fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڊي ڪيپريو جي فائونڊيشن ماحولياتي تبديلي خلاف جنگ لاءِ 100 ملين ڊالرز گڏ ڪري ورتا

لاس اينجلس (آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ ليونارڊو ڊي ڪيپريو جي فائونڊيشن ماحولياتي تبديلي خلاف جنگ جي مهم لاءِ 100 ملين ڊالر فنڊ گڏ ڪري ورتو.
فائونڊيشن جي ويب سائيٽ تي جاري هڪ بيان ۾ ڊي ڪيپريو 100 ملين ڊالر جو فند گڏ ڪرڻ جي خبر ڏيندي چيو ته کين ماحولياتي تبديلي خلاف جنگ جي مهم جي 6 پروگرامن لاءِ 11 ملين ڊالرز جي به منظوري ٿي آهي، ۽ ڪل فنڊ 100 ملين ڊالر ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته ڊي ڪيپريو اها فائونڊيشن 1998 ۾ قائم ڪئي هئي.

نواز دور ۾ ٿيل گيس چوري جا 65 ارب عوام کان اوڳاڙڻ جو فيصلو

اوگرا سئي نادرن جي درخواست تي گيس چوري جو پورائو صارفين مان ڪرڻ جي منظوري ڏني

رقم بلن ذريعي وصول ڪئي ويندي، صارفين کان 7.1 سيڪڙو وصولي ٿيندي

اسلام آباد (رپورٽر) عوام لاءِ نئون عذاب، حڪومت گذريل دور ۾ ٿيل گيس چوري مد ۾ 65 ارب صارفين کان اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ مسلم ن جي حڪومت جي گذريل پنج سالن دوران ٿيل گيس چوري جي مد م 65 ارب روپيا گيس صارفين کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اوگرا سئي نادرن ڪمپني جي درخواست تي 2013 کان گذريل پنج سالن دوران ٿيل گيس چوري جي مد ۾صارفين کان 65 ارب روپيا وصول ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، اها رقم صارفين کان مرحلي وار بلن ذريعي وصول ڪئي ويندي، سئي نادرن جي صارفين کان چوري ٿيندڙ گيس جي مد ۾ اڳ ئي ساڍا چار سيڪڙو وصولي ٿي رهي آھي، جنهن شرح ۾ واڌ ڪري 7.1 سيڪڙو ڪئي وئي آھي.

ليبيا جي پرڏيهي کاتي آفيس تي آپگهاتي حملو، 2 مارجي ويا

طرابلس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ليبيا جي پرڏيهي کاتي جي عمارت جي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ليبيا جي راڄڌاني طرابلس ۾ پرڏيهي کاتي جي عمارت ۾ ٻن حملو ڪندڙن داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ناڪامي تي هڪ حملو ڪندڙ پاڻ کي مک دروازي تي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻيو حملو ڪندڙ مشين گن سان فائرنگ ڪندي اندر داخل ٿيو.
آپگهاتي حملي ۾ پرڏيهي کاتي جي عمارت جي سيڪيورٽي ڊيوٽي ڏيندڙ هڪ اهلڪار ۽ هڪ ڪلراڪ مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته 9 ملازم به زخمي ٿيا. عمارت ۾ داخل ٿيل حملو ڪندڙ کي سڪيورٽي اهلڪارن ماريو.
هوڏانهن سڪيورٽي اختيارين جو چوڻ هو ته حملي ۾ داعش جي ملوث هجڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.
جڏهن ته داعش سميت ڪنهن ويڙهاڪ ڌڙي حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

مقصودي رند ۾ باھ لڳڻ سبب 2 گھر سڙي ويا، الھھ تلھھ سڙي رک

مقصودو رند (ن پ ا) مقصودورند لڳ ڳوٺ لنڊو ۾ باھھ لڳڻ سبب 2 گھر سڙي ويا. پورھيت سورجو ڀيل ۽ تاريو ڀيل جي ڪکاون گهرن کي چلهي مان چڻنگ اٿڻ ڪري باهھ وڪوڙي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻئي گھر سڙي ويا، گھر ڀاتين ۾ رڙيون پئجي ويون، باھ لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو.

شهيد راڻي جي ورسي: بلاول،بختاور،آصفه ۽ فريال نئين ديري پھتا

نئون ديرو(رپورٽر) شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس پهچي ويو آھي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندڙ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. جڏھن ته 27 ڊسمبر تي ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي تقريب جي جلسي عام کي خطاب پڻ ڪندو. جڏھن ته ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جون نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري سميت ايم پي اي فريال ٽالپر پڻ نئون ديرو هائوس ۾ پهچي ويون آھن.

شيخ اياز تحقيقي صحافت متعارف ڪرائي، سندس ايڊيٽوريل سائنسي هئا:صحافي

اياز جي صحافت کي پرکڻ لاءِ مختلف پيرا ميٽر رکڻا پوندا:سهيل سانگي ۽ ٻين جو خطاب

شيخ اياز ميلي جي صحافتي ويھڪ

حيدرآباد(رپورٽر)شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي ٻئي فڪري ويهڪ اياز ۽ صحافت جي موضوع هيٺ ٿي، جنهن ۾ خطاب ڪندي سينيئر صحافي نصير اعجاز چيو ته شيخ اياز، يوسف شاهين جي اخبار برسات ۾ ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون، شيخ جي اياز جي پاليسي، خبرن ۽ باقي معاملن سان واسطو نه هوندو هو، شيخ اياز هڪ سال کان وڌيڪ عرصو برسات اخبر ۾ ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا، شيخ اياز جهموريت ۽ راء جي آزادي تي يقين رکندڙ انسان هو، پر هو اها ڳالهه به سمجهندو هو ته جهموريت واري دور ۾ انسان جو تحفظ يقيني نه ٿو ٿي سگهي، ته اها جهموريت به ڪنهن ڪم جي ناهي،شيخ اياز جيڪو لکيو اهو وزندار هو، جنهن سان اخبار مضبوط ٿي، هن پاڻ کي ڪڏهن به صحافي نه سمجهيو پر پنهنجي علم ۽ ادب واري مهارت مان صحافين کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ صحافت ڪئي، نامياري صحافي سهيل سانگي ڇيو ته هر شي کي مختلف انداز سان ڏسڻ جو نالو صحافت آهي،ڪنهن شاعر جو صحافي ٿيڻ ٿورو ڏکيو هجي ٿو، هن چيو ته اها ڳالهه سچ آهي ته شيخ اياز جو برسات اخبار جي پاليسي ۽ ٻين معاملن سان تعلق نه هو، پر هن جا ايڊِيٽوريل سائنسي انداز جا هئا، اها حقيقت آهي ته اخبار جو ايڊيٽر ليڊ خبر کان وٺي، آخري صفحي جي سنگل ڪالم جي خبر جو به ذميوار هجي ٿو، هن چيو ته هاڻي ته اهو دور ئي ناهيو، جو ايڏي وڏو قد ڪاٺ واري ماڻهو کي ايڊيٽر جي آفر ڏني وڃي، هن چيو ته شيخ اياز جي صحافت کي پرکڻ لاءِ مختلف پيراميٽر رکڻا پوندا، سنيئر صحافي امداد سومري چيو ته شيخ اياز تخليقي صحافت متعارف ڪرائي، اهو ته نه پئي ٿي سگهيو ته شيخ اياز آخري وقت ۾ ويهي پيسٽنگ به پاڻ ڪرائي ها، شيخ اياز سنڌي شاعري کي نوان دڳ ۽ رستا ڏنا، هن روايتي بند ٽوڙيا ۽ هن صحافت ۾ به نوان رستا ۽ راهون ڏسيون، هن ويهڪ جو ماڊريٽر صحافي منظور ميراڻي هو، جنهن چيو ته فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز صحافت ڪئي، پر شيخ اياز عمر جي آخري حصي ۾ صحافت واي پيشي سان منسلڪ ٿيو، جڏهن ته فيض احمد فيض اوائلي دور ۾ ئي صحافت ڪئي هئي.
شيخ اياز اڏول ارادن جو مالڪ ۽ قومي شاعر آهي:جامي چانڊيو
حيدرآباد:سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ ساڃاه وندن چيو آهي ته شيخ اياز اڏول ارادن جو مالڪ ۽ قومي شاعر آهي، سندس فڪر ۽ فلسفي ۾ سنڌ جا اهي سڀ رنگ نروار ٿين ٿا، جيڪي هن ڌرتي جي سڃاڻپ آهن، اهڙو اظهار هنن حيدرآباد ۾ خانا بدوش رائٽرس ڪيفي ۽ شيخ اياز ميلا ڪاميٽي پاران حيدرآباد ۾ منعقد چوٿين شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي مخلتف فڪري ويهڪن ۾ ڪيو، شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن جي پهرين ويهڪ شيخ اياز جا دفاع ڪار هئا، هن ويهڪ کي خطاب ڪندي نئين ٽهي جي دانشور جامي چانڊيو چيو ته شيخ اياز جي شاعري ترقي پسند آهي، شيخ اياز واري رجعت پسند ڌريون هڪ پاسي هيون ۽ رياست انهن سان گڏ بيٺل هئي،ان جي مقابلي ۾ سنڌ جي ترقي پسند، روشن خيال، وطن دوست ۽ قومپرست سوچ هئي، جنهن انسان دوستي، ترقي پسندي، امن ۽ قومي حقن جي ڳالهه پئي ورجائي، وقت ثابت ڪيو، اسان جا دانشور ۽ سڄاڻ ذهن درست پاسي تي بيٺل هئا، هن چيو ته شيخ اياز جي شاعري ۾ مذهب کان وڌيڪ تصوف حاوي آهي، شيخ اياز ڪنهن به هڪ فڪري روايت سان منسلڪ نه رهيو،شيخ اياز جي شاعري جا محرڪ ۽ قدر تبديل نه ٿيا،هن چيو ته محمد ابراهيم جويو جي فڪري اوسر ڪئي، قومپرستن ۽ ترقي پسندن پاران اياز تي ان دور ۾ ڪيل تنقيد انهن ڌرين جو حق هو، ۽ اها ڳالهه زنده سماج جي سڃاڻپ آهي، باقي شيخ اياز تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو ته سنڌ جي ساڃاه شيخ اياز جو ڀرجهلو ٿي بيٺي، نامياري اديب تاج جويو چيو ته شيخ اياز جي آزاد نظم تي ڪفر جون فتوائون ڪڍيون ويون، حالانڪ اياز جي جديد سنڌي شاعري ڪنهن به مذهب جي خلاف نه هئي، پر ان هوندي به رجعت پسندن مٿس حملا ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، نوجوان شاعر علي آڪاش چيو ته شيخ اياز، ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجو جهڙا قدآور انسان سدائين رجعت پسندي آڏو بند بڻيل رهيا، محمد ابراهيم جويو اياز شناسي جو رواج وڌو ۽ اياز جي شاعري سنڌي ٻولي جو ڪرشمو آهي، هن ويهڪ جو ماڊريٽر رياضت ٻرڙو هو، جنهن چيو ته ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجي جو شيخ اياز جي شاعري کي عام ڪرڻ نمايان ڪردار هو.
شيخ اياز هن دور ۾ صحافي ٿئي ها ته هلي ئي نه سگهي ها:وسعت الله خان
حيدرآباد؛ شيخ اياز ميلي جي موقعي تي ڳالهائيندي ملڪ جي نامياري صحافي وسعت الله خان چيو ته هن دور ۾ جيڪڏهن شيخ اياز وائس چانسلر ٿئي ها ته سرچ ڪاميٽي هن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ شوٽ آئوٽ ڪري ڇڏي ها ۽ هو هنن حالتن ۾ هڪ مهينو به پنهنجي سيٽ تي ويهي نه سگهي ها، هن چيو ته يونيورسٽين ۾ هاڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون وزن جي حساب سان ملن ٿيون، جن تي هن کي صحيحون ڪرڻيون پون ها ۽ هو ڪري نه سگهي ها، شيخ اياز جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ صحافي به ٿئي ها ته چار مهينن جي پگهار نه ملڻ جي ڪري هلي نه سگهي ۽ مٿان وري سخت سينسرشپ جي ڪري ڪجهه به لکي نه سگهي ۽ نيٺ صحافت کي به الوداع ڪري ڇڏي ها. هن چيو ته شيخ اياز اهو خوشمقست انسان هو جو ان وقت سياسي ماڻهن کي جيلن حوالي ڪندڙ وقت جا آمر به ڪجهه بهتر هئا، جيڪي پنهنجي مخالفن کي جيلن ۾ وجهندا هئا ته گهٽ ۾ گهٽ اها ضمانت ته هوندي هئي ته هو جيل ويندڙ زنده سلامت واپس موثي ايندا، هن سوال اٿاريو ته ڇا شيخ اياز کي اڄ جي دور ۾ جيل نصيب ٿي ها، اڄ جيڪڏهن هو زنده هجي ها ته ممڪن آهي ته هو هن وقت پاڪستان جو مشهور گم ڪيل شخص هجي ها، اڄوڪين حالتن ۾ گذري ويل شخص تي ميلو ڪرڻ آسان به آهي ته ڏکيو به آهي.
شيخ اياز صرف ترقي پسند ئي نه پر حقيقي طور تي انقلابي ۽ باغي شاعر هو:اعجاز منگي
حيدرآباد؛شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي شيخ اياز ۽ سندس هم عصر ترقي پسند شاعر جي موضوع تي به ويهڪ ٿي، هن ويهڪ کي خطاب ڪندي نامياري ڪالم نگار اعجاز منگي چيو ته شيخ اياز صرف ترقي پسند ئي نه پر حقيقي طور تي انقلابي ۽ باغي شاعر هو، هن جي انقلابي شخصيت تي اثر هن جي ادبي استاد حشو جو اهي، حشو واحد ڪميونسٽ هو، جيڪو قومي خوداردايت تي يقين رکندڙ هو، شيخ اياز پنهنجي وطن، ڌرتي ۽ پوري دنيا سان عالمگير خيال ذريعي محبت جو رشتو قائم ڪيو، ناليواري ناول نگار رفاقت حيات چيو ته اردو ۾ سجاد ظهير ۽ ٻين لنڊن ۾ هڪ ميٽنگ ڪري انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد رکيو، برصغير ۽ اردو جا ليکڪ ان تحريڪ جي اثر هيٺ رهيا، شيخ اياز به ترقي پسند نظرئي کي پنهنجو ڪيو ۽ ان فڪر کي سنڌ جي روح سان ڳنڍيو، هن سچل ۽ لطيف جي فڪر جي روشني ۾ ترقي پسند فڪر کي عوام تائين آندو، هن چيو ته اردو شآعري انڪري زمين سان جڙي نه سگهي جو هو زباني سطح تي عوام کان پري رهي ۽ ان جو ٻيو وڌو ڪارڻ اهو آهي ت هو بادشاهن جي اثر هيٺ نپني ۽ وڏي ٿي، ناول نگار سيد ڪاشف رضا چيو ته ترقي پسند جي اردو ادب تي اثر نظر اچي ٿو، جڏهن ته اردو ادب جي ترقي پسندي چئني صوبن جي ترقي پسند تحريڪ کان مختلف آهي، تيموررحمان چيو ته حالتون شاعرن کي مجبور ڪن ٿيون ته هو پنهنجي اندر جو آواز محڪومن ۽ مظلومن لاءِ بلند ڪن، هن چيو ته شيخ اياز اردو ۽ شاعرن ۽ اديبن کي پنهنجي قلمي پورهئي ۾ جاءِ ڏني آهي پر اردو اديبن ۽ شاعرن وٽ شيخ اياز لاءِ اهو رويو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، جنهن جو ڪارڻ ڳولڻ جي ضرورت آهي.
ميلي جي پڄاڻي،فتح علي خان،رجب فقير،برڪت بٽ ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا
حيدرآباد: اياز ميلي جي آخري ڏهاڙي تي محفل اياز ۾ ناميارن راڳين سرن جي ورکا ڪئي، ان موقعي تي استاد فتح علي خان، رجب فقير، لعل بينڊ جي تيمور رحمان ۽ سندس ساٿين، برڪت علي ڀٽ ۽ ٻين سر وکيريا، جڏهن ته وهاب شاه ڪلاسيڪل رقص پيش ڪيو.

سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي، صوبائي گهرو کاتي ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته متحده اڳواڻن جي سيڪيورٽي موجوده صورتحال کي ڻظر ۾ رکندي وڌائي وئي آهي.

ساس نصيرآباد پاران شيخ اياز کي شاعري جي ڀيٽا

نصير آباد (ن پ ا) نصير آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا لاءِ سندس هفتي نالو ڪيو ويو آهي، جنهن جي چوٿين ويهڪ نالي واري اديب ننگر چنا جي صدارت هيٺ ٿي. ان موقعي تي مختلف اديبن پاران شيخ اياز جي شاعري تي ڳاله ٻولهه رکي وئي. بشير احمد نوناري ڪاروائي هلائيندي چيو ته سنڌ جي ادب جا سرجڻهار هندستان لڏي سنڌ جي ادب کي ڇورو ڇنو ڪيون پئي ويا، ان وقت شيخ اياز ٻار جي آڱر پڪڙي، پنهنجي دور جي بلندين تائين پڄايو. پروفيسر ستار سومري شيخ اياز جي ڀٽائي کي ڀيٽا تي ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز جا 74، 75 ڪتاب آهن. ڀوئنر ڀري آڪاس، ڪپر ٿو ڪن ڪري، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا ڪتاب. انهن ڪتابن جا نالا شيخ اياز ڀٽائي جي شعرن مان کنيا آهن، انهن نالن بابت شيخ اياز چوندو هو ته منهنجي ڪتابن تي آهي نالا ڀٽائي جي شفقت جو هٿ آهن. طارق عزيز تنيو، عبد الواحد آريسر جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو ٻئي سياري تان امپورٽ ٿي ايندا آهن، شيخ اياز به انهن منجهان هڪ آهي، شيخ اياز کي ڪنهن استعاري جي ضرورت ناهي ۽ سائين جي ايم سيد پروميٿيئس، يوناني ديوتا آهي ۽ حسام الدين شاه راشدي علم ادب جو ديومالائي ڪردار آهي. سجاد الحق ڪانڌڙي چيو ته شيخ اياز کان پڇيو ويو اوهانجي شاعري جي هيروئن ڪير آهي؟ شيخ اياز چيو ته، ٿري عورت جو عڪس منهنجي تحت الشعور مان نه نڪتو آهي. نجي الله چنا چيو ته شيخ اياز جي شعرن ۾ اها نواڻ ۽ استعارو آهي جيڪو ٻين شاعرن کان نرالو آهي. ننگر چنا صدارتي راءِ ڏيندي چيو ته اياز، اياز، اياز، جنم جنم جي جيت اياز! سندس چوڻ هو ته اياز کي اسين محبت جي ڀيٽا ٿا ڏيون، باقي اياز اسانجي پهچ کان مٿانهون مقام آهي. شيخ اياز جي دور ۾ گهٽ ماڻهو هئا جيڪي تمام گهڻو پڙهندا هئا، جيئن پليجو، شيخ اياز پاڻ، سراج ۽ جويو صاحب. ۽ ان دور جا اعلي ليکڪ کڻجن ته شيخ اياز انهن منجهان هڪ اعلي ليکڪ آهي. هن چيو ته شيخ اياز giants among the poets آهي. وڏن شاعرن جي اها خوبي آهي ته هو لفظن لاءِ لغت جو درجو رکندا آهن، جيئن ملڪن ۾ سڄو رائج ٿيندو آهي، ائين وڏا شاعر لفظن کي رائج ڪندڙ هوندا آهن. ويهڪ ۾ بشير احمد نوناري، هالار، جمن چنجڻي، سعيد احمد، اياز نوناري، ۽ سرواڻ نوناري پڻ شريڪ رهيا.

جيڪا ڳالهه نيب عدالت کي ڪرڻ گهرجي اها پي ٽي آءِ وارا پيا ڪن : عابدي جو آخري ٽوئيٽ

عابدي عام چونڊن کان اڳ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو: سعيد غني

ڪراچي: اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي قتل ٿيڻ کان ڪجھه ڪلاڪ اڳ 5 لڳي 57 منٽن تي پنهنجي زندگي جو آخري ٽويٽ ڪيو، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ ٽوئيٽ ڪندي علي رضا عابدي لکيو هو ته پي ٽي آءِ وارن پريس ڪانفرنس ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه ڪئي، پريس ڪانفرنس ۾ ڪنٽينر واريون ڳالهيون ورجايون ويون. پي ٽي آءِ وارا گذريل 5 سالن کان ساڳيون ڳالهيون ڪن پيا، صرف نئين شيءِ اها آهي ته جيڪي ڳالهيون نيب عدالت کي ڪرڻ گهرجن، اهي هي پيا ڪن.
ٻئي طرف صوبائي وزير سعيد غني انڪشاف ڪندي چيو آهي ته علي رضا عابدي 2018 جي چونڊن کان اڳ پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي علي رضا عابدي جي آصف علي زرداري سان گڏ نڪتل تصوير شيئر ڪندي سعيد غني لکيو ته علي رضا سٺو دوست هو، هن سان ڪافي ميٽنگس ٿيون، جن ميٽنگس کي سندس خواهش موجب راز ۾ رکيو ويو هو. هن چيو ته علي رضا عابدي پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو

سکر ۾ به ڪرسمس ملهائي وئي

سکر (ن پ ا) سڄي ملڪ جيان ڪرسمس وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي،سينٽ سيويئر چرچ ۾ مرڪزي تقريب ڪوٺائي ويئ، امن ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، جنهن ۾ عورتن، ٻارن سميت وڏي انگ ۾ مسيحي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خاص عبادت سان گڏ ڪرسمس گيت ڳايا ويا ۽ هڪٻئي کي مبارڪن سان گڏ تحفا ڏنا ويا.

ملير ۾ مسيحي برادري طرفان ڪرسمس ملهايو ويو

ملير (ن پ ا) دنيا سميت ملير جي مختلف علائقن اسٽيل ٽائون، ملير هالٽ، قائد آباد، ڀينس ڪالوني، پپري سميت مختلف علائقن ۾ ڪرسمس جون تقريبون شروع ٿي ويون. ڪرسمس جي موقعي تي مذھبي عبادتگاهن کي روايتي انداز سان سجايو ويو آهي. ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽي مٺايون ورهائي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاء دعائون ڪيون پيون وڃن ۽ مذهبي گيت ڳائي خوشي جو اظھار به ڪيو پيو وڃي . ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آھن. ملير جي مختلف گرجا گهرن جي سيڪيورٽي لاء300 مرد پوليس پوليس اهلڪارن کان سواءِ 90 عورت اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويو آھي.

ميهڙ ڀرسان ڪار جو چنگچي کي ٽڪر،ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي

ميهڙ(ن پ ا)ميهڙ لڳ انڊس هاءِ وي روڊ تي آمهون سامهون ايندڙ تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشا سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عاشق چانڊيو،علي حيدر سولنگي،وهمير تنيو ۽ 2 عورتون مسمات شھربانو سولنگي ۽ حنيفه ڌي همت سولنگي سخت زخمي ٿي پيون ،جن کي تعلقا اسپتال ميهڙ کان پوءِ علاج لاءِ لاڙڪاڻو نيو ويو .

ميهڙ ۾ گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجڻ سبب موٽر سائيڪل سوار فوت

ميهڙ(ن پ ا)ميهڙ لڳ ٻيٽو روڊ تي گڏھ گاڏي ۽ موٽرسائيڪل جو زوردار ٽڪرٿيڻ سبب ڳوٺ گنجا جو رهواسي موٽرسائيڪل سوار زاهد حسين پٽ نياز حسين ابڙوسخت زخمي ٿيڻ کان پوءِ فوت ٿي ويو ،جنهن جو مڙهه تعلقا اسپتال ميهڙ آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پوءِ ڳوٺ گنجا کڻائي ويا. جتي سندس رات دير سان تدفين ڪئي وئي ،جڏهن ته پوليس گڏه گاڏو هلائيندڙ کي گڏه گاڏي سميت حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.

پنگريو ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ لاءِ گهرن نڪتل 10 ورهين جو نينگر گم

پنگريو)ن پ ا) پنگريو جي باءِ پاس ڀرسان سلطان مدرسي ۾ قرآن پاڪ پڙھڻ لاء ڇڏيل 10 سالا محبت ملاح پٽ محمد رمضان ملاح مدرسي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي،سندس پيءُ پريس ڪلب پنگريو ۾ صحافين کي ٻڌايو ته ھن ۽ مدرسي جي انتظاميه صبح کان نينگر کي ڳوليو پر سندس ڪوبه پتو نه پيو آھي، شڪ آھي ته ھو ڪيڏانھن نڪري ويو آھي .

نصيرآباد ۾ جيالي جو گهرڀاتين سان گڏ پوليس خلاف احتجاج

نصيرآباد (ن پ ا)نصيرآباد ۾ پ پ پ جي پراڻي جيالي علي رڏ پاران گھر ڀاتين سميت نصيرآباد پوليس خلاف احتجاج،پ پ جي جيالي محمد قاسم رڏ،ديدار تنيو،ذليخان خاتون،منورہ خاتون۽ٻين جو نصيرآباد سچل پريس ڪلب آڳيان احتجاج ڪندي چيو ته نصيرآباد ٿاڻي جي اهلڪارن اسان جي نوجوان پورھيت اصغر رڏ کي بي گناھ گرفتار ڪري کيسي مان 11 هزار رپيا ڪڍڻ بعد ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو جي گهر ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.