پکو ( ن پ ا) سردي جي لهر ۾ واڌ کانپوءِ ٻين شهرن وانگر پکي شهر ۾ به گرم ڪپڙن توڙي ڊرائي فروٽ جي وڪري ۾واڌ اچي وئي آهي .شهر ۾ مختلف هنڌن تي لنڊي جا گرم ڪپڙا وڪرو ڪيا پيا وڃن .اسٽالن تي گرم کٿا،لويون، جوتا جيڪيٽ ، جوراب ، ڪوٽ، مفلر ۽ ٻيا گرم ڪپڙا رکيا ويا آھن ، اسٽالن تي سج اڀرڻ سان ئي علائقي جي ڪيترن ڳوٺن يارو ديرو، گهوگهاري،ديدڙ، چانڊو وليج نور محمد مغيري يار محمد علي محمد ورک، ڳوٺ سميت ٻين ڳوٺن جا ماڻھون پھچي گرم ڪپڙن جي خريداري ڪن ٿا . سيزن جو فائدو وٺندي گرم ڪپڙا وڪرو ڪندڙن به قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي . گرم ڪپڙا خريد ڪندڙن جي عبدالجبار، سلطان،سليم،وسيم،ستار مغيري،زاهد خشڪ، محمد وسيم ، ممتاز، ۽ ٻين دانهون ڪندي ٻڌايو ته شهر جي مڙني علائقن ۾ افغاني پٺاڻن جي لوڌ پهچي وئي آهي لنڊي جا سوئيٽر ،جيڪٽ، ٽوپلا ، جوراب، پراڻا جوتا ۽ ٻئي سامان جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن . شهر ۾ مڱ، لاهوري گجرون ، توڙي سوپ به وڪرو ٿي رهيو .
پکي شهر ۾ به سردي کي منهن ڏيڻ لاءَ گرم ڪپڙن جي وڪري ۾ واڌ
مختلف ڳوٺ کان ماڻهو لنڊي جا گرم ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ شهر اچن ٿا
ڄامشورو: پوليس ڪانسٽيبل انيلا شيخ پاران آپگهات جي ڪوشش
ڄامشورو( ن پ ا ) پوليس ڪانسٽيبل انيلا شيخ گهروارن سان ڪاوڙجي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي.
پوليس ڪانسٽيبل گهران ڪاوڙجي المنظر پهتي، جتي هن سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀر ۾ موجود پوليس اهلڪار کيس ڏسي ورتو ۽ فوري طور کيس پڪڙي آپگهات ڪرڻ کان روڪيو.
آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ هيڊ ڪانسٽيبل انيلا شيخ حيدرآباد جي رهواسڻ آهي، ڄامشورو پوليس کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو
روھڙي: ڪسٽم پوليس جو ڳجھي اطلاع تي اڪبر ايڪسپريس تي ڇاپو، لکين رپين جو سامان ھٿ
روھڙي: ريلوي اسٽيشن تي ڪسٽم پوليس جو ڪوئيٽا کان ايندڙ اڪبر ايڪسپريس تي ڇاپو ھنيو آھي. ڇاپي دوران لکين رپين جي ملڪيت جا ڪمبل، سائيڪلون، ھيلميٽ، گاڏين جا اسپيئر پارٽس ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي.
سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جو نئون شيڊول جاري
سومر، اربع ۽ جمعي تي سي اين جي اسٽيشنز 24 ڪلاڪن لاءِ بند رهنديون:شيڊيول

ڪراچي ( ن پ ا ) ملڪ کي 71 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ جو عوام اڃا تائين گئس بحران کي منهن ڏيڻ لڳو، سنڌ ۾ ايندڙ هفتي ٽن ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز وقفي وقفي سان بند رکيون وينديون
سوئي سدرن گئس ڪمپني سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشن کي گئس جي فراهمي بند رکڻ جو شيڊيول پڌريو ڪيو آهي.
شيڊول موجب سي اين جي اسٽيشز سڀاڻي صبح 8 وڳي کان اڱاري تي صبح نائين وڳي تائين بند رکيون وينديون، جنهن بعد اربع تي صبح 8 وڳي تائين گئس جي فراهمي جاري رهندي.
شيڊول موجب وري اربع جي ڏينهن صبح 8 وڳي کان خميس تي صبح 8 وڳي تائين سي اين جي اسٽيشز بند رهنديون، جمعي تي به 8 وڳي کان ڇنڇر تي صبح 8 وڳي تائين سي اين جي اسٽيشنز بند رکيون وينديون.
واضح رهي ته سنڌ صوبو ملڪ کي 71 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو پر صوبي جو عوام گذريل هڪ مهيني کان گئس بحران کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي پر وقفي وقفي سان سي
حيدرآباد: جامني بازار ميلي جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون

حيدرآباد (رپورٽر) جامني بازار ميلي جي ٻئي ڏينهن جي تقريبن ۾ به عورتن هٿ سان ٺهيل شين ۾ دلچسپي ورتي.
جامني بازار ميلي جون تقريبون جاري آهن، ميلي جي ٻئي ڏينهن هٿ جي هنر ۽ کاڌي پيتي شين سميت مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا.
عورتن جي وڏي انگ ٻئي ڏينهن به جامني بازار ميلي جو رخ ڪيو ۽ خاص طور تي هٿ جي هنر وارين شين ۾ دلچسپي ورتي
ملير: پورٽ قاسم ۾ ڪارروائي، 4 ڪروڙ رپين جون سوپاريون هٿ
ملير)رپورٽر) پورٽ قاسم ۾ ڪارروائي دوران ڪنٽينر مان 4 ڪروڙ رپين جون سوپاريون هٿ ڪيون ويون.
ڪسٽم عملي پورٽ قاسم ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران مختلف ڪنٽينرز جي تلاشي ورتي وئي، تلاشي دوران هڪ ڪنٽينر مان وڏي انگ ۾ سوپاريون هٿ ڪيون ويون.
ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿ آيل سوپارين جي ماليت 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، جيڪي ڪنٽينر ذريعي انڊونيشيا مان آنديون ويون هيون
ڪڙيو گهنور ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺل نوجوان 10 سالن کان زنجيرن سان ٻڌل
عبدالجبار ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، علاج لاءِ پئسا نه آهن: وارث
وس آهر علاج ڪرائڻ باوجود نوجوان جي حالت بهتر ناهي ٿي: وارث
ڪڙيو گهنور (ن پ ا ) 10ڪڙيو گهنور ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺل نوجوان کي وارثن 10 ورهين کان زنجيرن ۾ قيد ڪري رکيو ،سندس حالت انتهائي خراب آهي ، سندس وارثن سرڪار ۽ سرندي وارن کان علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي
ڪڙيو گهنور باءِ باس روڊ تي جهوپڙي اڏي ويٺل 80 ورهين جو اکين کان نابين علي بخش ماڇي ذهني توازن وڃائي ويٺل پٽ عبدالجبار جو وس آهر علاج ڪرايو پر فرق نه پوڻ تي انهن نوجوان کي زنجيرن ۾ ٻڌڻ کي ئي بهتر سمجهيو . نوجوان عبدالجبار اڄ به کلي آسمان هيٺان هر تتي ٿڌي کي برداشت ڪندو نظر اچي ٿو هو لوهي سنگهرن ۾ ٻڌل آهي سندس حالت ڏسڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي پوي ٿو نوجوان جي حالت حيوانن کان به بدتر آهي نوجوان جي والد اکين کان نابين علي بخشجو چوڻ آهي ته سندس پٽ جو ذهني تواز صحيح ناهي گهر جو اله تله وڪرو ڪري پٽ جو علاج ڪرايم پر ٽڪي جو فائدو نه ٿيو هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته نوجوان جو علاج ڪرايو وڃي ته جئين هو زندگي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سندس خدمت ڪري سگهي.
زرعي يونيورسٽي ۾ بيچلر ڊگري پروگرام لاءَ انٽري ٽيسٽ
مختلف شهرن ۾ داخلا لاءَ 4050 اميدوارن ٽيسٽ ڏني
ٽيسٽ لاءِ 68 بلاڪ ٺاهيا ويا ،350 شاگردياڻين به حصو ورتو
حيدرآباد (رپورٽر)سنڌ زرعي يونيورسٽي جي بيچلر ڊگري پروگرام جي انٽري ٽسٽ حيدرآباد ۾ شروع ٿي وئي آهي، 4050 جي لڳ ڀڳ اميدوار مختلف فيڪلٽين ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني ، تدريسي سال 2018 لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپورڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ، سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ داخلا لاءِ لاء اها ٽيسٽ پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ ٿي رهي آهي ، جنهن ۾ ڪل 4050 جي لڳ ڀڳ اميدوار شريڪ آھن، انٽري ٽيسٽ لاءِ ڪل 68 بلاڪ ٺهيا ويا آهن، جن ۾ شاگردياڻين جا 7-بلاڪ جدا ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته 4050 شاگردن ۾ 350 جي لڳ ڀڳ شاگرياڻيون به شامل آهن. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آھن جنهن ۾ رينجرز اهلڪار به شامل آھن.
ذوالفقار ڀٽو لا يونيورسٽي جڊيشل سيڪٽر کي بهتري مين پاور ڏئي ٿي: وڏو وزير

ڪراچي ( ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جي گريجوئيشن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گريجوئيٽ ڪندڙ شاگردن کي واڌايون ڏنيون.
وڏي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن يونيورسٽي سان منهنجو پراڻو واسطو آهي، ڇو ته هي ادارو منهنجي عظيم قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي تي آهي، هن وقت اها يونيورسٽي مستحڪم آهي.
مراد علي شاهه چيو ته هن يونيورسٽي مان گريجوئيٽ ڪندڙ شاگرد مستقبل جا شاگرد ۽ جج آهن ۽ هي يونيورسٽي جڊيشل سيڪٽر کي بهترين مين پاور فراهم ڪري رهي آهي
جوھي: گئس جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين جو احتجاج
جوھي:گئس جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين پاران سياسي سماجي اڳواڻناين امين وگھيو،فقير عيسيٰ باھوتو، ڪامريڊ شوڪت باھوتو،حفيظ بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ھنن الزام ھنيو تھجوھي ڏانھن ايندڙ گيس پريسر ھٿراڌو طور تي گھٽ ڪيو ويو آھي.جنھن ڪري گھرن ۾ چلھھ بھ نٿي ٻري.ھنن مطالبو ڪيو تھ گئس جو پريشر فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.
شاھپور جھانيان ۾ ٻن ھفتن کان عورت گم، وارثن طرفان اغوا جو شڪ ظاھر
شاهپورجهانيان (ن پ ا) شاهپور جهانيان کان 6 ڪلوميٽر پري مقيم شاھ مان 15 ڏينهن اڳ پرڻيل ڪنوار گم ٿي وئي.وارثن پاران پنجاب مان آيل مائٽن تي اغوا جو الزام جڏھن تھ علائقي ۾ ناري جو مرضي سان نڪري وڃڻ جو چئوٻول آھي.ناري جي والد بشير شاھ ۽ ٻين گهرڀاتين موجب سندن 18 ساله ڌي مائرا شاھ جي 15 ڏينهن اڳ پنهنجي نوابشاھ واسي مائٽ ساجد شاھ سان شادي ٿي هئي.هنن ٻڌايو ته اسانجي نياڻي شادي بعد پهريون ڀيرو ملڻ آئي ته پنجاب جي شهر دنياپور مان آيل مائٽ عمران شاھ ۽ زاهد شاھ 2 پاڙيسري ڀائرن ناصر علي ۽ نادر علي جي مدد سان اسان جي نياڻي کي اغوا ڪري ويا آھن.سندس بازيابي ۾ وس وارا مدد ڪرائين.جڏهن ته علائقي ۾ چوئوٻول آھي ته ناري پنهنجي مرضي سان مائٽ سان نڪري وئي آھي.رابطو ڪرڻ تي حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ثناء الله پنهور ٻڌايو ته ناري جا وارث ٿاڻي تي ناهن آيا جي ايندا ته سندن مرضي موجب قانوني ڪري ڪنداسين۔
اسلام آباد ۾ ڦورن جي هڪ عورت تي وحشياڻي تشدد واري وڊيو وائرل
اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد ۾ ڦر مزاحمت تي جوابدارن پاران عورت تي تشدد ڪيو ويو .واهه ڪيٽ واري علائقي ۾ ڦورن عورت کان سونا زيو ڦرڪيا مزاحمت تي برقو پهريل عورت تي تشدد ڪيو ويو .جنهن جي ويڊيو پڻ منظرعام تي اچي وئي آهي جوابدار اڃا گرفتار نه ٿي سگهيا آهن .
پنوعاقل: ڪارنهن معاملي جو جرڳو، سڱ چٽي ۾ ڏنل نينگري جي نڪاح جو انڪشاف
پنوعاقل: نينگر ۽ نينگري جي ڪارنهن معاملي جو جرڳو گذيل ڏينهن ڪيو ويو
وڏيري الزام به پاڻ هنيو ۽ فيصلو به پاڻ پنهنجي حق ۾ ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي: متاثرڌر

پنوعاقل (رپورٽر ) ڪارنهن معاملي جي مبينا جرڳي دوران وڏيري طرفان نينگر کي نينگري سان ڪارو قرار ڏئي هڪ ٻي نينگري جو پنهنجي ڀائيٽي سان زبردستي نڪاح ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر ڌر انصاف جي اپيل ڪندي چيو آهي ته وڏيري الزام پاڻ هنيو ۽ فيصلو به پاڻ پنهنجي ئي حق ۾ ڪيو آهي.
ڳوٺ ڪريم بخش واگهو ۾ گذريل ڏينهن ڪارنهن معاملي جو جرڳو وڏيري ڪريم بخش واگهو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن دوران پورهيت جي 8 سالن جي پٽ جواد تي وڏيري جِي 6 سالن جِي ڀائيٽِي سان ڪارنهن جو الزام مڙهيو ويو.
جرڳي دوران الزام ثابت ٿيڻ تي نينگر واري ڌر تي سڱ چٽي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪندي سندن 7 سالن جي نينگري شمائله جو وڏيري جي 14 سالن جي ڀائيٽَي انيس واگهو سان زبردستي نڪاح ڪرايو ويو.
پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي متاثر ڌر چيو ته نينگر تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي جرڳو ڪيو ويو ۽ وڏيري سڱ چٽي جو فيصلو ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، هنن چيو ته وڏيري الزام پاڻ هنيو ۽ فيصلو به پاڻ پنهنجي حق ۾ ڪيو آهي.
صنم ڀٽو جون سياسي سرگرميون، بلاول هائوس ۾ مصروف ڏينهن

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڏکئي وقت ۾ بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو کي پيپلزپارٽي ۾ سرگرم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل سڄو ڏينهن صنم ڀٽو بلاول هائوس ۾ گذاريو، جنهن دوران هن نه رڳو بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي پر پ پ پ پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائره، پ پ پ ڪي پي ڪي جي صدر همايون خان، پ پ پ بلوچستان جي صدر علي محمد جتڪ سان پڻ ملاقات ڪرائي وئي. بلاول هائوس جي ذريعن موجب صنم ڀٽو سان ٽنهي صوبن جي صدرن جيڪا ملاقات ڪئي، ان ۾ پارٽي جي ٽنهي صوبن ۾ صورتحال ۽ تنظيمي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي . پ پ پ جا ويجھا ذريعا ٻڌائين ٿا ته صنم ڀٽو جيڪا سياست کان هميشه پري رهندي آئي آهي، ان کي تازو سندس ڀاڻيجي ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي سياست ۾ اچڻ جي لاءِ آماده ڪري ورتو آهي. پ پ پ جا حلقا ٻڌائين ٿا ته ڪافي عرصي کان وٺي پ پ پ جا سينئر اڳواڻ ۽ سينئر ڪارڪن پارٽي اندر ڀٽي خاندان جي ڪنهن به فرد جي سرگرم نه هئڻ تي مايوس رهيا آهن، تنهنڪري پ پ پ جي ليڊرشپ فيصلو ڪيو ته ڀٽي خاندان سان تعلق رکندڙ صنم ڀٽو کي ماٺ جو روزو ٽوڙائي سياسي طور سرگرم ڪيو وڃي. ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ بينظير بٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب پڻ ڪندي، سياسي سرگرمين تي نظر رکندڙ حلقا ٻڌائين ٿا ته هڪ اهڙو موقعو جڏهن پ پ جي ليڊر شپ کي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، تڏهن صنم جو امڪاني طور سرگرم ٿيڻ پ پ پ کي سياسي طور فائدو پهچائيندو.
انڊونيشيا ۾ سونامي جي تباهي، 222 فوت، سوين زخمي
سُنڊا سامونڊي ٻيٽ تي سونامي تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل، لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري

جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا جي سامونڊي پٽي سُنڊا ۾ سونامي تباهي مچائي ڇڏي آهي. سونامي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو فوت ٿيلن جو انگ وڌي 222 ٿي ويو. انڊونيشيا جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اختيارين چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ جاوا ۽ سماترا جي وچ ۾ موجود ٻيٽ تي تباهي مچي وئي آهي. هزارن جي تعداد ۾ گهر تباهه ٿي ويا، جڏهن ته طوفان سبب عورتن ۽ ٻارن سوڌو 800 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. اختيارين چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو گم ٿي ويا آهن. اختيارين موجب پينڊگلينگ، ڏکڻ لامپنگ ۽ سيرانگ وارا علائقاسڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. انڊونيشيا جي ريڊ ڪراس جي ترجمان چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن، تنهن ڪري جاني نقصان ۾ واڌ جو خدشو آهي. اختيارين چيو آهي ته لڳي ٿو سُنڊا سامونڊي ٻيٽ تي موجود ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ کانپوءِ سونامي آيو آهي. ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.