پنوعاقل:( رپورٽ :نديم بوزدار ) ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ ”پنھنجي اخبار“ ۾ پنو عاقل ۾ ٿيل جرڳي بابت خبر جو نوٽيس وٺي وڏيري ڪريم بخش کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏھن تھ پوليس وڏيري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي، ھوڏانھن بااثر وڏيري پاران سياسي دٻاءُ استعمال ڪرائي فريادي ڌر مٿان پڻ جوابي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪريم بخش واگهو ۾ پ پ اڳواڻ ضلعي ڪائونسل سکر جي ميمبر ۽ ڳوٺ جي وڏيري ٻج ڀاڻ جي واپاري حاجي ڪريم بخش واگهو پنهنجي ڳوٺ جي هاري غلام محمد واگهو جي معصوم پٽ 8 سالن جي نينگر جواد احمد واگهو تي پنهنجي 6 سالن جي ڀائٽي تقوى ڌيءَ عبدالقادر سان ڪارنهن الزام مڙهيندي ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪيو.
وڏيري ڪاري ڌر تي 5 لک روپيا ڏنڊ مڙهيندي سندس ڀائٽي 7 سالن جي نينگري شمائلا ڌيءَ عطامحمد سڱ چٽي ۾رکندي پنهنجي 14 سالن جي ڀائٽي انيس احمد واگهو پٽ عبدالقادر سان زبردستي ڳوٺ جي مولوي گل محمد واگھو هٿان نڪاح ڪرائي ورتو آهي ،.
ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر غلام محمد واگهو ميڊيا آڏو ڪلام پاڪ کڻي ٻارن ٻچن سميت احتجاج ڪندي چيو ته وڏيري اسان سان ظلم ڪيو آهي اسان بي گناه آهيون الزام بي بنياد آهي ، چيف جسٽس آف پاڪستان ،وزيراعظم پاڪستان آءِجي سنڌ ،ڊي آءِ جي سکر،ايس ايس پي سکر کان مطالبو ٿو ڪيان ته مونکي انصاف ڏنو وڃي، سنڱ چٽي ۾ آيل معصوم نينگري شمائلا ڌيءَ عطا محمد جو نڪاح وڏيري جي مسجد جي پيش امام گل محمد واگهو پڙهايو سنڱ چٽيءَ ۾ آيل 7سالن جي معصوم نينگري دانهون ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏيرو ظالم آهي مان وڏيري جي گهر ۾ نه ويندس،
ٻئي پاسي پنهنجي اخبار جي ويب تي سڀ کان پهرين خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ ۾ ٿيل جرڳي جو نوٽيس وٺندي ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي بروقت ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ڊي ايس پي پنوعاقل لياقت علي عباسي کي به واقعي واري هنڌ تي پهچڻ جو حڪم ڏنو.
ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جرڳو ڪندڙن خلاف قانون موجب سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.
پنو عاقل ۾ جرڳو ڪندڙ وڏيري تي ڪيس داخل، جوابي طور نياڻي واري ڌر تي پڻ ايف آءِ آر داخل
ايس ايس پي”پنھنجي اخبار“ جي خبر جو نوٽيس وٺي جرڳائي وڏيري جي گرفتاري جو حڪم
هاري تي 5 لک رپيا ڏنڊ مڙھي معصوم نياڻي سڱ چٽي ۾ وٺي ڀائٽي سان نڪاح ڪرايو
ٺل ۾ اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود ڪاري وارا ڪک نظر اچن پيا: جسٽس (ر) امير هاني مسلم جي ڪامورن کي ڇنڊ
ڇو نه ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن کي نيب موڪليو وڃي؟ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کان سخت پڇاڻو
پبلڪ هيلٿ جا عملدار ۽ ٺيڪيدار 29 ڊسمبر تي ڪراچي طلب، ڊرينيج تان قبضا هٽائڻ جو حڪم
ٺل(رپورٽر) واٽر ڪميشن جو سربراه جسٽس (ر ) امير مسلم هاني ٺل پهتو ،جتي هن واٽر سپلاءِ جي تلائن ،ڊرينيج سسٽم جي کوهن جو دورو ڪيو، اطلاع تي ڪيترائي شھري پهچي ويا، شھرين سيد واحد بخش شاه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته واٽر سپلاءِ جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان مڪمل نه ٿيو آهي، اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود واٽر سپلاءِ مڪمل نه ٿي سگهي آھي، شھري پاڻي پئسن تي وٺڻ لاء مجبور آهن جڏهن ته ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره ٿيل آهي، نيڪال جو پاڻي روڊ ۽ گهٽين ۾ بيٺو آھي،جڏهن ته نيڪال جو پاڻي تلائن بجاءِ موسي الله آباد شاخ ۽ شھر مان گذرندڙ سون واه ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي، جنهن تي جسٽس امير مسلم هاني پبلڪ هيلٿ جي عملدارن کي سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته اربين روپيا خرچ ڏيکاريو آھي، پر ڪم ڪاري واري ڪک لڳا پيا آهن هن عملدارن کي چيو ته ڇو نه اوهان کي ۽ ٺيڪيدارن نيب موڪليو وڃي؟ هن ڊرينيج جي کوهن ۽ تلائن تان 15 ڏينهن ۾ قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ،جڏهن ته هن پبلڪ هيلٿ جي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي اچي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو . شھر جي قبرستان ۾ گندو پاڻي اچڻ جي شھرين دانهن پڻ ڏني. واٽر ڪميشن جي سربراه سان ڊي سي جيڪب آباد ايڪسين پبلڪ هيلٿ ۽ ٻيا عملدار گڏ هئا.
عليمه خان خلاف جاچ ٿي ته عمران پڪڙجي پوندو:سعيد غني
عليمه ڀاءُ عمران خان سان گڏجي چندي ۾ خرد برد ڪئي آهي
بني گالا جي زمين چندي ۽ محل چوري جي پئسن مان ٺاهيو ويو

ڪراچي (م ڊ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جيڪڏهن عليما خان خلاف جاچ ٿي ته عمران خان پڪڙجي پوندو، شوڪت خانم ٽرسٽ جي فنڊن جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائي وڃي، صوبائي وزير الزام هڻندي چيو آهي ته عليمه خان ڀاءُ عمران خان سان گڏجي چندي ۾ خرد برد ڪئي، بني گالا جي زمين چندي ۽ محل چوري جي پئسي مان ٺاهيو ويو، هن وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن عليمه خان خلاف جاچ ڪئي وئي ته وزيراعظم عمران خان پڪڙجي پوندو.
حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن واري خطاطي نمائش شروع،ماڻهن جي رش
ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ يوسف سنڌي افتتاح ڪيو
نمائش ۾ قرآني آيتون ۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون
حيدرآباد(رپورٽر)خانه فرهنگ جمهوري اسلامي جمهوريه اسلام ايران جي ٽن ڏينهن واري خطاطي جي نمائش شروع ٿي وئي،جنهن جو افتتاح ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ نامياري اديب يوسف سنڌي ڪيو.نمائش ۾ قرآني آيتون ۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون.نمائشي تصويرن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا،نمائش ۾ حصو وٺندڙ هڪ شاگردياڻي دعا اعجاز چيو ته مون هڪ هفتي جي محنت کان پوءِ خطاطي مڪمل ڪئي آهي،مصباح چيو ته مون مديني جي اڱڻ جي آئل پينٽنگ ڪئي آهي،جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مونکي 6 ڏينهن لڳي ويا،هن چيو ته اميد آهي ته منهنجي پينٽنگ ماڻهن کي پسند ايندي.
دڙو ۾ استاد جي گهر تي حملي جو 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
دڙو (رپورٽر) دڙو لڳ استاد جي گھر تي حملي جو 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ڳوٺ حاجي غلام محمد ڪانڌڙو واسي متاثر استاد غلام اويس ڪانڌڙو جي فرياد تي عطا محمد ڪانڌڙو، شاھ محمد، خالد ڪانڌڙو سميت 10 ڄڻن خلاف رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي. آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي هئي. دڙو پوليس جي ايس ايڇ او مير حسن راڄو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته استاد جي گهر تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن. معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. ھوڏانھن سيڪنڊري استاد غلام اويس ڪانڌڙو ۽ ٻين ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي ته رات دير سان ڄاڻايل جوابدارن اسان جي گھرن تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪري ڦرلٽ ڪرڻ بعد فائرنگ ڪئي، جوابدار انتھائي بااثر ۽ ڏوھاري قسم جا ماڻھو آھ، جاني نقصان جو خدشو آهي، ھن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملي آورن کي گرفتار ڪري کين جاني ۽ مالي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
ميرپور ساڪرو:ٻه موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون،هڪ ڄڻو فوت،2 زخمي
ميرپورساڪرو(رپورٽر(ميروپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلون ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا،ان ڏس ۾ميرپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽرسائڪل جو آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي م ھڪ ڄڻو عرس لاشاري فوت ٿي ويو جڏنھن ته 2 ڄڻا جميل احمد خاصخيلي ۽ الھداد واريو سخت زخمي ٿي پيا جن کي شيخ زيد اسپتال آندو ويو،فوتي عرس لاشاري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
ڏوڪري ڀرسان زميني تڪرار تان جهيڙو،ڏنڊن جو وسڪارو،6 ڄڻا زخمي
ڏوڪري (ن پ ا)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سانگھرو ۾ زميني تڪرار تان ٻه ڌريون وڙهي پيون،6 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سانگھرو ۾ زمين جي تڪرار تان سانگھرو برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ رب ڏنو سانگھرو جي ڌر جا چار ڄڻا رب ڏنو سانگھرو ،حمز جتوئي، اصغر جتوئي، ضمير جتوئي، ۽ ٻڍل سانگھرو جا ٻه ماڻهو ڪامل ۽ ڏاڏو سانگھرو زخمي ٿي پيا، رب ڏنو سانگھرو جي فرياد تي ٻڍل سانگھرو جي ڌر جي 7 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي رب ڏنو سانگھرو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي موروثي زمين تي بيٺا هئاسين ته ٻڍل سانگھرو جي ڌر جا ماڻهو ڏنڊن سان اسان کي مارڻ شروع ٿي ويا، هن وڌيڪ چيو ته ان زمين جو فيصلو به ٿيل آهي جنهن اھيا زمين اسان جي ثابت ٿي هئي ۽ اسان جي حوالي ڪئي وئي هئي، ، آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.
مني لانڊرنگ: جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي پڌري ٿيڻ جو امڪان
رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد قانوني حڪمت عملي جوڙينداسين، خبر ناهي عدالت ۾ ڇا ٿيندو:لطيف کوسا

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ٿيڻ جو امڪان آهي، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مني لانڊرنگ ڪيس جي لاهور رجسٽري ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀاڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، سندس قانوني ٽيم پيش ٿيندي، جنهن ۾ فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا شامل آهن، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، جيڪا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عدالت ڌرين حوالي ڪندي، لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي قانون حڪمت عملي جوڙينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ٿيندو ته ايئن آهي ته رپورٽ ڌرين کي ڏئي نئين تاريخ ڏني ويندي آهي.
تبت ۾ جامني رنگ جا ناياب صوف پيدا ٿين ٿا، جنھن جي قيمت 1000 روپيا آھي
بيجنگ (دلچسپ نيوز) صوف عام طور سائي، ڳاڙهي يا ڦڪي رنگ جا ٿيندا آهن، پر تبت جي جابلو علائقن ۾ دنيا جا ناياب صوف ڄمون رنگ جا ٿين ٿا، جن جو رنگ پري کان ڪارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
تبت جي خودمختيار علائقي نيانگ چي ۾ڄمون رنگ جا صوف ٿين ٿا، سمنڊ جي سطح کان 3100 ميٽر جي اوچائي تي هڪ چيني ڪمپني اتي باغ پڻ لڳايا آهن.
ڄمون رنگ جا صوف پهريون ڀيرو 2015 ۾ ڦٽڻ شروع ٿيا هئا، جنهن سبب مارڪيٽن ۾ به وڏي اگهه تي وڪرو ڪيا وڃن ٿا. هڪ صوف جو اگهه 7 ڊالر يا پاڪستاني هڪ هزار رپيا آهن.
عام صوف جو وڻ 3 کان 5 ورهين ۾ پيدوار ڏيڻ شروع ڪري ٿو، پر هن قسم جي صوفن جي پيدوار 8 ورهين کان اڳ ممڪن ناهي هوندي. انهن مان رڳو 30 سيڪڙو صوف اهڙا آهن، جيڪي مڪمل طور ڪاري رنگ جا ٿي وڃن ٿا ۽ سٺي اگهه تي وڪرو ٿين ٿا.
مٽياري ۽ ڀرپاسي پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو آپريشن،16 شڪي گرفتار
سي پيڪ منصوبن جي آسپاس وارن علائقن ۾ پاڪ فوج جي دستن سان گڏ سرچ آپريشن ٿيو
هوٽلن،ڳوٺن،بس اسٽاپن ۽ مسافر خانن مان 16 کان مٿي شڪي ماڻھن گرفتار ڪيو ويو
مٽياري(رپورٽر) مٽياري پوليس پاران ضلعي ۾ ھلندڙ سي پيڪ جي پروجيڪٽن جي آسپاس وارن علائقن ۾ پاڪ فوج جي دستن سان گڏ سرچ آپريشن ڪري 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي،ايس ايس پي مٽياري جي ترجمان موجب ايس ايس پي عمران رياض جي هدايتن ضلعي مٽياري ۾ ھلندڙ سي پيڪ جي منصوبن واري علائقن ۾ پوليس فوجي دستا ساڻ ڪري سرچ آپريشن ڪيو،کيبراڻي ٿاڻي جي حد ۾ آپريشن دوران هوٽلن،ڳوٺن،بس اسٽاپن ۽ مسافر خانن مان 16 کان مٿي شڪي ماڻھن گرفتار ڪيو ويو آھي.
آزاد عدليا نوازشريف خلاف آزاد فيصلو ڪندي: شاهه محمود قريشي
پاڙيسرين سان رابطا وڌائڻا پوندا، سڀاڻي کان افغان، ايران چين ۽ روس ويندس
ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آزاد عدليا نوازشريف بابت فيصلو آزادي سان ڪندي، هن وقت جيڪي ڪيس هلي رهيا آهن، اهي تحريڪ انصاف ناهن ٺاهيا، ملتان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته علائقائي ملڪن جي دوري تي وڃي رهيو آهيان، سڀاڻي افغانستان ويندس، ان کانپوءِ ايران، چين ۽ روس جو دورو ڪندس، چئني ملڪن جو دورو ٻن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، انهن ملڪن جي سربراهن سان رابطا منشور جو حصو آهن، پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڙيسرين سان رابطا وڌائڻا پوندا، پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ ضروري آهي ان سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، روزگار جا موقعا به وڌندا، هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي جي حڪومتن پرڏيهي سيڙپڪاري تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ خوشحالي ۽ امن اچڻ کانپوءِ وسيلا هٿيارن بدران غربت جي خاتمي تي خرچ ڪنداسين.
مڪاني ننڍي چونڊ جا نتيجا پڌرا: پ پ ۽ متحدھ اميدوارن کي سرسي
نوشهري فيروز جي يوسي ستابو، پير ڳوٺ جي يوسي راهوجا ۽ ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ تي پ پ اميدوارن کي شڪست
حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 ۽ 21 تي ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب، عمر ڪوٽ ۾ ف ليگ جو غازي سمون کٽي ويو

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊون پوريون ٿيڻ بعد غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 تي متحده پاڪستان جو شعيب الحسن 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ اميدوار پ پ جي عنايت علي هارائي ويو، کيس 106 ووٽ مليا. نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ مليا، جڏهن ته پنو عاقل ۾ يوسي نوراجا وارڊ نمبر 4 ۾ ڪائونسلر سيٽ تي آزاد اميدوار آدم مهر 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. پير جو ڳوٺ جي ٽائون ڪميٽي احمد پور جي وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار محمد بخش ميتلو 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته ف ليگ جي حمايت يافتا اميدوار سراج الدين کنڀڙو کي 36 ووٽ مليا. سانگهڙ جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي ڊي اي اميدوار آفاق قريشي کي 504 ووٽ مليا. عمرڪوٽ جي يوسي مردان شاهه ۾ ف ليگ جو عازي سمون 1643 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، هن سيٽ تي پ پ جي روشن راهمون کي 1354 ووٽ مليا. سکر جي يوسي 17 نيو پنڊ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار گل محمد 535 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو محمد نعيم هارائي ويو. حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 21 تي متحده جي پرويز وسيم 1045 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار امتياز عالم کي 331 ووٽ مليا. گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ 1770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ارشد لکڻ 739 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ملير جي يوسي ڪاٺوڙ تي پ پ اميدوار دادا ڪريم بلوچ 2735 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 717 ووٽ کڻي سگهيو. ماتلي جي وارڊ نمبر 7 ۾ پ پ جي عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار منير نظاماڻي کي 926 ووٽ مليا. نوشهروفيروز ۾ يوسي ڪوٽ ستابو ۾ مير محمد عالماڻي 1309ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وي، پ پ جي آصف عالماڻي 500 ووٽ مليا. پيرڳوٺ جي يوسي راهوجا ۾ آزاد اميدوار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کڻي سگهيو. ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ وارڊ 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي منور ملاح کي 355 ووٽ مليا. حيدرآباد جي يو سي 53 تي پ پ اميدوار ساجد شاهه 1393 ووٽ کڻي ڪامياب سوڀ ماڻي، متحده جي جهانگير ڪاڪا کي 687 وٽ مليا. ملير جي يوسي ڄام مراد علي تي آزاد اميدوار صدام بلوچ 1947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته پ پ جي عرفان جوکيو کي 1835 ووٽ مليا. قاضي احمد جي يوسي گهرام مري جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نياز حسين مهر 650 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.
رتوديري ۾ نوجوان قتل، قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو
رتوديرو (م ڊ) رتوديرو ۾ هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش رکي وارثن جو ڌرڻو، رتوديرو جي وچ شهر ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ڀرسان هٿياربندن 19 ورهين جي برڪت علي ولد ممتاز علي ويسر کي گوليون هنيون، جوابدار واردات کانپوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي سندس وارث تعلقه اسپتال کڻائي ويا جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول جو لاش تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن نوجوان جو مڙھ کڻي لاڙڪاڻو سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه تي رکي پوليس خلاف ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتول جي والد ممتاز علي ويسر ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته اسان جي نوجوان کي عمراڻي برادري جي ماڻهن قتل ڪري وڏو ناحق ڪيو آھي، جيسيتائين پوليس قاتل گرفتار نه ڪندي اسان لاش رکي ويھي رهنداسين، جڏهن ته روڊ بند هئڻ ڪري ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيهجي ويون، جڏهن ته آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
ڳڙهي خيرو ۾ پلاٽ جي تڪرار جو نبيرو،تڪراري پلاٽ بليدين کي ملي ويو
مير باز بروهي جي سرپئنچي ۾ جرڳو،بيلدين ۽ سيدن پلاٽ جي مالڪي جي دعويٰ ڪئي
ڳوٺ کي بليدي برادري جي ماڻهن آباد ڪيو،پلاٽ جي مالڪي به انهن جي هوندي:فيصلو
ڳڙهي خيرو(ن پ ا)ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ امير آباد جي سيد ۽ بليدي برادرين ۾ ڳوٺ ۾ رهائش جي معاملي تان هلندڙ تڪرار جو نبيرو مير باز خان بروهي وٽ ٿيو.نبيري ۾ سيد خير شاھ ۽ مير اسلم خان بليدي جي ڌرين ڳوٺ امير آباد ۾ ٺهندڙ مدرسي جي زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪئي جنهن تي فيصلي جي سرپنچ مير باز خان بروهي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڏنو ته ڳوٺ امير آباد هڪ پراڻو ۽ تاريخي ڳوٺ آهي ۽ ڳوٺ کي بليدي برادري جي ماڻهن آباد ڪيو آهي،ان ڪري ڳوٺ جي مالڪي بليدي برادري جي هوندي ۽ تڪراري پلاٽ به بليدين جو آهي ۽ اتي مير اسلم خان بليدي مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪري سگهي ٿو،آخر ۾ ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.
ڪنڌڪوٽ ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪارا، اڪثر علائقا گندي پاڻي هيٺ اچي ويا
مدرسا محلي، غريب آباد، مرزانپور، اسٽيشن پاڙو، مختيارڪار آفيس ۾ گندو پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ موجود
صفائي عملو گھر ويٺي پگھار کڻڻ لڳو، گندگي سبب شهر جون رونقون اجڙي ويون، ماڻهن جو رستن تي هلڻ به محال
ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران علي کوسو)ڪنڌڪوٽ شهر جا اڪثر علائقا گندي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، نيڪال وارو سسٽم ناڪاره ٿيڻ ڪري گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي روڊن رستن تي اچي ويو آهي جنهن سبب ايندڙ ويندڙ شهرين کي شديد ڏکياين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪنڌڪوٽ شهر جي مدرسا محله، غريب آباد وارو علائقو، مرزانپور، اسٽيشن محله، مختيار ڪار آفيس روڊ، شجره چوڪ سميت شهر جي اڪثر علائقن ۾ گندو پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب شهر جي رونقون اجڙي ويون آهن ۽ ماڻهن جو رستن تي نِڪرڻ به عذاب بڻجي ويو آهي،ان سلسلي ۾ شهرين حاڪم کوسو،وقاص اعواڻ،منير،اعجاز نوناري جو چوڻ هو ته سڄي شهر جي حالت خراب آهي اها جڳه ناهي بچي جتي گندو پاڻي بيٺل نه هجي انهن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جو عملو ڪم ڪرڻ بجاءِ گهر ويٺي پگهارون کائي رهيا آهن انهن چيو ته چند ڪچا ملازم آهن جيڪي صفائي جو عمل جاري رکيون ويٺا آهن سو به خاص ماڻهن جي محلن ۾ صفائي ڪندا آهن ۽ باقي ٻيا محله گند جي ڍير جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن انهن تعلقه چيئرمين ۽ ڊي سي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي بحال ڪرائي شهرين کي رليف ڏنو وڃي.