سکر: شو روم ويجهو ڳجهي ڪيمرا رڳو بينڪ آڏو لڳل هئي جڏهن ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران پوليس ذريعن توڙي علائقي جي ماڻهن کان معلومات حاصل ڪئي وئي ته پتو پيو ته بينڪ جي ٻاهران لڳل ڪيمرا رڳو بينڪ ۾ داخل ٿيندڙن جي ڪوريج ڪري سگهي ٿي ڇو ته ان جو منهن هيٺ جهڪيل ئي هيو. ان ڪري اتان ڪا به معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي.
سکر: رميش لال جي اغوا ڪارروائي هڪ منٽ ۾ مڪمل ٿي، پوليس، سياستدانن ۽ سردارن جا رڳو آسرا
شام جو شوروم تان لهندڙ رميش کي گاڏي تائين پهچڻ کان اڳ ڏوهاري کڻي ويا، پوليس 20 منٽن جي دير سان پهتي
سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر مان پنج ڊسمبر تي اغوا ٿيل وچولي درجي جي هڪ پڙهيل لکيل واپاري رميش لال جي اغوا جي واردات جي واقعي جي پوري ڪهاڻي واقعي واري هنڌ وڃي ماڻهن کان معلوم ڪري ورتي آهي. رميش لال 7.25 منٽن تي سبزي منڊي ويجهو چوڪ وٽ موٽر سائيڪلن جي شوروم تان لٿو، سندس گاڏي ۾ ڊرائيور ويٺل هو. رميش لال اڃا گاڏي وٽ پهچڻ کان اڳ آسپاس جي ماڻهن سان رسمي حال احوال ڪرڻ لڳو. هو اتي پنج اٺ منٽ موجود هيو ڀرپاسي ٻيا ماڻهو ۽ دڪاندار به موجود هئا ته هڪ ڪلٽس ڪار مان ٽي هٿيار بند لٿا ۽ کيس گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ چيو هن ٿوري مزاحمت ڪئي ته کيس بٽ هنيو ويو ۽ کيس زوري ڪار ۾ ويهاريو ويو اها ڪاروائي هڪ منٽ به مس ٿي ۽ ڪار شڪارپور طرف رواني ٿي وئي. سندس ڀاءُ ايڊوڪيٽ اشوڪ ڪمار کي اطلاع ڪيو ويو ۽ اهو واقعي واري هنڌ پهتو پوليس ايس پي جي اڳواڻي ۾ به ويهن منٽن اندر پهتي. پر پوليس اهري قسم جي ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگهي جنهن سان ڌاڙيلن جي رستا روڪ ٿي سگهي ها. اغوا واري واردات بعد پوليس رڳو شهر ۾ ڪاروايون ڪري 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي ٻڌ ڇوڙ ڪئي جنهن مان چاليهن ڄڻن بابت پوليس پاڻ ڊيٽا ظاهر ڪئي پر انهن مان ڪوبه ان اغوا واردات سان لاڳاپيل نه نڪتو. آءِ جي جي دٻاءُ پوڻ بعد 12 ڊسمبر تي ڏانهس هڪ رپورٽ موڪلي وئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اغوا ۾ استعمال ڪيل ڪار پنوعاقل مان هٿ ڪئي وئي آهي ۽ رپورٽ ۾ واقعي ٿيڻ بعد ايس ايس پي جي جاءِ واردات تي فوري پهچڻ کي ڪارنامي وانگر بيان ڪيو ويو. جڏهن ته بعد ۾ پوليس ڪار واري رڪوري تان ڦري وئي ۽ اها ڪار ٻي واردات واري ڄاڻائي وئي. شڪي ماڻهن جي گرفتارين جوبه ذڪر ڪيو ويو. ٻي پاسي وارث پ پ ايم اين اي خورشيد احمد شاهه سوڌو سکر ۽گهوٽڪي جي ڪجهه ٻين چونڊيل نمائندن سان به مليا پر کين رڳو آسرا مليا آهن. هوڏانهن پوليس پاران ان سلسلي ۾ ٻي ڪابه ڪاروائي اڃا ظاهر ناهي ٿي ۽ اها به ان انتظار ۾ آهي ته ڌاڙيل رابطو ڪن ته ڪجه اڳڀرائي ڪجي. جڏهن ڀنگ ڀرڻ جي افواهن کي پوليس ۽ رميش لال جا وارث رد ڪن ٿا. رميش جي گهر ۾ پريشاني وارو عالم آهي.
پروفيسر جو هٿڪڙين ۾ موت، سرگوڌا پوليس جا 3 اهلڪار معطل
پروفيسر جاويد احمد جي موت جا ذميوار پوليس گارڊز جا اهلڪار قرار
ايمرجنسي پوليس گارڊز جي اهلڪارن حد کان وڌيڪ محتاط ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي: رپورٽ
لاهور (م ڊ) سرگوڌا يونيورسٽي جي پروفيسر جاويد احمد جي هٿڪڙيون لڳل موت واري معاملي تي فرضن ۾ غفلت جي الزام هيٺ 3 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. لاهور پوليس جي ترجمان موجب ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور محمد وقاص نذير جي هدايت تي ايس پي ايڊمن سيد ڪرار حسين پروفيسر جي هٿڪڙيون لڳل موت جي معاملي جي جاچ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن موجب ايمرجنسي پوليس گارڊز جي اهلڪارن قانون تي عمل لاءِ حد کان وڌيڪ محتاط ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هٿڪڙيون نه کولڻ ۾ انهن اهلڪارن جي بدنيتي شامل نه هئي. لاهور پوليس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايمرجنسي پوليس گارڊز جي انچارج اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر عبدالقيوم، هيڊ ڪانسٽيبل محمد اعظم ۽ ڪانسٽيبل عمران کي فرضن ۾ غفلت تي معطل ڪيو ويو آهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان بهتر لاڳاپن ۾ آرمي چيف جو ڪردار آهي: پرويز الاهي
لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، قومي سلامتي ۽ ٻڌي لاءِ آرمي چيف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته آمريڪا، ايران ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپن جي بهتري ۾ قمر جاويد باجوه جي خاموش ڊپلوميسي شامل آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي تنهائي ختم ڪرڻ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته امن قائم ڪرڻ ۽ ٻڌي لاءِ آرمي چيف جون خدمتون تاريخ جو هڪ روشن باب آهن. پرويز الاهي چيو ته عالمي سطح تي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آرمي چيف جي دوري جو اعتراف ڪيو پيو وڃي، جنرل قمر جاويد باجوه جي دورن سان گڏيل اعتماد جي فضا پيدا ٿي آهي. هن چيو ته ڪرتارپور جي افتتاح سان ڀارتي قيادت سفارتي محاذ تي بيڪ فوٽ تي نظر آئي.
آسيا بي بي کي آزاد ڪرڻ وارو فيصلو عالمي دٻاءُ جو نتيجو آهي: فضل الرحمان
دٻاءُ ۾ ڪيل سپريم ڪورٽ جو فيصلو نٿا مڃيون، ڇا چيف جسٽس آسيا جي ڳوٺ وڃي جاچ ڪئي؟
حڪومت ملڪ جي نظرياتي سڃاڻپ ختم ڪرڻ چاهي ٿي، حڪمرانن ڊالر 145 رپين تائين پهچائي ڇڏيو
مظفر ڳڙهه (م ڊ) متحدا مجلس ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪوڙي حڪومت ملڪ جي نظرياتي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر عوام ان ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو. مظفر ڳڙهه ۾ تحفظ ناموس رسالت ملين مارچ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نئين حڪومت 10 سالن کان بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، معيشت سنڀالڻ ۽ غريبن کي گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر ٽن مهينن اندر ڊالر 145 رپين تائين پهچي ويو ۽ پني پني مُنهن جي ڦِري ويو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت اولهه جي دٻاءَ ۾ اچي آسيا بي بي کي آزاد ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو عالمي دٻاءَ ۾ ڪيو ويو، جنهن کي اسان نٿا مڃون، چيف جسٽس وڏا وڏا بار کنيا آهن، هو ڊيم به ٺاهي پيو ڏئي ۽ آبادي به ڪنٽرول ڪري رهيو آهي، ڇا چيف جسٽس ايترو عوامي بڻجڻ کانپوءِ به آسيا بي بي جي ڳوٺ وڃي ڪيس جي جاچ ڪئي؟ هن چيو ته نون نعرن ۽ نئين رنگ جي سياست سان مديني جهڙي رياست جي نالي تي قوم کي دوکو ڏنو پيو وڃي.
مريم نواز جي 5 مهينن کان سوشل ميڊيا تي واپسي
لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز 5 مهينن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي واپسي ڪئي آهي. مريم نواز جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ان کان اڳ ٽوئيٽ 24 جولاءِ تي ڪيو ويو، جيڪو چونڊن جي حوالي سان هو. مريم نواز 5 مهينن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي فعال ٿي آهي ۽ هن ٽوئيٽ ۾ پيءُ ۽ مرحوما ماءُ جي تصوير پوسٽ ڪندي سندن لاءِ دعا ڪئي آهي. مريم نواز لکيو آهي ته مان آخري ڀيرو ماءُ کي ڪفن ۾ ڏٺو هو ۽ آخري ڀيرو پيءُ کي کلندي پنهنجي ماءُ سان گڏ ڏٺو، الله پاڪ توهان ٻنهي تي رحم ڪري. ٻئي پاسي نواز شريف جي لاهور مان اسلام آباد روانگي جي موقعي تي مريم نواز کيس رخصت ڪندي چيو ته توهان جي ڪارڪن بڻجي توهان جي انصاف لاءِ ڪردار ادا ڪندس. ذريعن موجب مريم نواز والد نواز شريف کي چيو ته توهان کي عوام کان پري رکڻ وارا فيصلا بي بنياد ۽ مفروضن تي ٻڌل آهن. احتساب عدالت طرفان سڀاڻي نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو فيصلو ٻڌايو ويندو ، ان سلسلي ۾ نواز شريف لاهور کان اسلام آباد پهچي ويو آهي.
نواز ۽ زرداري خلاف اهم فيصلو اچڻ وارو آهي! نعيم الحق
لاهور ( م ڊ ) وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ جون حقيقتون سڀني سامهون اچي ويون آهن، اسان کي پڪ آهي ته مون کي پڪ آهي ته ملڪي دولت لٽيندڙن کي سزا ضرور ملندي. لاهور ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ اعجاز چوڌري جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي نعيم الحق چيو ته ماضي جي حڪمرانن غريب عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، زرداري ۽ نواز شريف جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن تي وڌيڪ نه ڳالهائيندس پر ڪرپٽ حڪمرانن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ تائين نظام مان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي قيادت ارب پتي آهي، آصف زرداري ۽ نواز شريف بيدردي سان ملڪ مان ڦرلٽ ڪئي، سندن ملڪ ۾ موجود ملڪيت ضبط ٿيڻ گهرجي. نعيم الحق چيو ته نواز شريف جي ذهن ۾ آهي ته هر حال ۾ کيس يا وري سندس اولاد کي اقتدار ۾ رهڻ گهرجي، سندن ذهنن ۾ اقتدار سان چنبڙي رهڻ ئي سياست آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين سان سهڪار جي فضا پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ميان شهباز شريف جي مخالف ڌر اڳواڻ ٿيڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
جولاءِ کان آڪٽوبر تائين خانگي شعبي 360 ارب رپين جو قرض کنيو: اسد عمر
اسلام آباد ( م ڊ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جولاءِ کان آڪٽوبر تائين خانگي شعبي ٽيڻ تي وڌيڪ قرض حاصل ڪيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي اسد عمر چيو ته هلندڙ سال جولاءِ کان آڪٽوبر خانگي شعبي 360 ارب ارپين جا قرض حاصل ڪيا، جڏهن ته گذريل سال ساڳي عرصي ۾ خانگي شعبي 110 ارب رپين جا قرض ورتا. هن چيو ته هلندڙ سال جولاءِ کان نومبر زرعي قرض 36 سيڪڙو وڌي 212 ارب تائين پهچي ويا، جڏهن ته گذريل سال ساڳي عرصي ۾ زرعي شعبي 156 جا قرض ورتا.
فرزانا جمالي ضمني مڪاني چونڊن ۾ هارائي وئي
نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي ضمني مڪاني چونڊن ۾ کٽي نه سگھي آهي. گذريل ڏينهن مڪاني ضمني چونڊن ۾ بهادر شاگردياڻي فرزانا جمالي نوابشا هه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي چونڊ اميدوار طور بيٺي هئي. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ ملي سگھيا. واضح رهي ته شاگردياڻي فرزانا جمالي کي يونيورسٽي ۾ مبينا طور هراسان ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو. جنهن کانپوءِ يونيورسٽي جي وي سي ۽ هڪ پروفيسر کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي هئي.
ڀاشا ۽ مهمند ڊئمن لاءِ فنڊ ۾ 8 ارب رپيا جمع، 14 کربن جي ضرورت
وزيراعظم ۽ چيف جسٽس فنڊ ۾8 ارب 89 ڪروڙ، 25 لک 9 هزار 579رپيا جمع ٿي چڪا
اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ ۾ سپريم ڪورٽ پاران ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ قائم ڪيل فنڊ ۾ جمع ٿيل رقم جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب 23 ڊسمبر 2018 تائين سپريم ڪورٽ ۽ وزير اعظم جي ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن لاءِ قائم ڪيل فنڊز ۾ 8 ارب 89 ڪروڙ، 25 لک 9 هزار 579رپيا جمع ٿيا آهن. جڏهن ته ڊيم ٺاهڻ لاءِ 14 ارب دالرن کان وڌيڪ رقم جي ضرورت آهي.
عمران حڪومت لاءِ نئون ڏچو، 5 سالن ۾ ساڍا 37 ارب ڊالر پرڏيهي قرضن جي ادائگي، انتظام مسئلو
هلندڙ مالي سال 2018-19 ۾ هڪ ارب 78 ڪروڙ وياج سوڌو 9 ارب ڊالرز ادا ڪرڻا پوندا: وفاقي حڪومت جو ناڻو کاتو
مالي سال 2019-20 ۾ 8 ارب ۽ 2020-21 ۾ 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ۽ وياج واپس ڪرڻو پوندو
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) تحريڪ انصاف جي موجوده وفاقي حڪومت کي پنهنجي پنج سالا مدت دوران ڳاٽي ٽوڙ غير ملڪي قرضن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻي آهي. موجوده حڪومت کي سال 2022-23تائين غير ملڪي قرضن جي مد ۾ 37 ارب 63 ڪروڙ 37 لک 60 هزار ڊالر ادا ڪرڻا آهن. وفاقي ناڻي کاتي مالي سال 2022-23 تائين پرڏيهي قرضن جي ادائگي جي حوالي سان لکت ۾ تفصيل پيش پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا. اُنهن تفصيلن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي پرڏيهي قرضن ۽ اُن تي وياج جي مد ۾ هلندڙ مالي سال 2018-19 کان مالي سال 2022-23 تائين مجموعي طور تي37 ارب 63 ڪروڙ 37 لک 60 هزار ڊالرز ادا ڪرڻا پوندا. وفاقي سرڪار کي اُن قرض ۽ وياج جي مد ۾ هلندڙ مالي سال 2018-19 دوران 9 ارب 5 ڪروڙ 99 لک 80 هزار ڊالر ادا ڪرڻا پوندا، جن ۾ 7 ارب 27 ڪروڙ 28 لک نوي هزار ڊالر قرض جي رقم ۽ 1 ارب 78 ڪروڙ 70 لک60 هزار ڊالر وياج جي مد ۾ شامل آهن. اهڙي ريت مالي سال 2019-20 ۾ 8 ارب 17 ڪروڙ 32 لک ڊالر غير ملڪي قرض جي مد ۾ ادا ڪرڻا پوندا، جنهن ۾ 6 ارب 68 ڪروڙ 51 لک 20 هزار قرض جي اصل رقم ۽ هڪ ارب 48 ڪروڙ 80 لک 60 هزار ڊالر وياج جي مد ۾ رقم شامل آهي. ناڻي کاتي طرفان پارليامينٽ کي مهيا ڪيل تفصيلن موجب پاڪستان کي سال 2020-21 ۾ مجموعي طور تي 7 ارب 45 ڪروڙ 55 لک 20 هزار ڊالر ادا ڪرڻا پوندا، جن ۾ 6 ارب 17 ڪروڙ 35 لک 80 هزار ڊالر قرض جي اصل رقم جڏهن ته 1 ارب 28 ڪروڙ 19 لک 40 هزار ڊالر وياج جي رقم شامل آهي. اُن کانسواءِ مالي سال 2021-22 ۾ پاڪستان کي پرڏيهي قرضن جي مد ۾ 6 ارب 45 ڪروڙ 26 لک 80 هزار ڊالر ادا ڪرڻا پوندا، جن ۾ 5 ارب 35 ڪروڙ 50 لک 80 هزار ڊالر قرض ۽ 1 ارب 9 ڪروڙ 76 لک 10 هزار ڊالر وياج جي رقم شامل آهي. ناڻي کاتي موجب مالي سال 2022-23 ۾ پاڪستان کي پرڏيهي قرضن جي مد ۾ 6 ارب 49 ڪروڙ 23 لک 70 هزار ڊالر ادا ڪرڻا آهن، جنهن ۾ 5 ارب 54 ڪروڙ 10 لک 50 هزار ڊالر قرض ۽ 95 ڪروڙ 13 لک 2 هزار ڊالر وياج جي رقم شامل آهي. مجموعي طور تي پاڪستان غير ملڪي قرضن جي مد ۾ مالي سال 2018-19 کان مالي سال 2022-23تائين اصل قرض جي مد ۾ 31 ارب 2 ڪروڙ 77 لک 20 هزار ڊالر جڏهن ته وياج جي مد ۾ انهي عرصي دوران مجموعي طور تي 6 ارب 60 ڪروڙ 59 لک 70 هزار ڊالر ادا ڪندو. جيڪا مجموعي طور تي پرڏيهي قرضن جي ڪل رقم 37 ارب 63 ڪروڙ 37 لک 60 هزار ڊالر ٿئي ٿي، جيڪا تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پنهنجي دور حڪومت جي مد ۾ ادا ڪرڻي آهي.
مڪاني چونڊ:سنڌ ۾پ پ 43 سيٽن تي سوڀاري،متحده 15 سيٽون کڻي وئي،7 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب
ڪراچي جون 10 سيٽون متحده ٻهاري وئي،پيپلز پارٽي به 8سيٽون کڻي ٻئي نمبر تي رهي،پي ٽي آءِ کي رڳو هڪ سيٽ نصيب ٿي سگهي
نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي،ننڍي چونڊ جي موقعي تي حفاظتي انتظام سخت رهيا،اڪثر ضلعن ۾ چونڊ عمل پر امن رهيو
ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خالي ٿيل بلدياتي سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي 43 سيٽن تي سوڀاري ٿي وئي آهي،متحده قومي موومينٽ 15 سيٽن سان ٻئي نمبر تي رهي ،7 سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ اي اين پي هڪ هڪ سيٽ ماڻي سگهي.سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڪراچي ۾ ننڍي مڪاني چونڊن جي 22 يوسي تڪن جي غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب ايم ڪيو ايم 10 سيٽون کڻي پهرين نمبر تي، پ پ پ 8 سيٽون کڻي ٻئي ۽ جڏهن ته عام چونڊن ۾ پهريون نمبر ماڻيندڙ پي ٽي آءِ رڳو يو سي چيئرمين جي هڪ سيٽ کٽي ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي هڪ ۽ ٻن سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي ،حيدرآباد جي مڪاني ادارن جي ٽن سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي متحده قومي موومينٽ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته هڪڙي سيٽ تي پ پ اميدوار کٽي ويو. ميرپورخاص جي ٽن سيٽن تي متحده ڪاميابي ماڻي، نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ مليا، جڏهن ته پنو عاقل ۾ يوسي نوراجا وارڊ نمبر 4 ۾ ڪائونسلر سيٽ تي آزاد اميدوار آدم مهر 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. سانگهڙ جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي ڊي اي اميدوار آفاق قريشي کي 504 ووٽ مليا.عمرڪوٽ جي يوسي مردان شاهه ۾ ف ليگ جو عازي سمون 1643 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، هن سيٽ تي پ پ جي روشن راهمون کي 1354 ووٽ مليا. سکر جي يوسي 17 نيو پنڊ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار گل محمد 535 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو محمد نعيم هارائي ويو. گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ 1770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ارشد لکڻ 739 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ملير جي يوسي ڪاٺوڙ تي پ پ اميدوار دادا ڪريم بلوچ 2735 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 717 ووٽ کڻي سگهيو. ماتلي جي وارڊ نمبر 7 ۾ پ پ جي عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار منير نظاماڻي کي 926 ووٽ مليا. نوشهروفيروز ۾ يوسي ڪوٽ ستابو ۾ مير محمد عالماڻي 1309ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي آصف عالماڻي 500 ووٽ مليا. پيرڳوٺ جي يوسي راهوجا ۾ آزاد اميدوار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کڻي سگهيو. ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ وارڊ 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي منور ملاح کي 355 ووٽ مليا. ملير جي يوسي ڄام مراد علي تي آزاد اميدوار صدام بلوچ 1947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته پ پ جي عرفان جوکيو کي 1835 ووٽ مليا. قاضي احمد جي يوسي گهرام مري جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نياز حسين مهر 650 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. خيرپور جي يوسي اڀڙي وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو غلام علي ڪنڌر 531 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،سندس مخالف اميدوار حنيف تنيو کي 182 ووٽ مليا،ٺٽي جي يوسي ڇتو چنڊ ۾ پ پ جو حيدر شاهه شيرازي 1632 ووٽ کڻي ڪامياب سندس مخالف پي ٽي آءِ جي عظيم بروهي کي 112 ووٽ مليا.خيرپورجي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ پ پ اميدوار محمد بخش ميتلو 232 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،خيرپورميرس جي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ ف ليگ اميدوار سراج احمد کنڀڙو 34 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپورجي يوسي مانڊڻ وارڊ نمبر 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 457 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ جي منور ملاح کي 349 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ آزاد اميدوار عبدالوحيد شيخ 432 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ پ پ اميدوار شاهد شيخ 317 ووٽ کڻي هارائي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ آزاد اميدوار حفيظ ڦلپوٽو 317 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ پ پ اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو 292 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپور جي يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ پ پ اميدوار نظر شر 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ ف ليگ اميدوار غلام الدين شر 345 ووٽ کڻي هارائي ويو،يوسي گمبٽ وارڊ 11 ف ليگ جو منور ميمڻ 468 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي يوسف ميمڻ کي 298 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي کهڙا جي وارڊ 7 ۾ پ پ اميدوار اسحاق ناريجو 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته ف ليگ اميدوار غوث محمد لاشاري 118 ووٽ کڻي هارائي ويو. پيرڳوٺ لڳ يوسي راهوجا جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار مير غلام عباس ٽالپر 926 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کنيان، ف ليگ جي ڪريم الدين ملڪ ڪل 550 ووٽ کنيان، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي وارڊ نمبر 4 تي پڻ ضمني چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ 230۽ ف ليگ اميدوار سراج الدين کنڀڙو ڪل 36 ووٽ کڻي سگھيو.حيدرآباد جي مڪاني ادارن جي ٽن سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي متحده قومي موومينٽ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته هڪڙي سيٽ تي پ پ اميدوار کٽي ويو، اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب يونين ڪاميٽي نمبر 21 حيدرآباد سٽي جي چيئرمين جي سيٽ تي متحده قومي موومينٽ جو پرويز وسيم 1005 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، آزاد اميدوار محمد امتياز عالم 441 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، هن سيٽ تي پ پ جي محمد بلاول سهتو صرف 21 ووٽ حاصل ڪيا، يونين ڪامٽي 53 تي چيئرمين جي سيٽ تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ جي اميدوار سيد سجاد علي شاه 1340 ووٽ کڻي، ڪامياب ٿيو آهي، هن سيٽ تي ايم ڪيو ايم جي جهانگير ڪاڪا کي 705 ووٽ مليا، آزاد اميدوار عبدالرحيم 270 ووٽ کڻي ٽيئن نمبر تي، پي ٽي آءِ جو ولي محمد 213 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي رهيو، يونين ڪاميٽي 87 جي وارڊ هڪ تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جو شعيب الحسن 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، هن سيٽ تي پ پ جي عنايت علي خان کي 106 ووٽ مليا، جڏهن ته آزاد اميدوار نور علي هڪ ووٽ به حاصل نه ڪري سگهيو. ننڍي چونڊ جي لاءِ مجموعي طور 10 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري، سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب احمدپور جي ٽائون ڪميٽي وارڊ 04 جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي جو اميدوار محمد بخش ميتلو 232 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جو اميدوار سراج احمد کنڀڙو 34 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي مانڊڻ وارڊ 02 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار امتياز شر 457 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار منور علي ملاح صرف 349 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي ون جي وارڊ 03 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار عبدالوحيد شيخ 432 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار شاهد شيخ فقط 363 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 02 جي وارڊ 01 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار عبدالحفيظ ڦلپوٽو 317 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو 292 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي هنڊياري جي وارڊ 03 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار نظر شر 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مسلم ليگ فنڪشنل اميدوار غلام الدين شر فقط 345 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي گمبٽ جي وارڊ نمبر 11 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي مسلم ليگ فنڪشنل اميدوار منور ميمڻ 468 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار يوسف ميمڻ فقط 298 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي اڀڙي جي وارڊ 04 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار غلام علي ڪنڌر 528 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته آزاد اميدوار محمد حنيف تنيو فقط 182 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي کهڙا جي وارڊ 07 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار اسحاق ناريجو 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مسلم ليگ فنڪشل اميدوار غوث محمد لاشاري فقط 118 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي راهوجا جي چيئرمين واري سيٽ تي آزاد اميدوار مير غلام عباس ٽالپور 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار 849 ووٽ کنيا جڏهن ته ف ليگ اميدوار ڪريم ملڪ 530 ووٽ کڻي سگهيو. ياد رهي ته ضلع ڪائونسل جي چار سيٽن، چار ٽائون ڪميٽين جي سيٽن، پنجن يونين ڪائونسلن جي سيٽن، ڇهه ميونسپل ڪميٽي، هڪ يوسي چيئرمين سميت ٽوٽل سورنهن خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊ ٿي جنهن ۾ 6 اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن طرفان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته رهيل 10 سيٽن تي فنڪشنل مسلم ليگ، پيپلزپارٽي ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ مقابلا ٿيا.
ميرپور خاص جي ميرپور خاص جي ٽن سيٽن تي متحده اميدوار ڪامياب ٿيا،وارڊ نمبر 6 تي متحده اميدوار رئيس الدين 451 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي اشتياق بيگ کي 331 ووٽ مليا،وارڊ 39 ۾ متحده اميدوار جنيد قريشي 690 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي جاويد پنهور کي 68 ووٽ مليا،وارڊ 23 تي متحده اميدوار محمد عمران 496 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ اميدوار نعيم بابا کي 291 ووٽ مليا.نواب شاهه جي يوسي گهرام مري وارڊ 3 ۾ پ پ جو نياز مهر 615 ووٽ کڻي ڪامياب، ايس يو پي جي موسيٰ جوڻو کي 272 ووٽ مليا،يوسي نصير ڍانڍو وارڊ 107 تي پ پ جو واحد بخش ۽ يوسي کنڀڙا وارڊ 37 تي پ پ جو نور احمد ڀارو بنا مقابلي ڪامياب ٿيو،يوسي پٽڻي 15 ۾ پ پ جو امتياز ڇڄڻ 2499 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي ڊي اي اميدوار اصغر ڇڄڻ کي 1667 ووٽ مليا،لوئي يوسي جي چيئرمن واري سيٽ تي ننڊي چونڊ ۾ ارباب لطف الله حامي پ پ پ اميدوار غلام نبي لنڊ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 2790 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،سندس مقابلي ۾ ارباب گروپ ۽ پ پ پ اڳواڻ محمد خان لنڊ جو گڏيل حمايت يافته آزاد اميدوار الهجهڙيو لنڊ 2350 ووٽ کڻي هارائي ويو. ڪامياب ٿيل پ پ پ اميدوار ايم پي اي ارباب لطف الله جو حامي ۽ هارايل اميدوار کي ارباب گروپ ۽ پ پ پ جي ناراض اڳواڻ محمد خان لنڊ جي حمايت حاصل هئي. بدين جي ٻن تعلقن ۾ به يو سي چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر جي هڪ هڪ سيٽ لاء غير سرڪاي نتيجن موجب ٻنهي سيٽن تي پ پ پ جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي ماتلي جي وارڊ ست تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ لاء پ پ پ عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته سندس مقابلو ڪندڙ آزاد اميدوار منيراحمد نظاماڻي 926 ۽ پي ٽي آئي اميدوار محمد ڪمبوه 150 ووٽ کنيا ،ٽنڊي باگي جي يوسي خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جي سيٽ تي پ پ پ جي اميدوار علي احمد نظاماڻي 3100 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي سندس مقابلي ۾ بيٺل جي ڊي اي اميدوار قاري موسى زنگيجو 776 ووٽ حاصل ڪري هارائي ويو.ٽنڊ الهيارضلعي بلدياتي اليڪشن ۾ خالي ٿيل ٽن سيٽن نصرپور ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 6 يوسي راوت لغاري ۽ ڊاسوڙي جي وارڊ 4 تي ضمني اليڪشن ٿي جنهن ۾ ٽنهي سيٽن تي پ پ جا اميدوار سوڀارا ٿيا.نصرپور جي وارڊ 6 جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ جي سيد سجاد شاه ۽ آزاد اميدوار وحيد پليجو وچ ۾ مقابلو ٿيو ، پ پ جي سيد سجاد شاه 717 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ آزاد اميدوار بيٺل وحيد پليجو 55 ووٽ کڻي سگهيو،يوسي راوت لغاري ۾ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ جي هاشم نونداڻي ۽ آزاد اميدوار محمد خان جلباڻي جو وچ ۾ مقابلو ٿيو،پ پ جو اميدوار 3831 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار 1661 ووٽ کڻي سگهيو ، ڊاسوڙي جي وارڊ 4 تان پ پ جو اميدوار خليل بلوچ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو پ پ جي ڪاميابي بعد نصرپور ۾ سيد سجاد شاه حامين پاران ريلي ڪڍي مٺايون ورهايون ويون.سکر ۾ بلدياتي ضمني چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي پ پ اميدوار ڪامياب۔هڪ سيٽ تي پ پ اميدوار کي آزاد اميدوار هٿان شڪست۔ ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر جي يونين ڪاميٽي 17 نيوپنڊ جي وارڊ نمبر 4 جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو اميدوار گل محمد خان 535 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، تحريڪ انصاف جو اميدوار محمد نعيم خان 401 ووٽ کنيا ، يونين ڪائونسل پٽڻي جي سيٽ تي پ پ اميدوار اعجاز ڇڃڻ غيرحتمي غيرسرڪاري نتيجن موجب 2513 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي جڏهن ته آزاد اميدوار اصغر علي 2099 ووٽ کنيا، يوسي نوراجا جي ڪائونسلر جي سيٽ تي سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پ پ جي اميدوار عبدالحق مهر 221 ووٽ کڻي سگهيو جڏهن ته آزاد اميدوار آزاد خان 393 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ رٽرننگ آفيسر يار محمد جوڻيجو پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر جي لاءِ خالي ٿيل يوسي گهمرا جي سيٽ تي برهان ولد الهوسايو گهمرو بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو هو، جڏهن ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ٻن يونين ڪاميٽين جي وارڊن يوسي پير الاهي بخش جي وارڊ نمبر هڪ تي الطاف حسين ۽ يوسي غريب آباد جي وارڊ نمبر 3 محمد عثمان جنرل ڪائونسلر طور بنامقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن۔ گهوٽڪي جي ٽن سيٽن تي چونڊ ۾ ٽيئي سيٽون پيپلز پارٽي کٽي ورتيون،نوشهرو فيروز جي يوسي ستابو جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار ۽ ٽائون ڪميٽي هالاڻي جي سيٽ تي پ پ اميدوار شاهد گاڏهي ڪاميابي ماڻي .سانگهڙ جي شهدادپور ۽ ٽنڊوآدم جي خالي ٿيل 5 سيٽن تي ئي پيپلز پارٽي جا بيٺل اميدوار ڪامياب ٿيا جن ۾ غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب يوسي صدرٺ تي ضلع ڪائونسل اميدوار پ پ جي ظفر بصرا جو جي ڊي اي اميدوارنظام جاٽ سان مقابلو هو پ پ جي ظفر بصرا 2825 جي ڊي اي نظام جاٽ 1555 ووٽ کنيا جڏهن سانگهڙ ميونسپل تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 جي ڊي اي جي آفاق قريشي 504 ووٽ کڻي سگهيو،ٽنڊو آدم جي يوسي دين محمد مان پ پ جو حمايتي اميدوار محمد شريف مري 592 ۽ آزاد اميدوار سائين بخش خاصخيلي 349 ووٽ کنيا تعلقا شهدادپور جي يوسي جمع ۾ پ پ منٺار ملاڻي جو راڄوڻي اتحاد جي نثار ٻگهيو سان مقابلو جنهن ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ جو منٺار ملاڻو 4167 ووٽ کنيا راڄوڻي اتحاد جي نثار ٻگهيو 22 ووٽ کنيا.
عمرڪوٽ ۾ ووٽنگ دوران جهيڙو،ايجنٽ عورتن کي گارگند،3 گرفتار،پ پ جو نتيجا مڃڻ کان انڪار
يونين ڪائونسل شاھ مردان شاھ ۾ چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ دوران پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو
پولنگ اسٽيشن مٺو راڄڙ ۽ پولنگ اسٽيشن ترڪو منڱريو تي اسان جي پولنگ ايجنٽ عورتن سان گار گند ڪئي وئي: پ پ اڳواڻ
چونڊ نتيجن کي نٿا مڃون، ٻيهر آر او آفيس ۾ صاف شفاف ڳڻپ ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ عدالت ۾ درخواست داخل ڪنداسين
عمرڪوٽ:عمرڪوٽ ضلعي جي يونين ڪائونسل شاھ مردان شاھ ۾ چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ فنڪشنل ليگ اميدوار غازي خان سمون 1667 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آھي، جڏھن تہ مخالف پ پ اميدوار روشن الدين راھمون 1303 ووٽ حاصل ڪيائين جڏھن ته ف ليگ اميدوار جي ڪاميابي کي پ پ اميدوار نتيجن کي ڌانڌلي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ تي ھنگامي ڪانفرنس ڪندي شاه مردان شاه يوسي چئيرمين پ پ اميدوار روشن راهمون, وڪيل شوڪت راهمون, پ پ يوٿ ونگ سنڌ جي جنرل سڪريٽري اعظم نوحاڻي،غلام حسين آريسر،نورجهان ڳيلهڙو،گلزاره سمون ۽ ٻين چيو ته پولنگ اسٽيشن مٺو راڄڙ ۽ پولنگ اسٽيشن ترڪو منڱريو تي اسان جي پولنگ ايجنٽ عورتن سان گار گند ڪئي وئي انهن کي ڌڪا ڏئي ووٽن جي ڳڻپ وقت پولنگ کان ٻاهر ڪڍيو سرعام ڌانڌلي ڪئي وئي ، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ٻيهر آر او آفيس ۾ صاف شفاف ڳڻپ ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪنداسين ،ووٽنگ دوران ڳوٺ مٺو ٺاراڻي ۾ پ پ جا ووٽر روڪڻ تي جھيڙو پڻ ٿيو پوليس پاران 3 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا.
خيرپور ۾ 6 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار
بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ سمورن اميدوارن جو تعلق پ پ سان آهي
اليڪشن ڪميشن طرفان بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙن جو نوٽيفڪيشن جاري
خيرپور:اليڪشن ڪميشن طرفان خيرپور جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ مختلف وارڊن جي بنا مقابلي پيپلزپارٽي جي ڇهه اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جيڪي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن انهن ۾ تعلقه ٺري ميرواهه جي يونين ڪائونسل تلي تان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي خالي ٿيل ميمبر واري سيٽ تي پيپلزپارٽي جو فرزند علي شر بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. جڏهن ته يونين ڪائونسل مانڊڻ تان پڻ پيپلزپارٽي جو اميدوار فدا حسين دستي پڻ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. تعلقه ڪوٽڏيجي جي يونين ڪائونسل جسڪاڻي تان پيپلزپارٽي جو اميدوار نعيم رضا وساڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي خالي ٿيل سيٽ تان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. ان کان علاوه يوسي ڪنب جي وارڊ نمبر 01 تان خالي ٿيل جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پيپلزپارٽي جو اميدوار احمد نواز سولنگي جڏهن ته يوسي پير حيات شاهه جي وارڊ نمبر چار جي خالي ٿيل سيٽ تي سليم علي بهليم جيڪو پڻ پپيلزپارٽي جو اميدوار هو پڻ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. ان کان علاوه يوسي ٻيلهاڙو ۾ ضلعي ڪائونسل جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي جو وليداد کهڙو جيڪو پڻ پيپلزپارٽي جو نامزد اميدوار هو پڻ اليڪشن ڪميشن طرفان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي.
سنڌ ۾ اربين روپيا خرچڻ باوجود ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن: واٽر ڪميشن سربراهه
ڇو نه ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن کي نيب موڪليو وڃي؟پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کان سخت پڇاڻو
پبلڪ هيلٿ جا عملدار ۽ ٺيڪيدار 29 ڊسمبر تي ڪراچي طلب،ڊرينيج جي تلائن تان قبضا هٽائڻ جو حڪم
گهوٽڪي/ ميرپور ماٿيلو/ ٺل(نمائندن وٽان) واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس(ر) امير هاني مسلم گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ ٺل جا دورا ڪري مختلف واهن ۽ شاخن جو معائنو ڪيو. واٽر ڪميشن جو سربراهه جسٽس (ر ) امير مسلم هاني ٺل پهتو ،جتي هن واٽر سپلاءِ جي تلائن ،ڊرينيج سسٽم جي کوهن جو دورو ڪيو، اطلاع تي ڪيترائي شھري پهچي ويا، شھرين سيد واحد بخش شاه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته واٽر سپلاءِ جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان مڪمل نه ٿيو آهي، اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود واٽر سپلاءِ مڪمل نه ٿي سگهي آھي، شھري پاڻي پئسن تي وٺڻ لاء مجبور آهن جڏهن ته ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره ٿيل آهي، نيڪال جو پاڻي روڊ ۽ گهٽين ۾ بيٺو آھي،جڏهن ته نيڪال جو پاڻي تلائن بجاءِ موسي الله آباد شاخ ۽ شھر مان گذرندڙ سون واه ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي، جنهن تي جسٽس امير مسلم هاني پبلڪ هيلٿ جي عملدارن کي سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته اربين روپيا خرچ ڏيکاريو آھي، پر ڪم ڪاري واري ڪک لڳا پيا آهن هن عملدارن کي چيو ته ڇو نه اوهان کي ۽ ٺيڪيدارن نيب موڪليو وڃي؟ هن ڊرينيج جي کوهن ۽ تلائن تان 15 ڏينهن ۾ قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ،جڏهن ته هن پبلڪ هيلٿ جي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي اچي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو . هوڏانهن گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي دوري دوران مسو واهه تي قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي جسٽس (ر) امير هاني مسلم چيو ته زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سموري سنڌ جو مسئلو آهي، ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي 28 ڊسمبر جو وقت ڏنو آهي.
“دير سان ٿا اچو” ڪوٽڙي اسپتال ۾ مريض ۽ ڊاڪٽر هٿين پئجي ويا
مريض الياس بلوچ، گلشير چانڊيو ۽ ٻين ڊاڪٽرن جي غير حاضري خلاف احتجاج ڪيو
احتجاج دوران ڊاڪٽر مريضن سان هٿي پئجي ويو، ڪم ڇڏ هڙتال جو به چتاءُ
ڪوٽڙي(رپورٽ: ڌڻي بخش باريجو) ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ ڊاڪٽر ۽ مريضن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڊاڪٽر سراج احمد انصاري ۽ مريض هٿين پئجي ويا. ڊاڪٽر ۽ اسٽاف مريضن پاران بداخلاقي جو الزام هڻندي ايمرجنسي شعبي جو بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. بلاول ميڊيڪل اسپتال ۾ شام واري شفٽ ۾ ڊيوٽي تي مقرر ڊاڪٽر ۽ اسٽاف جي ٻن ڪلاڪن تائين غير موجودگي سبب ايمرجنسي شعبي ۾ مريضن جي رش ٿي وئي. مريضن ڊاڪٽرن جي غيرموجودگي خلاف احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مريضن ڪوٽڙي نانگولائين واسي الياس بلوچ، سائيٽ ڪوٽڙي واسي گلشير چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته شام 6 کان 8 وڳي رات ٻن ڪلاڪن تائين مسلسل ويٺا آهيون پر ڊاڪٽر اسٽاف اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ ناهن مريض لاوارث بڻيل آھن. هوڏانهن مريض ميڊيا آڏو دانهي رهيا هئا ته ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر سراج انصاري ۽ مريض هٿين پئجي ويا، جنهن دوران اسپتال مڇي مارڪيٽ بڻجي وئي. ڊاڪٽرن چتاءُ ڏنو آهي ته مريضن جي بداخلاقي خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويندو.
خيرپور ۾ ثقافتي ميلي جي پڄاڻي، صوفي راڳين ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو
هٿ جي هنر جا اسٽال مانهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل، رهيل ڪسر طفيل سنجراڻي ۽ ٻين فنڪارن پوري ڪري ڇڏي
تقريب ۾ غزاله سيال، منور وساڻ، منور مهيسر، ڊي جي ثقافت ۽ ٻين جي به شرڪت، سڄاڻ ڌرين پاران بهترين ميلو ڪرائڻ تي واکاڻ
خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ 2 ڏينهن وارو “خيرپور ثقافتي ميلو” ثقافتي، لوڪ گيتن جي گونج سان پڄاڻي تي پهتو. خيرپور جي شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ ثقافت کاتي ۽ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان خيرپور ثقافتي ميلو ٻئين ۽ آخري ڏينهن تي جاري رهيو. ميلي ۾ خيرپور ۽ ڀرپاسي جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ثقافتي اسٽالز تان اجرڪ، ٽوپي، لنگي، گج، برٿ ڀريل ڪپڙن جي خريداري سان گڏ هٿ سان ٺهيل ثقافتي شين جي خريداري ۾ مصروف رهيا. پڄاڻي واري تقريب ۾ سنڌ جي مشھور فنڪارن طفيل سنجراڻي، مارول گروپ، برڪت بٽ، دلبر جلال، سهراب فقير جي سنگ رجب، سلامت فقير، شاهينا وهاب، ريشما پروين ۽ ٻين صوفياڻا ۽ لوڪ گيت ڳائي سياري جي ٿڌڙي رات ۾ ماڻهن تي وجد تاري ڪري ڇڏيو. تقريب ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاهه خاص مهمان طور شريڪ ٿي، جنهن مختلف اسٽالز جو معائنو ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نفيسه شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هٿ جي هنر واري ڪم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آھي، ثقافت کاتي جي ڪوششن سان راڳ کي عروج تي پهچائڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ثقافتي ميلا ڪرايا پيا وڃن. پ پ ايم پي اي غزاله سيال، منور علي وساڻ، اوقاف کاتي جي چيف ايڊ منسٽريٽر منور علي مهيسر، ڊي جي ثقافت منظور علي ڪناسرو، بئريسٽر هالار خان وساڻ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، اعجاز شيخ، آرٽس ڪائونسل جي صدر سيد شيراز شاهه ۽ ٻين چيو ته ثقافت کاتي کي جسُ هجي جو هن ٻوسٽ واري ماحول ۾ خوبصورت ثقافتي ميلو ڪرائي شهرين کي تفريح فراهم ڪئي.