ڊي جي گهٽتائي جڏهن ته ڪنار ۽ گمبٽ ۾ گيس سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي ڪري باقي شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پر هن ڪميٽي کي خاطري ڪرائي ته جيڪو پاور پلانٽ آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين گهٽ گيس فراهم ڪندو رهيو انهن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. .
ڊيمن ۾ پاڻي واڌ باوجود ڪوٽڙي بئراج تي بندي، نارا ۽ روهڙي ڪئنالن تي ڪٽوتي
سنڌ جي آخري بئراج ڪوٽڙي جي سالياني بندي اڄ کان شروع ٿيندي، دادو ۽ کير ٿر ڪئنالن کي واڌو پاڻي فراهم
تربيلا مان کڻت گهٽائڻ بعد ڊيم جي سطح وڌي 14 سئو 16 فوٽ ٿي وئي،گڊو وٽ 25 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ
سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بيراج وٽان سالياني بندي سبب ڪوٽڙي بئراج ڏانهن ويندڙ پاڻي مڪمل طور بند ڪيو ويو آھي. سکر بيراج جي واهن کي گھرج 26 ھزار ڪيوسڪ بجاءِ 17940 ڪيوسڪ فراھم ٿي رھيو آهي، ٻئي پاسي آبپاشي کاتي سنڌ پاران نارا ۽ روھڙي ڪئنالن مان پنج پنج سئو ڪيوسڪ پاڻي گھٽائي دادو ۽ کيرٿر ڪئنالن ۾ واڌارو پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ھوڏانھن اڄ ڪوٽڙي بئراج جي بندي شروع ڪئي پئي وڃي. سکر ڪنٽرول موجب ھر سال جيان 6 جنوري تي ڪوٽڙي ڏانھن پاڻي ڇڏيو ويندو. تربيلا ڊيم مان به کڻت گھٽائڻ بعد پاڻي ذخيرن ۾ معمولي واڌارو ٿيو آهي. پاڻي جي سطح 1416.70 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڻي آمد 16000 ڪيوسڪ مان he10000 ڪيوسڪس جاري ڪيو پيو وڃي. گڊو بيراج وٽ پاڻي جي کوٽ وڌي 25 سيڪڙو کان مٿي ٿي وٿي آهي، جتي پاڻي جي آمد گھٽجي 26504 ٿي وٿي آهي.
وزير يوم قائد اعظم جي موڪل نه ملهائين: چيف جسٽس
قوم جي ابي چيو هو ته ڪم، ڪم ۽ بس رڳو ڪم
نهرو سميت ٻيا اڳواڻ منهنجي ليڊر جي ڀرسان به ناهن
لاهور(م ڊ) خانگي يونيورسٽين جي قانوني حيثيت بابت سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڄ ڪم ڪري قائد اعظم کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ خانگي يونيورسٽين جي قانوني حيثيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت ۾ پيش ڪيل يونيورسٽين جي منظوري بابت تفصيل کان آگاهه ڪيو. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خانگي يونيورسٽين جي قانوني حيثيت بابت ڪميٽيون بڻايون ويون آهن، انهن ڪميٽين جو اجلاس 28 ڊسمبر تي ٿيندو جنهن ۾ خانگي يونيورسٽين جا معاملا غور هيٺ ايندا. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته اهي ڪميٽيون سالن جا سال ڪم ڪنديون رهنديون، اسان کي ته حتمي رپورٽ گهربل آهي، وزيرن کي گهرايو، هتي ڪم ڪيو، يوم قائد اعظم جي موڪل نه ملهائن، قوم جي ابي چيو هو ته ڪم ڪم ۽ رڳو ڪم. چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته جن پنهنجي زندگي تي کيڏي هي ملڪ بڻايو، اسان ان جي ياد ۾ موڪل ڪري ملهائيندا آهيون، اسان 25 ڊسمبر ته ملهائيندا آهيون ۽ گهر ويهي رهندا آهيون.
حيدرآباد پوليس جا هڪ ئي ڏينهن 2 مبينا مقابلا، 2 ڄڻا هاف فراءِ
مبينا مقابلي ۾ هڪ جوبدار بلاول شاھ کي زخمي حالت ۾ گرفتار
پڃاري ٿاڻي جي پوليس مسلم قبرستان ويجهو معارف ولد محمد اسلم ڳاهو کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي
حيدرآباد)رپورٽر)حيدرآباد جي بي سيڪشن پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوبدار بلاول عرف بلو ولد حبيب شاھ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي. پوليس موجب لطيف آباد يونٽ نمبر 10 مسلم بلاڪ اي وٽ ٽن موٽر سائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انهن پوليس تي فائرنگ ڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار بلاول عرف بلو زخمي ٿي پيو جنهنکي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا. گرفتار جوابدار پي آءِ بي ڪالوني ڪراچي جو رهواسي آھي ۽ حيدرآباد پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل آھي. وٽانئس ڦر ٿيل سامان به هٿ آيو آھي.
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس پاران ڪجهه وقت کان ڏوهارين خلاف شروع ڪيل فل فراءِ ۽ هاف فراءِ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، حيدرآباد جي پڃاري ٿاڻي جي پوليس مسلم قبرستان ويجهو مقابلو ڄاڻائي هڪ مبينا ڏوهاري عارف ولد محمد اسلم ڳاهو کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، پوليس موجب گشت دوران 2 شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو ته انهن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جوابي فائرنگ ڪري هڪ ڏوهاري عارف ڳاهو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون آهن. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار قاسم آباد ماروي ٽائون جو رهواسي آهي، جنهن جو ساٿي جوابدار فرار ٿي ويو جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس مطابق زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدا خلاف مٽياري سميت حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آھن.
اسان سان ته صلاح ئي نه ٿي ڪئي وڃي: جي ڊي اي
ڪراچي: جي ڊي اي جي اڳواڻ رزاق راهمون اسٽينڊنگ ڪاميٽين بابت پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڊي اي وارن سان ته ڪا صلاح ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن اسان ڪافي ڀيرا پڇيو آهي پر جواب نه پيو ڏنو وڃي، اگر صلاح ڪندا هوندا ته ٻين پارٽين سان ڪندا هوندا، اسان سان نه پيا ڪن.
حڪومت دير پئي ڪري: ايم ڪيو ايم
ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجا اظهار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هميشه دير ڪئي ويندي آهي مخالف ڌر پنهنجا نالا ڏئي ڇڏيا آهن، شايد حڪومت دير ڪئي آهي نالا ڏيڻ ۾، ان ڪري اسپيڪر نوٽيفڪيشن جاري نه پيو ڪري.
وڙهي ٿڪا آهيون اسپيڪر نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪري: پي ٽي آءِ
قومي اسيمبلي ۾ گوڙ ڪندڙ پ پ سنڌ ۾ اهو ئي عمل ورجائي رهي آهي: خرم شيرزمان
اصل جهيڙو پي اي سي جي چيئرمين شپ جو آهي، اسان کي ملڻ گهرجي: پنهنجي اخبار سان ڳالهيون
ڪراچي: اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي قائم نه ٿيڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ پ وفاق تي ته تنقيد ڪري ٿي پر سنڌ ۾ خود ساڳيون عمل ڪري ٿي، اسان سنڌ اسيمبلي ۾ وڙهي وڙهي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪاميٽيون قائم نه پيون ڪيون وڃن، اسان پنهنجا نالا به ڏئي ڇڏيا آهن. ناصر شاه سان مخالف ڌر جي جماعتن جو اجلاس به ٿيو پر اسپيڪر نوٽيفڪيشن جاري نه پيو ڪري. خرم شير زمان چيو اصل جهيڙو پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين شپ تي ٿيڻو آهي جڏهن قومي اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين شپ مخالف کي ڏني وئي آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ به اسان جو حق آهي