دادو: ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته دادو جي ضلعي انتظاميا طرفان حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ کانپوءِ ملبو هٽائڻ لاءِ ڪروڙين رُپين جو خرچ ڏيکارڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب گذريل سال ڪجهه علائقن ۾ حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون هٽايون ويون هيون، جنهن جو ملبو کڻڻ لاءِ ضلعي حڪومت طرفان 10 کان 12 ڪروڙ رُپيا خرچ ڏيکاريو ويو هو.
سرڪاري آفيسن جو به ڳچ حصو حددخلين ۾ شامل
ڊي سي هائوس، بلڊنگ کاتي جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ايس ڊي او روڊس آفيس جي غيرقانوني تعمير
ايس پي آفيس، هيپاٽائيٽس سينٽر، روينيو ڪوارٽر، سيپڪو انجنيئر جي آفيس ۽ ڊي يڇ او جي آفيس به قبضو قرار
دادو: هاءِ وي جي قانون ۾ واضح ڪيل آهي ته نيشنل هاءِ وي جنهن کي قومي شاهراهه به سڏيو ويندو آهي، اُن جي ڀرپاسي جيڪڏهن سرڪاري يا نجي عمارتون تعمير ڪرايون وڃن ته اُن لاءِ قومي شاهراهه ۽ اڏاوتن وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 فُٽن جو فاصلو هجڻ ضروري آهي. ذريعن موجب ڊي سي هائوس، بلڊنگ کاتي جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ايس ڊي او روڊس آفيس، ايس پي آفيس، هيپاٽائيٽس سينٽر، روينيو ڪوارٽر، سيپڪو انجنيئر جي آفيس ۽ ڊي يڇ او جي آفيس به اهڙي طريقي سان تعمير ڪيون ويون آهن، جو انهن جي اڳيان واريون ڀتيون 60 فُٽن جي فاصلي تي هجڻ بدران قومي شاهراهه سان ڳنڍيل آهن. دادو شهر جي مُک موندر ناڪي ڀرسان پراني واپڊا اسڪارپ جي جي بنگلن تي به بااثرن جا قبضا 15 سالن کان برقرار آهن، جن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ڪابه رٿابندي نه جوڙي وئي آهي، ريلوي کاتي جي بنگلن ۽ ڪوارٽرز تي به قبضا ڪندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.
جوهي ڀرسان ناري مبينا اغوا، ڪيس داخل
ڳوٺ جعفر لنڊ واسڻ ڪائنات جي وارثن اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو
جوھي(ن پ ا) جوهي ويجهو مبينا اغوا ٿيل ناري واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ڳوٺ جعفر لنڊ واسي شريف لنڊ جوهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار آفاق لنڊ ناري ڪائنات لنڊ کي اغوا ڪري ويو آهي. ٻئي پاسي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ناري ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. هوڏانهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ناري نوجوان سان شادي لاءِ گهران نڪري وئي آهي.
سي سي ٽي وي ڪيمرائون هن سال لڳي وينديون: ناصر شاهه
ڪراچي: جيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سي سي ٽي وي ڪيمرائون سمورن جيلن ۾ هن سال جي پڄاڻي تائين لڳي وينديون باقي جيمر لڳائڻ وارو منصوبو روڪيو اٿئون، صوبائي وزير جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ ماڻهن کي مشڪلاتون اچڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ماڻهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار جيلن تان جيمر هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،هن چيو ته اسان سڄي سنڌ جي جيلن جا خطرناڪ قيدي هڪ جيل ۾ منتقل ڪنداسين، پوءِ ان ئي جيل جي سيڪيورٽي بابت وڏا فيصلا ڪنداسين، انهن قيدين جي منتقلي بعد وڏن جيلن ۾ لڳل جيمر هٽائي ڇڏينداسين.
جيمر سبب رابطو ڪٽيل آهي، پ پ جي قيدي اڳواڻن جي دانهن
ڪراچي: جيلن جي ڀر ۾ لاڳيتو جيمر حڪمران جماعت جي قيدين لاءِ ڏکياين جو ڪارڻ بڻيل آهن. شرجيل ميمڻ سميت پيپيلزپارٽي حامي قيدي پارٽي اڳواڻن آڏو شڪايتون ڪندا رهيا آهن ته جيمرز هجڻ سبب رابطو ڪٽيل رهي ٿو. ذريعن موجب جيمر جڏهن نه هئا ته شرجيل ميمڻ سميت پيپلزپارٽي سميت مختلف پارٽين جا قيدي اڳواڻ جيل اندر موبائل فون ذريعي مختلف ماڻهن سان رابطي ۾ هوندا هئا. جيڪي هاڻي رابطو بند ٿيڻ سبب پريشان آهن.
سنڌ سرڪار 5- سالن ۾ جيل سڌاري نه سگھي، ويتر لڳايل جيمرز عوام لاءِ عذاب بڻيل!
سرڪار 2013ع ۾ خطرناڪ قيدين جي سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ ڪيمرائون ۽ جيمرز لڳائڻ جا 178 ڪروڙ رپين جا منصوبا شروع ڪيا
ڪراچي ۽ حيدرآباد جيلن ۾ لڳايل جيمرز ڏوھارين بجاءِ ڀرپاسي ۾ رھندڙ آبادي لاءِ ڏچو بڻجي ويا
ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار 5 سال گذرڻ باوجود جيلن اندر سڌارا آڻڻ واري منصوبي کي مڪمل ڪري نه سگهي، خطرناڪ قيدين هٿان جيلن کي ٽوڙڻ ۽ ڏوهاري سرگرمين جا اڏا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيميرائن ۽ جيمر لڳائڻ وارو منصوبو به مڪمل نه ٿي سگهيو، جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ ڪيترن سالن تائين مشڪلاتون پيدا ڪرڻ بعد سرڪار رڳو جيمر هٽائڻ لاءِ راضي ٿي آهي. سنڌ سرڪار 2013ع ۾ سنڌ اندر سمورن وڏن سينٽرل جيلن ۾ خطرناڪ قيدين جي سرگرمين کي روڪڻ، جيل ٽٽڻ کان بچائڻ ۽ جيلن مان خطرناڪ قيدين هٿان دهشتگردي جا منصوبا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ 88 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪراچي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور جيلن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ 90 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جيمر لڳائڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو هو، ان منصوبي جي اعلان کان هن وقت تائين صرف 25 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سي سي ٽي وي ڪميرائون لڳايون ويون، باقي جيلن ۾ ان منصوبي تي عمل نه ٿي سگهيو. اهڙي ريت ڪراچي ۽ حيدرآباد سينٽرل جيلن ۾ جيڪي جيمر لڳايا ويا، اهي ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ڪي لاڀائتا ته ثابت نه ٿي سگهيا پر ٻنهي جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي ويا. ڪراچي سينٽرل جيل جي ڀر ۾ جمشيد ڪوارٽر، پي آءِ بي، نيو ٽائون، دهلي ڪالوني، ڪشمير روڊ، پنهور ڳوٺ، نيو ايم اي جناح روڊ جي مختلف علائقن ۾ 10 لک کان وڌيڪ آبادي موبائيل نيٽ ورڪ کان محروم ٿي وئي، جنهن ڪري نه صرف انهن علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون پر وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ ٿي، ويتر انهن علائقن ۾ ماڻهن مسواڙ تي گهر وٺڻ به بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري ڪراچي سينٽرل جيل جي چئني پاسن کان اڌ ڪلو ميٽر جي علائقن ۾ موبائيل جا دڪان ۽ اسٽيٽ ايجنسيون به بند ٿي ويون. ”پنهنجي اخبار“ پاران علائقي ۾ وڃي ورتل ڄاڻ دوران دهلي ڪالوني جي رهواسين ٻڌايو ته صرف دهلي ڪالوني جي 10 گهٽين مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن 5 سالن ۾ جيمرز جي ڪري پنهنجا گهر وڪرو ڪيا، ساڳئي طرح پير الاهي بخش ڪالوني جون جيل جي ڀر واريون 8 گهٽيون ساڳي عذاب ۾ مبتلا آهن. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ به جيمر لڳڻ سبب سرفراز ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني، ڪلهوڙا ڪالوني ۽ ٻين علائقن جا لکين رهواسي پريشان آهن، سرڪار ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود جيلن کي محفوظ ته نه بڻائي سگهي پر جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ رهواسين لاءِ تڪليفون ئي پيدا ڪري سگهي، آخرڪار هن منصوبي کي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سرڪار فيصلو ڪيو آهي ته جيمر هٽايا ويندا.
ساڪري ويجھو حادثو، نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، 2 زخمي
ٽاڪاڻي سٽاپ وٽ حادثو، عرس لاشري فوت ٿي ويو، جميل خاصخيلي ۽ الهداد واريو زخمي
زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
ميرپورساڪرو(رپورٽر(ميروپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلون ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا،ان ڏس ۾ميرپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽرسائڪل جو آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي م ھڪ ڄڻو عرس لاشاري فوت ٿي ويو جڏنھن ته 2 ڄڻا جميل احمد خاصخيلي ۽ الھداد واريو سخت زخمي ٿي پيا جن کي شيخ زيد اسپتال آندو ويو،فوتي عرس لاشاري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
حيدرآباد ۾ پينو فقير ڪيس ۾ نئون رخ، ڪارنهن ھيٺ قتل جو انڪشاف
بندو عرف سوکا جو 5 ڏينهن اڳ ٻوري بند لاش مليو، پوليس عورت کي پٽ سوڌو گرفتار ڪري ورتو
غيرت ۾ اچي فقير کي قتل ڪيو(جوابدار) سوکا جي کيسي مان پئسا ڪڍي کيس ماريو ويو: چوٻول
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد مان 5 ڏينهن اڳ قتل ٿيلپيرسن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته پوليس ماءُ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو يوسف پوليس موجب، پيرسن بندو عرف سوکا قتل ڪيس ۾ نئون رخ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گجراتي پاڙي مان عورت نور النساءَ ۽ سندس پٽ فيصل عرف سني کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته مقتول جا سندس امڙ سان غلط لاڳاپا هئا، جنهن تي دوستن سان گڏجي بندو عرف سوکو کي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڦٽو ڪيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پيرسن بندو عرف سوکا پينو فقير هو، جوابدارن کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي مان پئسا ڪڍيا ويا. پوليس ٽئين جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، پر سندس گرفتاري ظاهر نه ڪري رهي آهي.
شاھپورجھانيان ويجهو15ڏينھن اڳ پرڻيل ڪنوارگم
مقيم شاهه ۾ مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ آيل مائرا شاهه اوچتو گم ٿي وئي
علائقي ۾ناري جو مرضي سان وڃڻ جو چوٻول.وارثن پاران اغوا جو الزام
شاهپورجهانيان(رپورٽر) شاهپور جهانيان کان 6 ڪلوميٽر پري مقيم شاھ مان 15 ڏينهن اڳ پرڻيل ڪنوار گم ٿي وئي.وارثن پاران پنجاب مان آيل مائٽن تي اغوا جو الزام جڏھن تھ علائقي ۾ ناري جو مرضي سان نڪري وڃڻ جو چئوٻول آھي.ناري جي والد بشير شاھ ۽ ٻين گهرڀاتين موجب سندن 18 ساله ڌي مائرا شاھ جي 15 ڏينهن اڳ پنهنجي نوابشاھ واسي مائٽ ساجد شاھ سان شادي ٿي هئي.هنن ٻڌايو ته اسانجي نياڻي شادي بعد پهريون ڀيرو ملڻ آئي ته پنجاب جي شهر دنياپور مان آيل مائٽ عمران شاھ ۽ زاهد شاھ 2 پاڙيسري ڀائرن ناصر علي ۽ نادر علي جي مدد سان اسان جي نياڻي کي اغوا ڪري ويا آھن.سندس بازيابي ۾ وس وارا مدد ڪرائين.جڏهن ته علائقي ۾ چوئوٻول آھي ته ناري پنهنجي مرضي سان مائٽ سان نڪري وئي آھي.رابطو ڪرڻ تي حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ثناء الله پنهور ٻڌايو ته ناري جا وارث ٿاڻي تي ناهن آيا جي ايندا ته سندن مرضي موجب قانوني ڪري ڪنداسين۔
ڪنڌڪوٽ ۾ گيس بحران، شهرين پاران اڄ ڌرڻي جو اعلان
شهر جي مختلف پاڙن ۾ 24 مان رڳو ٻه ڪلاڪ گيس جي فراهمي، رهواسي پريشان
انتظاميا نوٽيس وٺي مسئلو حل نه ڪرايو ته اڄ ايس ايس جي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين: شهري
ڪنڌ ڪوٽ( رپورٽ: احمد علي مغل) ڪنڌڪوٽ شهر اندر گيس بحران تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو گيس جي اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ بنا جواز بندش شهرين کي سخت پريشان ڪري ورتو شهرين پاران اڄ سوئي سدرن گيس آفيس جي اڳيان احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي شهر اندر ڪافي عرصي کان وٺي گيس جو هٿرادو پيدا ڪيل بحران تي گيس انتظاميا اڃان تائين ڪنٽرول نه ڪيو جنهن ڪري شهر اندر مختلف پاڙن ۾ 24 ڪلاڪن اندر صرف 2 ڪلاڪ مس گيس فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سڄي شهر اندر به اهڙي صورتحال آهي جنهن ڪري شهرين ابراهيم خاڪي، شاهنواز مرهيٽو عباس باجڪاڻي سميت ٻين پاران گيس بحران جي خلاف احتجاج جو رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي انهي حوالي سان اڳواڻن چيو ته شهر اندر عوام کي بنيادي سهولت گيس ۽ بجلي کان محروم رکي پريشان ڪيو پيو وڃي ٿو گيس کان سوا شهري زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي جنهن ڪري سوئي سدرن گيس انتظاميا ۽ ضلعي جي انتظاميا ڊي سي سميت وس وارا اهڙي معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ڪري گيس جو معاملو حل ڪرائين ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو تيز ڪيو ويندو.
ساماري ۾ گرفتار نوجوان کي ظاهر نه ڪرڻ تي وارثن جو احتجاج جو چتاءُ
سامارو (ن پ ا) سامارو لڳ ديھ ڊابو ۾ ڳوٺ ٽائون چيئرمين رفيق قائمخاني ۾ سامارو ٿاڻي تي داخل چوري ڪيس ۾ پيش ڪيل جوابدار همير دل کي پوليس تي گم ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي ان سلسلي ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ ٽائون چيئرمين ڳوٺ جي چڱي مڙس رفيق احمد قائمخاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي هاري تي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو تنهن باوجود اسان هاري همير دل کي سامارو پوليس حوالي ڪيو جنهن کي پوليس گرفتاري ظاهر ڪرڻ بدران لاتعلق بڻيل آھي ۽ پوليس ٻڌائي ٿي ته جوابدار ٿاڻي تان فرار ٿي ويو آھي.
ڳڙهي خيرو ويجهو ٻن گاڏين ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي
ڳڙهي خيرو(ن پ ا)ڳڙهي خيرو ٿاڻي جي حد جيڪب آباد،ڳڙهي خيرو روڊ تي سردار واھ لڳ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ بلوچستان جي ڊبل ڪئبن گاڏي ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.زخمين ۾ نويد احمد مغيري،گل محمد مغيري ۽ خادم حسين مغيري شامل آهن.حادثي بعد سردار واھ جا ڳوٺاڻا پهچي زخمين کي تعلقه اسپتال پهچايو جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.ڳڙهي خيرو پوليس گاڏي ۽ ڊرائيور اياز احمد لاشاري کي تحويل ۾ وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس درج نه ٿي سگهيو هو.
ڪشمور:رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، هٿيارن جي ڊيلر جو پُٽ گرفتار
پوليس گرفتار ڪيل ڊيلر ذاڪر حسين ۽ فلڪ شير جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي
گرفتار ڪيل سهيل ذاڪر وٽان پرڏيهي هٿيارن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪيو ويو آهي: پوليس
ڪشمور (ن پ ا) رحيم يار خان پوليس ڪشمور ڀرسان ۾ ڪارروائي ڪندي مبينا طور هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ ذاڪر حسين جو پٽ سھيل ذاڪر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪشمور ۾ هٿيارن جي ڪاروبار جي مشهور ڊيلر ذاڪر حسين جي پٽ سھيل ذاڪر کي پرڏيهي هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ رحيم يار خان پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. رحيم يار خان پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ذاڪر وٽان پرڏيهي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ ذاڪر حسين ۽ سندس ڀاءُ فلڪ شير کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، جن جي نشاندهي تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وئي.
ڪي سياح هوا جي آواز جا ته ڪي اونداهي ۾ روشني جا ڳولائو
سج جي روشني دوران جڳهه جي چونڊ ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت حاصل
ميرپور ماٿيلو: تفريحي لاء ايندڙ ماڻھو سج لھڻ کان اڳ پھچي وڃن ٿا ۽ سندن ڪوشش ھوندي آھي ته سج جي روشني دوران جڳهه سلڪيٽ ڪجي. سندن اھا به خواهش ھوندي آھي ته جتي رات گذارجي اھو ھنڌ آبادي کان پري ۽ مڪمل خاموشي ھجي جيئن ھوا جو آواز ڪنن تائين پھچي روح کي راحت بخشي. تفريح لاء ايندڙ ڪي ماڻھو اونداھ کي پسند ڪن ٿا ته ڪي ماڻھو وري رات جي وقت گاڏين جي بيٽرين مان بلب ٻاري ريگستان کي روشن ڏسي تفريح حاصل ڪن ٿا.
رات جو دڙن تي روشنين جا ٻيٽ، ٿر جي حسن کي چار چنڊ لڳيو وڃن
ميرپور ماٿيلو: ريگستاني علائقن ۾ رات جي سانت ۾ واري جي دڙن تي ٿوري ٿوري مفاصلي تي ماڻهن جي ٽولين جي صورت ۾ ويھڻ ڪري ٿر جي قدرتي حسن ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿي وڃي ٿو. دھل جي ٿاپ تي ھر طرف جھمرين ۽ تاڙين سان گڏ گانن جي گونجار رومانوي لڳي ٿي.