fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ اسيمبلي ۾ اسٽينڊنگ ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيون قائم نه ٿيون، قانونسازي رڪيل، مالي معاملا معطل

پنج مهينا گذرڻ باوجود ڪا اڳڀرائي نه ٿي، 2008 ۽ 2009 کان پوءِ جون سرڪاري آڊٽ رپورٽون به پي اي سي مان منظوري جون منتظر

صوبائي اسيمبلي ۾ ڪميٽين جو انگ 36، پي اي سي سربراهي تان تڪرار جو امڪان، حڪمران پارٽي پنهنجا ميمبر مقرر ڪرڻ ۾ سست

ڪراچي(رپورٽ: دودوچانڊيو)سنڌ جي نئين چونڊجي آيل اسيمبلي کي پنج مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين نه اسٽينڊنگ ڪاميٽيون جڙي سگهيون آهن نه وري پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي قائم ٿي سگهي آهي جنهن ڪري جتي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي انتظار ۾ ڪيترائي بل اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پيل آهن اتي 2008 ۽ 2009 کان پوءِ جون سرڪاري آڊٽ رپورٽون به پي اي سي جي انتظار ۾ آهن سنڌ اسيمبلي جي قائدن موجب اسيمبلي قائم ٿيندي ئي پهرئين اجلاس ۾ اسٽيندنگ ڪاميٽيون قائم ٿيڻون آهن جن جو تعداد 36 آهي جيڪي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن تي ٻڌل هونديون آهن جن جا چيئرمين چونڊبا آهن جيڪي نه صرف قانونسازي پر اسيمبلي جي سموري ڪاروهنوار ۾ حصيدار هونديون آهن. سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ انهن ڪاميٽين جي چيئرمينن کي باقائدا گاڏيون، ڊرائيور ۽ پيٽرول ادا ڪندي آهي اسٽيندنگ ڪاميٽين جي اجلاسن ۽ گڏجاڻين جا سامورا خرچ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريت ادا ڪندو آهي. اهي اسٽيندنگ ڪاميٽيون نه رڳو اسيمبلي اندر پيش ٿيندڙ بلن تي غورويچار ڪري سفارشون جوڙينديون آهن پر کوڙ معاملن ۾ اسيمبلي جي معاونت به ڪنديون آهن. 18 هين ترميم تحت هر صوبائي اسيمبلي کي هڪ سئو ڏينهن تائين لازمي طور اجلاس هلائڻو هوندو آهي هن وقت سنڌ اسيمبلي پنهنجي پهرئين سال جي مدي جو ذري گهٽ اڌ حصو گذاري چڪي آهي انهن پنجن مهينن دوران پنج اجلاس ڪري چڪي آهي مجموعي طور 100 مان 30 ڏينهن اجلاس ڪري چڪي آهي پر اڃا تائين اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي جوڙجڪ نه ٿي سگهي آهي اسيمبلي جي انهن ڪاميٽين ۾ سڀ کان اهم ڪاميٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي هجي ٿي جنهن جي منظوري کان سواءِ حڪومت جا ڪيل سڀ خرچ قانوني نه ٿا بنجي سگهن. جيستائين پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ناڻي کاتي ۽ آڊٽ ڊپارٽمينٽ سان گڏجي سممورن سرڪاري کاتن جي ڪيل خرچن جي منظوري نه ٿي ڏئي ان وقت تائين گورنر فنانس بل تي سهي نه ڪندو. پنج مهينا گذرڻ باوجود پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي به قائم نه ٿي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جا ڪافي اجلاس به ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر پنهنجا نالا به ڌئي چڪي آهي پر حڪومتي ڌر پنهنجو ڪو فيصلو ناهي ڪري سگهي.

ملڪ جو مسئلو آبادي نه پر وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ آهي: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان جو مسئلو آبادي ناهي پر وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ بنجر زمين آهي. سينيٽر سراج الحق جو چوڻ آهي ته جن ملڪن آبادي گهٽ ڪئي اتي انفرادي ۽ اجتماعي سڪون ختم ٿي ويو. هن چيو ته اولهه ۽ يورپ آبادي ڪنٽرول کي ترقي جو ذريعو سمجهندا هئا، اڄ هنن آبادي وڌائڻ وارا پروگرام شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته اولهه جي ايجنڊا تي هلڻ بدران پاڪستان کي پنهنجي ايجنڊا تي هلڻو پوندو. جماعت اسلامي جي امير چيو ته پاڪستان جو مسئلو آبادي نه پر اختيارن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ 60 سيڪڙو بنجر زمين آهي. هن چيو ته حڪومت وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، ڪرپشن جي خاتمي ۽ بنجر زمين آباد ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏئي. ڊيم فنڊن بابت ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته چيف جسٽس ۽ وزير اعظم طرفان ڊيمن جي اڏاوت جو منصوبو فخر جوڳو آهي.

قائد اعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو: مشال ملڪ

اسلام آباد(م ڊ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشال ملڪ چيو آهي ته اڄ قوم جي ابي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، قائد اعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو. تفصيل موجب حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشال ملڪ پاڪستان جي باني جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ قوم جي ابي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ۾ اقليتون آزاد هوائن ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. هن چيو ته قوم ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جي شريڪ آهي، مسيحي برادري هميشه ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته قائد اعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو جڏهن ته اقليتن هميشه ڪشميرين تي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو.

عظميٰ بخاري کي ن ليگ جي سوشل ميڊيا جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عظميٰ بخاري کي مسلم ليگ ن جي سوشل ميڊيا جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو يوو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو. تفصيل موجب مسلم ليگ ن جي غير فعال سوشل ميڊيا کي ٻيهر موثر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان ضمن ۾ متحرڪ عورت اڳواڻ عظميٰ بخاري کي اِها ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. عظمي بخاري کي موجوده صورتحال خاص طور تي نواز شريف جي ٻيهر گرفتاري بعد پارٽي نظريي کي سوشل ميڊيا تي موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، عظميٰ بخاري جلد مسلم ليگ ن جي سوشل ٽيم کي چونڊيندي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي چيني هم منصب سان ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

بيجنگ(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 4 ملڪي دوري جي ٽئين مرحلي ۾ بيجنگ پهچي ويو جتي هوائي اڏي تي چين جي پرڏيهي وزارت جي اعليٰ اختيارين استقبال ڪيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ چيني هم منصب وانگ اي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي ۾ رابطن جي هٿي سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني هم منصب وانگ اي سان ملاقات دوران وزير اعظم پاڪستان عمران خان طرفان چيني قيادت جي لاءِ پيغام ڏنو.

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل

گڏيل جاچ ٽيم جي سفارش تي نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا

اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ بعد ٻئي ڄڻا پرڏيهه سفر نه ڪري سگھندا

ڪراچي(م ڊ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن ماڻهن جا نالا گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي سفارش تي اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن جنهن بعد اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر پرڏيهه سفر نه ڪري سگهندا. ميڊيا جي رپورٽن موجب 6 جولاءِ تي ايف آءِ اي جي اسٽيٽ بينڪ سرڪل ميگا مني لانڊرنگ جي ڪيس جي جاچ آغاز ڪيو. 2015ع ۾ ڪوڙي بينڪ اڪائونٽ ڪيس بابت شروع ٿيل انڪوائري بعد گڏيل اڪائونٽن کي انڪوائرين ۾ ضم ڪري ڇڏيو.

جي آءِ ٽي رپورٽ رياست جي ناڪامي کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي: وزيراعظم

رپورٽ رياستن جي ناڪامي، قرض ۽ غربت جي واڌ جي حوالي سان هڪ اسٽڊي ڪيس آهي

پاناما ۽ جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته رياست ڪيئن ناڪام ٿيندي آهي

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان پاناما پيپر ۽ جعلي اڪائونٽن وارين جي آءِ ٽي رپورٽن کي رياستن جي ناڪامي ۽ قرض ۽ غربت جي واڌ جي حوالي سان هڪ ڪيس اسٽڊي قرار ڏئي ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم لکيو ته پاناما ۽ ڪوڙن اڪائونٽن جي جي آءِ ٽي رپورٽون ڪيس اسٽڊي آهن ته رياستون ڪيئن ناڪام ٿينديون آهن ۽ ڪهڙي طرح غربت ۽ قرض ۾ ٻڏي وينديون آهن.  وزيراعظم عمران خان وڌيڪ لکيو ته جنهن طريقي ۽ جنهن پيماني تي عوام پئسو چوري ڪيو ويو، اهو ناقابل يقين آهي ، وزيراعظم وڌيڪ لکيو ته مونکي انهن ماڻهن تعجب ٿئي ٿو، جيڪي رپورٽون پڻ بعد به لٽيرن جو بچاءُ ڪري رهيا آهن.

علي رضا عابدي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارو هو: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني انڪشاف ڪندي چيو آهي ته علي رضا عابدي 2018 جي چونڊن کان اڳ پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي علي رضا عابدي جي آصف علي زرداري سان گڏ نڪتل تصوير شيئر ڪندي سعيد غني لکيو ته علي رضا سٺو دوست هو، هن سان ڪافي ميٽنگس ٿيون، جن ميٽنگس کي سندس خواهش موجب راز ۾ رکيو ويو هو. هن چيو ته علي رضا عابدي پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو.

آءِ ايم ايف جو بجلي مهانگي وارو شرط منظور، گيس چوري جا 65 ارب عوام کان اوڳاڙڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ سرڪار بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ عالمي مالياتي فنڊ جا چئن مان ٻه مطالبا مڃي ورتا، آءِ ايم ايف ڊالر مهانگو ڪرڻ واري شرط تان هٿ کڻي ويو

روينيو اوڳاڙي بابت پاڪستان آءِ ايم ايف جو مطالبو تسليم نه ڪيو، هدف 4700 ارب رپين بدران 4400 ارب رپين تائين وڌايو ويندو

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت عالمي مالياتي اداي آءِ ايم ايم ايف جو بجلي مهانگي ڪرڻ وارو شرط مڃي ورتو آهي، جڏهن ته گذريل حڪومت ۾ ٿيل گيس چوري جا 65 ارب به عوام کان اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ سرڪار بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ عالمي مالياتي فنڊ جا چئن مان ٻه مطالبا مڃي ورتا آهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف ڊالر مهانگو ڪرڻ واري شرط تان هٿ کڻي ويو آهي. ذريعن موجب حڪومت روينيو اوڳاڙي بابت آءِ ايم ايف جو مطالبو تسليم نه ڪيو آهي، حڪومت جو موقف آهي ته روينيو اوڳاڙي جو هدف 4700 ارب رپين بدران 4400 ارب رپين تائين وڌايو ويندو ، جڏهن ته ذريعن موجب حڪومت پاران عالمي مالياتي اداري جو بينڪن کان قرض تي وياج جي شرح ٻيڻ تي وڌائي 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو مطالبو مڃڻ کان به انڪار ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته بيل آئوٽ پيڪيج تي ڳالهين لاءِ آءِ ايم ايف جي وفد جي جنوري جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف جي نه اچڻ جي صورت ۾ وڊيو ڪانفرنس تي ڳالهيون ٿينديون. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي حڪومت مسلم ن جي گذريل حڪومتي دور جي پنجن سالن دوران ٿيل گيس چوري جا 65 ارب روپيا واهپيدار کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ اوگرا سئي نادرن گيس ڪمپني جي درخواست تي 2013 کان گذريل پنج سالن دوران ٿيل گيس چوري جي مد ۾صارفين کان 65 ارب روپيا وصول ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، اها رقم صارفين کان مرحلي وار بلن ذريعي وصول ڪئي ويندي، سئي نادرن جي صارفين کان چوري ٿيندڙ گيس جي مد ۾ اڳ ئي ساڍا چار سيڪڙو وصولي ٿي رهي آھي، جنهن شرح ۾ واڌ ڪري 7.1 سيڪڙو ڪئي وئي آھي.

جيڪب آباد ۾ قلات جو بااثر نوجوان هٿيارن ۽ باڊي گارڊن سميت گرفتار

جيڪب آباد)رپورٽر)جيڪب آباد پوليس جي ڪارروائي بلوچستان سان تعلق رکندڙ بااثر خاندان جو نوجوان ھٿيارن ۽ پنهنجي باڊي گارڊن سميت گرفتار، سياسي مداخلت بعد بااثر نوجوان آزاد، جيڪب آباد جي صدر پوليس شنبي شاھ لڳ بلوچستان کان ايندڙ بااثر جي ويگو گاڏي کي روڪي ورتو جنھن مان چار ڪلاشنڪوف 16 ميگزين ۽ 480 غير قانوني گوليون ھٿ ڪيون ويون، پوليس بااثر سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري صدر ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو، سياسي مداخلت بعد پوليس بااثر ۽ ويگو گاڏي گم ڪري چئن محافظن خلاف ايڇ سي پرويز دشتي جي مدعيت تي جوابدارن منظور احمد، شاھ جھان، غلام جان بروهي ۽ سعيد احمد دايو خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي آهي صدر پوليس جي منشي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شنبي شاھ لڳ پوليس چئن جوابدارن کي ھٿيارن سان ڏسي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ٿيلن مان ٽن جو تعلق بلوچستان جي علائقي قلات ۽ ھڪ جو اوسته محمد سان ٻڌايو پيو وڃي جڏھن ته ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او صدر سان رابطو ڪيو ويو ته ان ايس پي صاحب سان گڏ ھئڻ جو جواز ڄاڻائي موبائل بند ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان موبائيل نمبر اٽينڊ ڪو نه ڪيو ، باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته بااثر نوجوان جي سڃاڻپ قلات واسي آغا ڪريم جي نالي سان ٿي آهي جنهن جو تعلق قلات جي ھڪ بااثر خاندان سان ٻڌائي پئي وڃي..

دنيا جي قيمتي جيئري مڇي 25 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو

ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) جاپان ۾ رنگين مڇين جي هڪ قسم “ڪوئي ڪارپ” جي ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ واري مڇي دنيا جي قيمتي مڇي بڻجي وئي. مڇي کي 25 ڪروڙ رپين وڪرو ڪيو ويو.
هڪ ميٽر ڊگهي ان مڇي کي هيروشيما جي هڪ فارم تي نيلامي ۾ وڪرو ڪيو ويو، انهي مڇيءَ گذريل سال آل جاپان ڪوئي شو ۾ پهريون نمبر ماڻي انعام حاصل ڪيو هو.
مڇي جي خريدار نالو نام ينگائنگ آهي، جيڪو تائيوان سان واسطو رکي ٿو.
اها مڇي هڪ سال ۾ 5 لک بيضا ڏيندي، جن مان رڳو 5 هزار ئي وڪري لائق هوندا. جڏهن ته اها مڇي اڃا وڌيڪ ٻن سالن تائين شو ۾ حصو وٺي سگهي ٿي.

فيصل آباد ۾ يوم قائد جي موقعي تي آل پنجاب ميراٿن ڊوڙ مقابلو

ساهيول جي محمد حبيب 24 منٽن ۾ 8 ڪلوميٽر طئي ڪري پهرين پوزيشن ماڻي

فيصل آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ قائد اعظم جي ڏهاڙي جي موقعي تي خانگي اسڪولن جي ايسوسي ايشن طرفان پنجاب ميراٿن ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو. ڊوڙ ۾ 700 ايٿليٽس شرڪت ڪئي، جن مان ساهيوال جي محمد حبيب 8 ڪلوميٽر جو ڊگهو فاصلو 24 منٽن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن ماڻي.
ڊوڙ مقابلي جو افتتاح ڊي سي فيصل آباد سردار سيف الله ڊوگر ڪيو، سندس چوڻ هو ته ڊوڙ مقابلي جو مقصد نوجوان نسل کي صحتدمند سرگرميون فراهم ڪرڻ آهي.
8 ڪلوميٽرن جي ڊگهي ڊوڙ ڪشمير پل کان شروع ٿي ڊي گرائونڊ چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي. جنهن ۾ ساهيوال جي ايٿليٽ محمد حبيب پهرين، محمد اختر ٻئين پوزيشن ماڻڻ تي خوشي ملهائي.
هوڏانهن ڊوڙ مقابلي ۾ مناسب سهولتون نه ملڻ تي انتظام ڪندڙ سان شڪايتون به ڪيون ويون.

محمد حفيظ لاهور قلندرز جي نواجون رانديگر کي گر سيکارڻ ميدان تي اچي ويو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد حفيظ لاهور قلندرز جي نوجوان رانديگرن کي عالمي ڪرڪيٽ جو تجربو منتقل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو.
لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ محمد حفيظ لاهور قلندرز جي رانديگرن کي خاص گر سيکاريا، ۽ آل رائونڊر رانديگرن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ ليڪچر به ڏنو.
محمد حفيظ کي پي ايس ايل 4 لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪيوي بالر سائوٿي کي مارٽن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ٻن وڪيٽن جي ضرورت

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزلينڊ ٽيم جي بهترين فاسٽ بالر ٽم سائوٿي کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻي ڪيوي بالر ڪرس مارٽن جي گهڻين وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ وڌيڪ ٻن وڪيٽن جي ضرورت آهي.
سريلنڪا خلاف ٿيندڙ اڄوڪي ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن ٽم سائوٿي 2 وڪيٽون حاصل ڪري ٿو ته هو گهڻيون ٽيسٽ وڪيٽون وٺندڙ ٽيون ڪيوي بالر بڻجي ويندو.
مارٽن 233، جڏهن ته سائوٿي 232 وڪيٽون ورتيون آهن. نيوزلينڊ طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ گهڻيون وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز رچرڊ هيڊلي وٽ آهي، جنهن 431 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته ڊينيل ويٽوري 361 وڪيٽن سان ٻئين نمبر تي موجود آهي.

سرفراز کي وڪيٽن پويان 150 شڪار مڪمل ڪرڻ لاءِ 2 شڪار گهربل

سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽن پويان 150 شڪار مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 2 شڪار گهربل آهن.
سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن سرفراز احمد وڪيٽن پويان ٻن رانديگرن کي ڪيچ يا اسٽمپس ذريعي آئوٽ ڪري ٿو ته هو اهو ڪارنامو ڏيندڙ ٽيون پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بڻجي ويندو.
سرفراز احمد اڃا تائين 148 شڪار ڪيا آهن، جن مان 128 ڪيچز ۽ 20 اسٽمپس ذريعي بيٽسمين کي پويلين ڀيڙو ڪيو آهي.
پاڪستان طرفان وڪيٽن پويان وڌيڪ شڪار ڪندڙ جو اعزاز وسيم باري کي آهي، جنهن 228 شڪار ڪيا، 206 شڪارن سان ڪامران اڪمل ٻئين نمبر تي موجود آهي.