حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ تدريسي سال 19-2018 لاءِ مختلف فيڪلٽين، آئي ٽي سينٽر ۽ فوڊ انسٽيٽيوٽ سميت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپورڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجيز، سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ داخلا لاءِ پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ انٽري ٽيسٽ ٿي، جنهن ۾ ڪل 4022 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 354 شاگردياڻين به پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني، انهن اميدوارن ۾ 2181 پري ميڊيڪل ۽ 1941 اميدوار پري انجنيئرنگ جا هئا، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٿيل پري انٽري ٽيسٽ ۾7- فيميل بلاڪن سميت ڪل 68 بلاڪ قائم ڪيا ويا هئا، اهڙي ريت سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل اميدوارن جي معاونت لاءِ ضلعي سطح تي مددي ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا، ٽيسٽ مقرر ڪيل ٽائيم کان منو ڪلاڪ ليٽ شروع ٿي، جڏهن ته اها ٽيسٽ 100 منٽن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ 100 ايم سي ڪيوز سوالن تي ٻڌل 100 مارڪن وارو سوال نامو ڏنو ويو هو، ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، پنهنجي ڊينز ۽ مختلف تدريسي شعبن جي سربراهن سان قائم ڪيل بلاڪن جو دورو ڪيو ۽ اميدوارن کان ٽيسٽ جي انتظامن توڙي مختلف دلچسپي تي ٻڌل سوال به ڪيا. وائيس چانسلر جي دوري دوران مختلف فئڪلٽين جا ڊينز ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، ڊاڪٽر عبدالغني لنجار، ڊاڪٽر نور محمد سومرو، ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو، سب ڪئمپس عمر ڪوٽ جو ڊائريڪٽر جان محمد مري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو پرنسپل محمد ابراهيم ڪيريو، شهيد زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جو پرنسپل عبدالغفور مگسي، رجسٽرار حفيظ الله ميمڻ، ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار، ڊائريڪٽر ايڊميشن احمد خان منگي، ڊائريڪٽر ڪئمپس محمد اشرف رستماڻي، ڊائريڪٽر هيومن ريسورسز غلام محي الدين قريشي، ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ منظور احمد مگسي، سائوٽا جو صدر پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله لغاري سميت مختلف انتظامي ۽ تدريسي شعبن جا سربراهه به موجود هئا. پبلڪ اسڪول ۾ قائم ڪيل پوري سينٽر جي چوطرف رينجرس ۽ پوليس جي سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي هئي، شاگردن کان سندن موبائيل اڳواٽ وٺي جمع ڪيا ويا هئا، اميدوارن جي سينٽر ۾ داخل ٿيڻ واري مک دروازي تي واڪ ٿروگيٽ لڳايا ويا هئا ۽ شاگردن کي ضلعي بنيادن تي قطارون لڳرائي،انهن کي ترتيب سان اندر ڇڏيو ويو،
زرعي يونيورسٽي ۾ بيچلر پروگرام لاءِ انٽري ٽيسٽ، 4 هزار اميدوار شريڪ
انٽري ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ، پوليس ۽ رينجرز مقرر
ڏوڪري: موھن جي دڙي لڳ ڳوٺ ڀوري جا ڀاڻ ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 4 ڄڻا زخمي
ٻارڙن جي معمولي ڳالھھ تان ٿيل جھيڙي ۾ لٺين ۽ ڪھاڙين جو آزاداڻو استعمال، 4 زخمي ٿي پيا
زخمين ۾ محمد عالم ابڙو، وزير علي، ڪاشف ۽ بشير ابڙو شامل، اسپتال منتقل، ڪيس داخل
ڏوڪري (ن پ ا) موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ڀوري جا ڀاڻ ۾ ٻارن جي ڳالھھ تان جھيڙي سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. معمولي ڳالھھ تان ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. لٺين ۽ ڪھاڙين جي آزاداڻي استعمال سبب محمد عالم ابڙو، وزير علي، ڪاشف ۽ بشير ابڙو زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقي اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو. معاملي جو ڪيس سيھڙ ٿاڻي تي عبدالرشيد، مجيد ۽ مظفر ابڙو مٿان داخل ٿي ويو.
وڏي وزير چوهڙ جمالي ۾ تختي تي لاش رکي ڪينال پار ڪرڻ جو نوٽيس ورتو
مراد علي شاهه جي ڊي سي سجاول کي معاملي جا تفصيل وٺي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت
وڏي وزير پاران پاران ڳوٺاڻن کي دڙو بئراج تي پل ٺهرائي ڏيڻ جي خاطري
چوهڙ جمالي (ن پ ا) چوهڙ جمالي لڳ تختي تي لاش رکي پار ڪرڻ واري معاملي جو وزير اعلي سنڌ پاران نوٽيس , ڊي سي سجاول کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت، ڳوٺاڻن کي دڙو بئراج تي پل ٺهرائي ڏيڻ جي خاطري،ڪجھ ڏينهن اڳ چوهڙ جمالي ڀرسان ڳوٺ حسين ڪونجائي ۾ فوت ٿي ويل شخص جو جنازو دڙو بئراج تي پل نه هجڻ ڪري تختي تي رکي پار ڪرايو ويو هو جنهن جي وڊيو ميڊيا تي اچڻ کانپوء وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺندي ڊي سي سجاول رياض حسين عباسي کي هدايت ڪئي ته معاملي جو تفصيل وٺي رپورٽ ڪري ،سلسلي ۾ ڊي ايس پي سجاول علي محمد کوسو ڳوٺ حسين ڪونجائي ۽ دڙو بئراج جي آرڊي 172 تي پهچي مقامي ڳوٺاڻن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائي ته کين جلد دڙو بئراج تي پل قائم ڪرائي ڏني ويندي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن زڪريا ڪونجائي ،آدم ڪونجائي ،علي محمد سمون ، پير ڏنو سمون ۽ ٻين ڊي ايس پي سجاول اڳيان دانهيو ته دڙو بئراج جي آرڊي 172 تي پل نه هجڻ ڪري کين تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ،جنازا ۽ بيمار به تختي تي رکي پار ڪرائي شھر وڃڻو پوي ٿو ،ڪيترائي ڀيرا ننڍڙا ٻار ۽ عورتون تختي تان ڪريا آھن ،چونڊيل نمائندن کي ڪيترا ڀيرا شڪايت ڪئي آھي پر ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته دڙو بئراج جي هن پار ڪيتريون برادريون رهن ٿيون جن جا وڏا ڳوٺ آباد آھن،هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته دڙو بئراج جي آرڊي 172 تي پل قائم ڪري ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ٻئي طرف ڊي سي سجاول رياض حسين عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تختي تي جنازو کڻڻ واري واقعي جو وزيراعلي سنڌ نوٽيس ورتو آھي ۽ اسان کان رپورٽ طلب ڪئي آھي جلد ڳوٺاڻن کي دڙو بئراج تي پل ٺھرائي ڏني ويندي .
ڪراچي ۾ پي ايس پي آفيس تي فائرنگ، ڪارڪن قتل
ناظم آباد ۾ ٽائون آفيس تي فائرنگ ٿي، مارجي ويل جي اظهر طور سڃاڻپ
فائرنگ ۾ فهد، نعيم ۽ ناصر زخمي ٿي پيا، زخمي عباسي شهيد اسپتال منتقل
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ايس پي جي ٽائون آفيس تي فائرنگ، هڪ ڪارڪن مارجي ويو، ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، ناظم آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن پي ايس پي جي ٽائون آفيس تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته فهد، نعيم ۽ ناصر زخمي ٿي پيا، زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، ريسيڪو جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڪارڪنن جي اظهر جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي.
جم ميٽس بعد آمريڪي خاص نمائندو بريٽ مڪ به مستعفي
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) عالمي اتحاد جي آمريڪي خاص نمائندي بريٽ مڪ گرڪ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي بابت عالمي خابرو اداري چيو ته استعيفيٰ 31 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندي.
پرڏيهي خابرو اداري ان حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته بريٽ مڪ گرڪ جي استعيفيٰ جو سبب شام مان آمريڪي فوجن جي واپسي وارو فيصلو آهي.
هوڏانهن آمريڪي صدر جي اهڙي فيصلي بعد ترت ئي آمريڪي سيڪريٽري دفاع جِم ميٽس جي به استعيفيٰ اچي چڪي آهي.
ٽرمپ ميٽس جي جاءِ تي پيٽرڪ کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪري ڇڏيو
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جم ميٽس جي استيعفيٰ بعد پيٽرڪ شناهن کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڊونالڊ ٽرمپ دفاع جي ڊپٽي سيڪريٽري پيٽرڪ شناهن کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي لکيو ته پيٽرڪ نئين سال جي پهرين تاريخ تي ذميواريون سنڀاليندو.
هن چيو ته ڊپٽي سيڪريٽري جي حيثيت ۾پيٽرڪ جي ڪارنامن جي ڊگهي لسٽ آهي، هي بهتر ثابت ٿيندو.
شڪارپور پوليس گرفتار جوابدار کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو. نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي ته ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ جوابدار نادر ميراڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار ڦر ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل هو، جنهن جي قبضي مان هٿيار مليا آهن. هوڏانهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار کي گرفتار ڪيو هو، اڄ کيس مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي.
نيب قانون ۾ تبديلي جي ضرورت آهي:ذلفي بخاري
لنڊن (م ڊ) وزيراعظم جي خاص معاون زلفي بخاري چيو آهي ته نيب ۾ منهنجي خلاف انڪوائري تمام جلد ختم ٿي ويندي، ذلفي بخاري پاران پاڪستان پريس ڪلب يوڪي انٽرنيشنل جي وفد سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته نيب قانون ۾ تبديلي ۽ سمورن ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
لاهور ۾ ڪيمپ جيل ۾ حراست دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪيمپس جي سي اي او ميان جاويد جي حوالي سان ڳالهائيندي ذلفي بخاري جو چوڻ هو ته پروفيسر جي هٿڪڙيون لڳل فوتگي جو واقعو ڏکوئيندڙ آهي. پنهنجي خلاف نيب انڪوائري بابت ذلفي بخاري جو چوڻ هو ته تمام جلد نيب ۾ منهنجي انڪوائري ختم ٿي ويندي. اوورسيز پاڪستانين جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون جو چوڻ هو ته اوور سيز پاڪستانين جا مسئلا وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ پهرئين نمبر تي آهن. ذلفي بخاري چيو ته صرف پي ٽي آءِ جو نه سمورن اووسيز پاڪستانين جو وزير آهيان، وزيراعظم به سمورن اوورسيز پاڪستانين کي گڏ کڻي هلندو.
ٽنڊي الهيار ۾ پورهيت جو بااثر خلاف احتجاج، پٽ گم ڪرڻ جو الزام
ٽنڊوالهيار(ن پنهنجي اخبار) ٽنڊو الهيار ۾ پورهيت بااثر خلاف احتجاج ڪندي الزام مڙهيو آهي ته سندس مئٽرڪ جي شاگرد پٽ کي کنڀي اغوا ڪيو ويو آهي. خواجا ڳوٺ جي رهواسي ڪانجي ڀيل پريس ڪلب پهچي دانهيو ته بااثر ڀورو ڀيل منهنجي پٽ ڪيلاش ڀيل کي گهران وٺي اغوا ڪرائي ڇڏيو آهي. هن دانهيو ته ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي بااثر خلاف درخواستون ڏنيون آهن، پر ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. پورهيت مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري سندس پٽ بازياب ڪرايو وڃي.
ڪراچي ۾ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جو ڪٺ، وزيرن، صلاحڪارن ۽ پوليس آفيسرن جي به شرڪت
ڪراچي/قاضي احمد(نمائندن وٽان) شهيد بينظير آباد ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ڄام تماچي جي ميزباني ھيٺ سندس ڪراچي واري رھائشگاهه تي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جو ڪٺ ٿيو. گڏجاڻي ۾ نثار کھڙو، ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو، رفيق احمد ڀٽو، صوبائي صلاحڪار اشفاق ميمڻ، مخدوم رفيق زمان، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر بھادر ڏاھري، بلوچستان جو محمد صالح ڀوتاڻي، شير محمد جوڻيجو، ايم پي اي رفيق ٻانڀڻ، ايم پي اي سردار حزب الله ٻگهيو، برگيڊيئر سردار احمد لاکير، سردار کير محمد کوکر، مخدوم علي محمد ولھاري، مسعود کھڙو، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري آفتاب ميمڻ، مير محمد پرھياڙ، امتياز قاضي، مير حسين علي، سردار عبدالغني ٿھيم ڄام آفتاب انڙ، ساجد جوکيو ۽ ٻيا برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڄام تماچي شريڪ ٿيلن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڪٺ جو ڪو سياسي مقصد نه پر چڱن مڙسن کي پاڻ ۾ ملهائڻ هو.
لکي غلام شاهه ويجھو ٿاڻي جي عمارت تباهه
1992 کان عمارت جو مرمتي ڪم نه ٿيو، اهلڪار خوف ۾ ورتل
عمارت تباهه هجڻ سبب اعلي رڪارڊ به محفوظ ناهي: ايس ايڇ او
لکي غلام شاھ (رپورٽ فھيم حيدر منگي ) تعلقي لکي غلام شاھ ٿاڻي جي بلڊنگ 1984۾ لکي چونڪي طور ٺهي جنهن جو صدر ٿاڻو باگڙجي هيو جڏهن ته ساڳيو ٿاڻو کي 1992۾ تعلقه هيڊڪوارٽر ٿاڻي جو درجو ڏنو ويو. جڏهن ته ساڳئي ٿاڻي جي بلڊنگ 1992 کان 2018 تائين ٿاڻي جي بلڊنگ جو ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي. جڏهن ته ايترن سالن ۾ ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ۽ ويون پر لکي غلام شاھ ٿاڻو جئين جو تيئن اها ئي پراڻي بلڊنگ بنا ديوار هجڻ لڳي، جڏهن ته تعلقه لکي غلام شاھ قبيلائي جهيڙن ۾ جلندو رهيو آهي. ۽ڪرائيم جو ڳڙھ رهيو آهي. خوني تڪرارن توڙي بدنام ڌاڙيل يا خونن جا جوابدارن کي محفوظ رکڻ لاءِ ٻين ٿاڻن تي يا چونڪين تي منتقل ڪرڻ لڳا. ٻئي طرف چونڊيل نمائندا ھر دور ۾ حڪومت ۾ رهندڙ هاڻوڪي ايم اين اي غوث بخش خان مهر. ايم پي اي شهريار خان مهر جن مين روڊ تي ٺهيل ٿاڻي جي لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي. ٿاڻي تي ٺهيل ٻه ڪمرا توڙي ايس ايڇ او جو ٺهيل ڪوارٽر تباھ آهي. لکي ٿاڻي جي ايس ايڇ او پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ٿاڻي تي ڪابه سهولت نه هجڻ ڪري پوليس اسٽاف جاڳڻ تي مجبور آهن ڪوارٽر ناهن نه ڪو ڪواٽر سلامت آهي ٿاڻي تي سرڪاري مال خانو جنهن جا چاپڙ ڇتين جا ڪري پيا آهن. جنهن ۾ سرڪار قيمتي ھٿيار توڙي اعلي عدالتن جو رڪارڊ به محفوظ نه هجڻ ڪري سخت پريشانين سان گذرڻو پوي ٿو. ٿاڻي جي وڏي منشي عبدالستار ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته لکي ٿاڻي جا چاپڙ ڪرڻ ڪري ڪيترائي پوليس اهلڪارزخمي ٿي پيا آهن. هن وقت جيڪو به ٿاڻي تي ڪرسيون ٽيبلون کان وٺي ڪم پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيو آهي. اسان آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ وزير اعلي سنڌ گهرو وزير کي اپيل ٿا ڪيون ته لکي غلام شاھ تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر ٿاڻي جي نئين بلڊنگ ٺاهي وڃي.
ڪشمور لڳ ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي
ڪشمور(ن پ ا) ڪشمور لڳ گڊو ۾ شھنشاھ محلا مين روڊ تي ٽريڪٽر جي موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ سبب نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شھنشاھ محلا گڊو ۾ مين روڊ تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳي ويو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 20 ورھين جو نوجوان ناصر سھرياڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏھن تھ حيدر علي ٽانوري ۽ علي رضا سخت زخمي ٿي پيا. گڊو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ٽريڪٽر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي بھ گرفتار ڪري ورتو.
ڄام صاحب ويجھو غلام محمد انڙ پرائمري اسڪول سهولتن کان محروم
30 سال اڳ ٺهيل اسڪول ۾ نه پاڻي جي سهولت نه واشروم موجود
اسڪول کي بلڊنگ به ناهي ملي، شاگرد وڻ هيٺيان پڙهن ٿا، واهر ڪئي وڃي: استاد
ڄام صاحب (رپورٽ بشير شر) ڄام صاحب لڳ ڳوٺ غلام محمد انڙ جي پرائمري اسڪول محمد منشاءَ بلڊنگ پاڻي، واشروم سميت ٻين سھولتن کان محروم آهي، جڏهن ته شاگرد وڻ ھيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. اسڪول جي استاد عبدالقادر آرائين جو چوڻ آهي ته اسڪول گذريل ٽيھن سالن کان قائم آھي پر ھن اسڪول ۾ بلڊنگ بہ نہ ملي آھي ۽ مون کي ھن اسڪول ۾ ست سال ٿيا آھن اسان ڪيترائي ڀيرا اعليٰ آفيسرن کي اطلاع ڏنو آھي پر اڃان تائين ھن اسڪول کي بلڊنگ سميت ڪابہ سھولت نہ ملي آھي ۽ ھن اسڪول ۾ 60 شاگرد آھن جيڪي ھڪ وڻ ھيٺان تعليم حاصل ڪري رھيا آھن سياري جي ٿڌ جي موسم . برسات ۽ شديد گرمي جي موسم ۾ بہ ٻارڙا ساڳئي وڻن ھيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور آھن ھن اسڪول جي ڪنھن بہ چونڊيل نمائندن سار ناھي لڌي اسان تعليم جي وزير سيد سردار شاھ کان مطالبو ٿاڪيون تہ اسان جي اسڪول کي بلڊنگ سميت سھولتون ڏنيو وڃن .
سنڌايڪشن ڪميٽي جي روين تي خدشا آهن: قادر مگسي
پنجاب ۾ صوبو ٺاهڻ وارو اعلان سازش هي، سنڌ ۾ ڌار صوبوٺاهڻ لاءِ رستو ٺاهيو پيو وڃي
حڪمران سنڌين کي اقليت بڻائڻ چاهين ٿا، ڌارين کي ڪارڊ ڏيڻ بابت سنڌحڪومت جو موقف چٽوناهي
گهارو (رپورٽ: فهد مصطفيٰ جوکيو) گهارو ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيوآهي ته سنڌ ۾ زرداري مافياجي حڪومت شاهوڪارسنڌجي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري سنڌواسين کي بک ۽ بدحاليءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيوآهي. حڪمران پنهنجي حقيقي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ڌارين جي لوڌ موڪلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارين سازشن ۾ رُڌل آهن.هن اهڙن خيالن جواظهارپريس ڪلب گهارو ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽرقادرمگسي وڌيڪ چيوته سنڌ۾ ڌارين جي آبادڪاري.ڌارين کي شناختي ڪارڊ نه ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌحڪومت جو موقف چٽو ناهي. هن چيو ته قومپرستن پاران اليڪشني سياست نه ڪرڻ سبب ڀوتاراليڪشني سياست تي حاوي ٿي وياآهن ۽ جاگيرادري نظام سبب سنڌ ۾ قومپرست ڪاميابي نٿاماڻين.سنڌايڪشن ڪميٽي جي روين بابت خدشا آهن. جنهنڪري گڏجڻ بدران هڪ ئي مقصدتي الگ الگ جدوجهدڪري رهياآهيون .گهارو ۽ ڳاڙهو ۾ قديم ڳوٺن جي زمينن تي حڪومتي سرپرستيءَ ۾ قبضه مافياقبضاڪري مقامي ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ وارين سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين.سوالن جي جواب ۾ هن ڇيو ته عمران خان ملڪ جوڪمزور ۽ ناڪام وزيراعظم آهي جيڪوعدليا ۽ رياست جي ڪلهن تي چڙهي ملڪ کي انتشارطرف ڌڪي رهيو آهي.هن چيو ته ملڪي آئين ۾ ترميمن جي بغيرپنجاب ۾ صوبو ٺاهڻ وارو اعلان فروعينيت آهي اها ايجنڊا سنڌ ۾ الگ صوبوٺاهڻ لاءِ ترتيب ڏني پئي وڃي جنهن لاءِ عمران خان جهمريون پيو هڻي پرسندس خواب ساڀيان ٿيڻ لاءِ کيس ڪروڙين سنڌين جي لاشن تان گذرڻوپوندو. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ نصرت چنه.شبيرمگسي.جلال شاھ. ناٿوبروهي.عمرناهيو.جميل سمون ۽ ٻيا موجود هئا.
فاٽا کي جلدبازي ۾ ڪي پي ۾ ضم ڪيو ويو : نورالحق قادري
پهرين گڏيل سڌارا آڻي پوءِ فاٽا کي ضم ڪرڻ گهرجي ها: مذهبي معاملن وارو وزير
فاٽا جي ضم ٿيڻ جو ثمر حاصل ڪرڻ لاءِ قبائلي عوام کي گڏ ٿيڻو پوندو
ڪي پي ڪي (م ڊ) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نورالحق قادري فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيڻ کي جلدبازي قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير پير نورالحق قادري پاران تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم جلدبازي ۾ ڪيو ويو، جنهن سبب قبيلن ۽ حڪومت ٻنهي کي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پهريان گڏيل سڌارا ۽ پوءِ ضم ٿيڻ گهرجي ها ۽ هاڻوڪين حالتن ۾ قبائلي ضلعن ۾ ڪوبه قانون لاڳو ناهي، پير نورالحق قادري جو چوڻ آهي ته ضم ٿيڻ جي ثمر مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ قبيلن کي گڏ ٿيڻو پوندو. هن جو چوڻ هو ته افغانستان پنهنجي سرزمين تان ٻاهرين سازشن جو خاتمو يقين بڻائي.