fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

گرھوڙشريف:ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾2ڄڻا زخمي

گرهوڙ شريف(ن.پ.ا)ڦلهڏيون ڀرسان تيز رفتارڪار جي موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي وئي.حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار راڻو ڪڇي ۽ پارو مل زخمي ٿي پيا.زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڀارت ۾ نينگري پاران وڏا وار رکڻ جو عالمي رڪارڊ

نلانشي 5 فوٽ 7 انچ وار رکڻ تي نالو عالمي رڪارڊ ۾ شامل

16 سالن جي نينگري 10 سالن کان وارن کي ڪٽرائڻ کان نابري واري
ڀارتي نينگري نلانشي پٽيل

گجرات (دلچسپ) ڀارت ۾ 16 ورهين جي نينگري دنيا ۾ سڀ کان ڊگها وار رکندڙ نينگري جو رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ سندس نالو گئنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نلانشي پٽيل 2 گذريل 10 سالن کان پنهنجي وارن کي ناهي ڪٽرايو، جنهنڪري سندس وار هن جي قد کان به ڊگها ٿي ويا آهن. نينگري ميڊيا کي ٻڌايو ته هوءَ 6 ورهين جي هئي ته وار ڪٽرائڻ دوران سندس خراب تجربو ٿيو، جنهن کانپوءِ هن ڪڏهن به وار نه ڪٽرائڻ جو فيصلو ڪيو. نينگري جو چوڻ آهي ته شروع ۾ سندس والدين مخالفت ڪئي پر بعد ۾ هو به کيس ڪجهه نه چوندا هئا.

شام مان آمريڪي فوج جي واپسي تي صحيح ٿي وئي

فوج واپسي جي ڪا تاريخ ناهي ڏني وئي: آمريڪي ترجمان

پينٽاگون (ا ڊ) شام مان آمريڪي فوج جي واپسي واري حڪم نامي تي صحيح ڪئي وئي آهي. آمريڪي فوج جي ترجمان شام مان آمريڪي فوج جي انتظامي واپسي تي صحيح جي حوالي سان ڪي به تفصيل جاري ناهن ڪيا. آمريڪي صدر پاران شام مان فوج واپسي جو اعلان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيو. ٻي پاسي ترڪ صدر ارگان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران شام جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. طيب اردگان آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ خطي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن فوجي ۽ سفارتي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

ايمبولينس نه آهي ڀلا جهاز گهرائي ڏيان؟ اسپتال جو ايم ايس اڻڍنگي رويي سبب مشهور

ڳڙهي خيرو: سپتال جو ايم ايس مريضن سان پنهنجي اڍنگي رويي سبب مشهور آهي.اڪثر مريضن جي وارثن سان منهن ماري ڪرڻ سندن معمول بڻيل آهي ۽ اهڙو واقعو ڪجھ ڏينهن اڳ به پيش آيو ٻٻر محلي جي رهوسي ظفرالله ٻٻر جڏهن پنهنجي 16 ڏينهن اڳ ڄاول معصوم پٽ کي اسپتال آندو ته ڊاڪٽر ٻار کي ڏسي چيو ته هن کي هتي ڇو کڻي آيو آهين هي ته مرڻ تي آهي اهڙي ڳالھ ٻڌي ٻار جي پي پريشاني وچان ڊاڪٽر کي ايلاز ڪيا ته منهنجي پٽ کي فرسٽ ايڊ ڏئي ايمبولينس ۾ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو جنهن تي ڊاڪٽر هن تي ٺٺوليون ڪيون ۽ کيس چيو ته بيھ تنهنجي لاءِ جهاز ٿو گهرايان.ان کان علاوھ سول اسپتال ايندڙ مريضن کي اهو به چوندو رهندو آهي ته سرڪاري اسپتال ۾ ڇا پيو آهي جو اوهان ڀڳا بيٺا آهيو.شهر جي سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته اهڙي راشي ڊاڪٽر کي هٽائي ڪنهن انسان دوست ۽ ايماندار ڊاڪٽر کي سول اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو وڃي ته جيئن شهري سول اسپتال کان لاڀ حاصل ڪري سگهن.

اسپتال ۾ ڳو هڪ ليڊي ڊاڪٽر مقرر، ويم لاءِ ايندڙ عورتون پريشان

ڳڙهي خيرو(ن پ ا)ڳڙهي خيرو تعلقه اسپتال ۾ هڪ ليڊي ڊاڪٽر،هڪ گائناڪالوجسٽ ۽ ٽي مڊوائيوز آهن. اسپتال جو ليڊي عملو صبح 10 بجي کان 3 بجي ڪم ڪري ٿو پر 3 بجي کان پوءِ ڪا به ليڊي ڊاڪٽر ۽ باقي ليڊي عملو نه هئڻ ڪري ويم لاءِ ايندڙ عورتون مشڪلاتن ۾ گهيرجي ويون آهن. شهرين عبدالفتاح جمالي،نادر علي ٻرڙو،جمال منگي ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايم ايس ڊاڪٽر قربان لانگاھ پاڻ به ڊيوٽي نه ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسپتال ايندو آهي پر هن پنهنجي عملي کي به ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.ليڊي ڊاڪٽر ۽ مڊوائيوز صبح جي وقت ڊيوٽيون ڪن ٿيون ۽ رات جو ڪنهنجي ڊيوٽي نه هئڻ ڪري ويم واريون عورتون مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن.ڪيترائي دفعا ايم ايس کي گذارش ڪئي آهي ته ليڊي ڊاڪٽر ۽ هڪ مڊ وائيف جي ديوٽي ڏينهن جو ۽ گائناڪالوجسٽ ، ٻي مڊوائيف ۽ نرس جي ڊيوٽي رات جو لڳائي وڃي ته جيئن رات جو ايندڙ مريضن کي به سهولت ٿي پئي پر راشي ايم ايس ڪجھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

مريضن لاءِ آيل زڪوات جا پيسا به هڙپ ٿيڻ جا اطلاع

ڳڙهي خيرو: زڪوات فنڊ مان غريب مريضن جي علاج لاءِ ملندڙ لکين روپيه به اسپتال انتظاميه جي ڪرپشن جي نظر ٿيڻ لڳي آهي 2010 جي مها ٻوڏ کان پوءِ ڪنهن به غريب مريض جو زڪوات فنڊ مان علاج نه ڪرايو ويو آهي،جڏهن ته ڪيترائي غريب مريض زڪوات فارم ڀرائي ايم ايس وٽ پهچن ٿا ته ايم ايس اهو چئي کين موٽائيندو رهندو آهي ته زڪوات فنڊ بند آهي ۽ وٽن ڪوبه اهڙو فنڊ نه آهي جنهن مان ڪنهن غريب مريض جو علاج ڪرائي سگهجي. شهرين سعادت حسين ،جاويد علي بروهي،عبدالحميد لُهر ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته مريضن لاءِ اسپتال ۾ ٿڌي ۽ صاف پاڻي جو به بندوبست نه ٿيل آهي،وارڊن جا پکا ۽ اي سيون غائب آهن جڏهن ته هڪ جنريٽر صحيح حالت ۾ موجود آهي پر ان ۾ به تيل نه وجهرايو وڃي ٿو،ان سهولتن لاءِ صحت کاتي پاران بجيٽ ملي ٿي جيڪا مريضن جي سهولت بجاءِ ڪرپشن جي نظر ڪئي پئي وڃي.

ريڊڪراس جي مدد سان ٺهرايل ٽراما سينٽر به لاڀ نه ڏئي سگھيو

عالمي اداري پاران ڏنل الٽراسائونڊ، اي سي جي مشين ۽ ليبارٽري جو سامان خراب ٿيڻ لڳو

اسپتال لاءِ آيل ايئرڪنڊيشنر مبينا طور ايس ايم گھر کڻائي ويو، گرمين ۾ مريض ڏچي ۾

ڳڙهي خيرو: عالمي سماجي اداري آءِ سي آر سي ۽ سنڌ گورنمينٽ پاران ٺهرايل ٽراما سينٽر به مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي.عالمي اداري پاران لکين روپين جي لاڳت سان ٺهرايل ٽراما سينٽر ۽ اسپتال ۾ موجو الٽراسائونڊ مشين،اي سي جي مشين ۽ ڏندن جي چڪاس واريون مشينون ۽ ليبارٽري جو ٻيو سامان به ايم ايس ڊاڪٽر قربان لانگاھ جي بي ڌياني سبب خراب ٿيڻ لڳو آهي. اسپتال لاءِ آيل ايئرڪنڊيشنر مبينا طور ايس ايم گھر کڻائي ويو آهي. الٽراسائونڊ مشين جيڪا اڳ ۾ هفتي ۾ ٻه دفعا هلائي ويندي هئي اهو سلسلو به بند ڪيو ويو آهي..شهرين عبدالغني کوکر،عبدالمجيد لهر،نذير حسين بروهي،لياقت دايو،ظفرالله بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته عالمي سماجي اداري پاران ٺهرائي ڏنل ٽراما سينٽر کي ڊاڪٽرن پنهنجو آرام گاھ بڻائي ڇڏيو آهي.ٽراماسينٽر جيڪو هڪ جديد اسپتال هئڻ گهرجي ها کي ڊاڪٽرن رڳو ڪانفرنسن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.شهرين وڌيڪ دانهيو ته بند الٽرسائونڊ کوليو وڃي،ڏندن جو ڊاڪٽر گهرائي بيڪار پيل سامان کي ڪارآمد بڻائي ماڻهن کي لاڀ ڏنو وڃي ۽ خراب اي سي جي مشين جي به مرمت ڪئي وڃي ته جيئن بي لاڀ بڻيل سامان کي لاڀائتو بڻائي شهرين کي سهولت ڏني وڃي.

اسپتال جي ٽن ايمبولينسز مان ٻه خراب

ويڪسينيشن مهم لاءِ مليل گاڏيون به اسپتال ۾ بيٺل

ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هجڻ ڪري ٻارڙا پوليو ڦڙن کان به محروم

ڳڙهي خيرو: تعلقه اسپتال جي ٽن ايمبولينسن مان ٻه خراب حالت ۾ اسپتال ۾ موجود آهن جڏهن ته اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي پوليو ۽ ٻين ويڪسينيشن مهمن لاءِ فراهم ڪيل ٽن گاڏين ما به ٻه گاڏيون خراب حالت ۾ اسپتال ۾ موجود آهن جنهن سبب پوليو ورڪر تعلقي جي ڏورانهن علائقن ۾ نه ٿا پهچي سگهن ۽ هر پوليو مهم دوران ڪافي ٻار پوليو جي قطرن کان محروم رهن ٿا ۽ گاڏيون خراب هئڻ ڪري نوان ڄاول ٻار پڻ ويڪسين ۽ ٽڪن کان محروم رهن ٿا. اسپتال جي ٻن مان هڪ جنريٽر کي به ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو آهي،جنهن سبب نامعلوم ماڻهن گاڏين ۽ جنريٽر جا قيمتي پرزا ڪڍي ڇڏيا آهن ۽خالي گاڏين ۽ جنريٽر جو کو کو وڃي بچيو آهي.

سهراب سرڪي جي ڳوٺ ۾ سرڪاري اسپتال بي لاڀ بڻيل، دوائون اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سميت 40 عملو مقرر، اڌ کان وڌيڪ ڊيوٽي تان گم، اڪثر ڊاڪٽر ذاتي ڪلينڪن تي ڊيوٽي ڪرڻ لڳا

سرڪاري دوائون، ڳڙھي حسن، دوڙ، باھوکوسو، ڪريم بخش کوسو، جي خانگي اسپتالن ۽ اسٽورن تي اڌ قيمت تي وڪرو ٿيڻ لڳيون

ڳڙھي حسن(رپورٽ: محمد حسن کوسو) پ پ جي ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي جي اباڻي ڳوٺ ڳڙھي حسن م آئي ايڇ ايس جي سرڪاري اسپتال جي عملي پاران غريب مريضن کي ريلف نٿو ڏنو وڃي . ان حوالي سان علائقي جي رهواسين جون شڪايتون آهن ته مريضن جو صحيح علاج نٿو ڪيو وڃي، اسپتال ۾ اٽڪل ڊاڪٽرنسميت 40 کان وڌيڪ عملو مقرر ٿيل آھي جنھن ۾ ڊيوٽي صرف 25 ماڻھن جي لڳل آھي. انھن م بہ 12 کان 15 ماڻھو ڪم ڪن ٿا ۽ باقي عملو غائب آھي جيڪي مفت جون پگھارون کڻي رھيا آھن.۽ اسپتال ويران ٿيل آھي ۽ ڳڙھي حسن ۽ آس پاس جي غريب عوام کي ھتي ڪو بہ ريلف نٿو ملي بيمار مريضن کي جيڪب آباد ۽ ٺل نيو وڃي ٿو .مريضن جو چوڻ آهي ته اسپتال عملوچوندو آهي ته اسان وٽ دوائون ناھن ۽ دوائون جي کوٽ آھي ۽ وڌيڪ معلوم ٿيو آھي ته ڳڙھي حسن جي آئي ايڇ ايس سرڪاري اسپتال جي لا۽ آيل دوائون، ڳڙھي حسن.دوڙ.باھوکوسو.ڪريم بخش کوسو.جي پراويٽ اسپتالن ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي اڌ قيمت تي وڪرو ڪيا وڃن ٿا ۽ ھتي جي غريب عوام کي دوائون نٿا ڏين.۽ غريب ويچارا بيماري جي حالت م پراويٽ ڪلينڪن تي ڦرجڻ لڳا ۽ ڳڙھي حسن جي سرڪاري اسپتال م مقرر عملو ڊيوٽي ڪرڻ بدران  پنھنجا  پراويٽ ڪلينڪن کولي ويھي رھيا ۽ ڪي ڀوتارن جا دادلا پنھنجا ذاتي ڪم ڪار ڪرڻ لڳا سرڪاري اسپتال م آيل مريض تڙپي تڙپي مجبوري جي حالت م جيڪب آباد ۽ ٺل مان علاج ڪرڻ تي مجبور آھن ۽ ھتي آئي ايڇ ايس سرڪاري اسپتال م ڇتي ڪتي جو ويڪسين به نٿو ملي ۽ وڌيڪ ھتي جي رھواسين اعجاز ڪنڊراڻي۔گل محمد۔عبدالجبار۔ربنواز شڪيل احمد ۽ ٻين شڪايتون ڪندي چيو ته ۔ڳڙھي حسن جي سرڪاري اسپتال جي لا۽ آيل ڪروڙين روپين جون سرڪاري دوائون ويڪرو ڪري رڪارڊ ڪرپشن ڪيو وڃي ٿو. ھتان جي رھواسين سڪريٽري ھلٿ ۽ صحت کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته آئي ايڇ ايس ڳڙھي حسن جي سرڪاري اسپتال جي ڪرپٽ عملي کي ھٽائي ايماندار عملي مقرر ڪيو وڃي. ٻي پاسي رابطي ڪرڻ تي ضلعي جيڪب آباد جي ڊي ايڇ او عبدالغفار رند ٻڌايو آھي ته عوام جي ڪا به شڪايت آھي ان کي ختم ڪنداسين ۽ جيڪو به ڊاڪٽر ڊيوٽي نه ڪندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي۔۽ وڌ کان وڌ عوام کي ريلف ڏنو ويندو۔

گھوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

گھوٽڪي (ماجد علي سنگهڙ)گھوٽڪي ويجھو ڳوٺ بادل مگسي ۾ با اثر ماڻھن پاران ٻنھي ٻانھن کان معزور پورھيتن جي زمين تي مبينا طور تي قبضو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت احتجاجي مظاھرو انصاف جي اپيل گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادل مگسي جي رھواسين ٻنھي ٻانھن کان معزورن عبدالقدير مگسي عرض محمد مگسي عورتن ۽ ٻارن سميت مبينا زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.
ڪندي دانھيندي چيو ته ڳوٺ جي با اثر ماڻھن گلزار مگسي غلام نبي مگسي نياز مگسي عرفان مگسي ۽ محمد شھبان مگسي اسان جي ڏيڍ ايڪڙ کاتي واري زمين تي قبضو ڪيو آھي مظاھرين دانھيو ته جوابدارن گھر تي حملو ڪري عورتن مٿان تشدد ڪرڻ سان گڏ ڀنڃ ڊاھ ڪئي آھي جنھن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي ۽ عورت مسمات نور خاتون زخمي ٿي پئي آھي جنھن کي تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو آھي جوابدار با اثر آھن پوليس به مدد نٿي ڪري مظاھرين دانھيو ته جوابدار زبردستي زمين جو کاتو وٺڻ چاھين ٿا نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن مظاھرين وس وارين اعلي اختيارين کان انصاف جي گھر ڪئي آهي جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻھون گلزار احمد منگسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زمين تي قبضي ڪرڻ جا الزام ڪوڙا آهن هو پنهنجي کاتي واري زمين تي فصل پوکي رهيا آهن زمين تي قبضي جا الزام ڪوڙا آهن.

ڇاڇري ۾ مٺو پاڻي نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ آلڻاآباد ۾ پاڻي جي بحران ۽ ڳوٺ ڀرسان گذريل پنج سال کان ڪنٽينر ۾ نمائش طور لڳل آر او پلانٽ نه هلائڻ تي ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو،ڳوٺاڻن مٺن سميجو،رحمت الله،عبدالشڪور سميجو،رمضان،ارباب علي،حبيب الله سميجو ۽ ڌانهيندي چيو ته ڳوٺ جي هڪ هزار آبادي خريد ڪري مٺو پاڻي استعمال ڪري رهئي آهي.

،پاڻي جي بحران سبب چوپايو مال اڃ وڳي مري رهيو آهي،ڳوٺ ۾ پنج سال اڳ آر او پلانٽ جي اسڪيم ڏني وئي جيڪا ڪنٽينر اندر قيمتي مشينگيري سڙي تباہ ٿي رهئي آهي،صرف نمائش طور ڪنٽينر ۾ آهي،اسان غريب ڳوٺاڻا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيو،اسان ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر پنج سال جي عرصي ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو آهي،اسان مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيو،ڳوٺاڻن چيو ته چونڊيل نمائندا به اسان جي هن معاملي تي ڪو به توجه نٿا ڏين پوءِ اهڙي اسڪيم ڏيڻ جو فائدو ڪهڙو،ڳوٺاڻن چيو ته اسان جي گهرن پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه آهي،ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت ٻين اعلا اختيارين کي اپيل ڪندي چيو معاملي جو نوٽيس وٺي آر او پلانٽ هلايو وڃي،پاڻي جي بحران سميت اسان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيو….. ڇاڇرو رپورٽ سومار راهمون 03343159016

ڪنڌڪوٽ جو ڪيبل آپريٽر دل جو دورو ڪرڻ سبب فوت

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ ايس ايس ڊي ٽي وي ڪيبل نيٽ ورڪ جو مالڪ موهن لال ٿوراڻي دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو سرڳواسي موهن لال جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن سميت هندو برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن واري خطاطي نمائش شروع، ماڻهن جي رش

حيدرآباد(رپورٽر)خانه فرهنگ جمهوري اسلامي جمهوريه اسلام ايران جي ٽن ڏينهن واري خطاطي جي نمائش شروع ٿي وئي،جنهن جو افتتاح ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ نامياري اديب يوسف سنڌي ڪيو.نمائش ۾ قرآني آيتون۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون.نمائشي تصويرن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا،نمائش ۾ حصو وٺندڙ هڪ شاگردياڻي دعا اعجاز چيو ته مون هڪ هفتي جي محنت کان پوءِ خطاطي مڪمل ڪئي آهي،مصباح چيو ته مون مديني جي اڱڻ جي آئل پينٽنگ ڪئي آهي،جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مونکي 6 ڏينهن لڳي ويا،هن چيو ته اميد آهي ته منهنجي پينٽنگ ماڻهن کي پسند ايندي.

ڊي سي دادو ۽ پير مظهر الحق وچ ۾ تڪرار

دادو: دادو ۾ حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن به تڪرارن جي ور چڙهي ويو آهي. اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي ڊي سي آفيس تي الزام هنيو آهي ته دادو ۾ حددخلين خلاف آپريشن شفاف نموني نه ٿي رهيو آهي، غريبن جا گهر توڙي ٻيون اڏاوتن ڊاهي پٽ ڪرڻ سان گڏ بااثر ڌُرين کان به قبضا ڇڏائڻ گهرجن.

“جيڪو ڏاڍو سو گابو” دادو ۾ حددخلين خلاف آپريشن ۾ رڳو غريبن جا گهر ڍير

دادو ڪئنال تي اڏاوتون نه هٽايون ويون، ميونسپل جي دڪانن مٿان ٺهيل عمارتون ۽ قبرستان تي قبضا به برقرار

غيرقانوني ڪارخانا، هوٽلون ۽ دڪان به نه هٽايا ويا، تاريخي لعل هندي قبرستان جي پلاٽن تي قبضا ڪري بنگلا ۽ جڳهون ٺاهيون ويون

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) سنڌ جي شهرن جيان دادو شهر ۾ به سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت انتظاميا طرفان حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ جو آپريشن تيزيءَ سان جاري آهي. شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تان غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ بعد انتظاميا بااثر ڌُرين کي قبضا ڇڏڻ جا نوٽيس ته جاري ڪيا ويا، پر بااثر ڌُرين جا قبضا هٽائڻ لاءِ عملي طور آپريشن ڪرڻ جي حوالي سان انتظاميا اڃا تائين ٻُڌتر جو شڪار آهي. ضلعي انتظاميا طرفان دادو ڪئنال جي بندن تي قبصو ڪندڙ ارشد ميمڻ، احمد خان پنهور، نور حسين ٻگهيو، عبدالله جمالي، بادل مستوئي، دولت جمالي، حامد سيال، عامر شاھ ۽ عنايت الله پنهور سوڌو ٻين کي پاڻمرادو قبضا ڇڏڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيس جو وقت پورو ٿي ويو. نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته غيرقانوني طور اڏايل ڪارخانا، برف ڪارخانا، هوٽلون، دڪان ۽ گهر خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو ويو هو، جنهن تي عمل نه ڪيو ويو آهي. اُن کانسواءِ دادو شهر جي شاهي بازار جي مُنڍ ۾ ميونسپل ڪميٽي جي پراڻي سبزي منڊي جي دڪانن مٿان پوليس انسپيڪٽر سميت بااثرن گهر ٺهرائي ورتا آهن، ملاح چوڪ ۽ ڪاليج روڊ جي ڪنارن توڙي گٽرن مٿان دُڪان اڏايا ويا آهن، اهڙي ريت سرڪٽ هائوس سامهون آبپاشي کاتي جي سرڪاري واٽر ڪورسن ۽ زمين تي بااثر شخصيتن پاران شاپنگ دڪان ۽ گهر تعمير ڪرايا ويا آهن. ساڳئي ئي وقت تاريخي لعل هندي قبرستان جي پلاٽن تي قبضا ڪري بنگلا ۽ جڳهون ٺاهڻ سبب ڪيتريون ئي قبرون ميسارجي ويون آهن. ان کانسواءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي قيمتي پلاٽن تي به قبضا ڪيا ويا آهن. ڊي سي دادو، ميونسپل چيئرمين کي درخواستون ڏيڻ باوجود بند ڪيل گهٽيون نه کلي سگهيون آهن. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي دادو جي چيئرمين ٻڌايو ته سبزي منڊي جي دڪانن تي اڏاوتون غير قانوني آهن. آئون ۽ اسٽنٽ ڪمشنر نذير سومرو دڪانن تي گهر توڙي شاپنگ سينٽر ٺهرائيندڙن ڏانهن وياسين، اهي اڏاوتون ضرور ڊاٺيون وينديون.