واٽرڪميشن سربراهه گهوٽڪي پهتو ،پاڻي جي اڻپورين سهولتن تي ڪاوڙ جو اظهار
جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم پاڻي جي فراهمي توڙي ڊرينيج جي مختلف اسڪيمن جو دورو ڪيو
العزيزيھ ۽ فليگ شپ ريفرنسز: نواز شريف جي قسمت جو فيصلو سڀاڻي ٿيندو
اسلام آباد جي احتساب عدالت العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز جو فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي
ٻنهي ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف احتساب عدالت ۾ 130 پيشيون ڀوڳي چڪو آھي
اسلام آباد ( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز جو محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو، احتساب عدالت جو جج ارشد ملڪ ٻنهي ريفرنسز جو فيصلو ٻڌائيندو.
العزيزيه ريفرنس ۾ 22 ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ 16 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا، احتساب عدالت نمبر ون ۽ ٽو ۾ نوازشريف خلاف ريفرنسز جون مجموعي طور 183 ٻڌڻيون ٿيون.
نوازشريف 130 ڀيرا عدالت آڏو پيش ٿيو، کيس 49 ڀيرا حاضري کان ڇوٽ ملي، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا بعد نوازشريف کي 15 ڀيرا اڊيالا جيل مان آڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.
محمد سليم رضا لاڙڪاڻي جو نئون ڪمشنر مقرر
نئين ڪمشنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو
سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي لاڙڪاڻي جي نئين ڪمشنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت محمد سليم رضا کي لاڙڪاڻو جو ڪشمنر مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ ڪشمنر لاڙڪاڻي جي واڌو چارج ڪمشنر سکر رفيق احمد ٻرڙو کي وٽ هئي
ڪرمپور: بجاراڻي ۽ تيغاڻي ڌُرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل ڳوٺاڻي جو لاش رکي ڌرڻو، انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ ڪيتري ئي دير تائين بند
ڪرمپور ۾ گذريل ڏينهن جهيڙي ۾ دوست علي بجاراڻي مارجي ويو هو، وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو
ڪرمپور (رپورٽر) خوني تڪرار تان گذريل ڏينهن مارجي ويل نوجوان جي وارثن سميت بجاراڻي برادري جي سوين ماڻهن انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو آهي، وارثن نوجوان جي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ڪچي واري علائقي ۾ ڪافي سالن کان بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان گذريل ڏينهن هٿياربندن غوثپور لڳ پورهيت نوجوان دوست علي بجاراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، ڳوٺ راوت بجاراڻي ۾ مقتول نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.
انڊس هاءِ وي تي لڳل سوين ماڻهن جي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين الزام هنيو ته نوجوان کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ تيغاڻي برادري جا ڏوهاري ملوث آهن، بااثر هئڻ سبب پوليس جوابدار ڌر خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ڪيو وڃي.
ڪراچي ۽ بدين ۾ حادثا، 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا
ڊفينس خيابان اتحاد ۾ 2 تيز رفتار ڪارون ٽڪرائجي ويون، ڊرائيور عابد فوت
بدين ڀرسان ڪراچي واسين جي گاڏي سان حادثو، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، 3 زخمي
ڪراچي / بدين (رپورٽرن وٽان ) ڪراچي ۽ بدين ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن .ڪراچي ۾ ڊفينس واري علائقي خيابان اتحاد ۾ 2 تيز رفتار ڪارون ٽڪراچجي ويون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هڪ گاڏي جو ڊرائيور فوت ٿي ويو ۽ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ، فوتي جي سڃاڻپ عابد جي نالي سان ٿي آهي .ٻئي گاڏي جو ذرائيور حادثي ۾ محفوظ رهيو .جڏهن ته ٻئي پاسي بدين جي ٽنڊوباگو واري علائقي ۾ ڪراچي واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، فوتين ۾ عرفان ۽ احسن سامل آهن جڏهن ته 3 زخمين کي بدين جي اسپتال پهچايو ويو جن مان احمر ۽ اياز جي هالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .ٻڌايو پيو وڃي ته تيز رفتاري سبب سندن گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وڃي ، هادثي جو شڪار ماڻهو مائي ڀنڀي جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو .
رحيم يار خان پوليس جي صادق آباد ۾ ڪارروائي، هٿيارن جي ڊيلر جو پُٽ گرفتار
گرفتار ذاڪر حسين تي پرڏيهي هٿيارن جو غيرقانوني ڪاروبار ڪرڻ جو الزام آهي: پوليس
ڪارروائي پهرين گرفتار ڪيل ذاڪر حسين ۽ فلڪ شير جي نشاندهي تي ڪئي وئي: رحيم يار خان پوليس

ڪشمور (ن پ ا) رحيم يار خان پوليس صادق آباد ۾ ڪارروائي ڪندي مبينا طور هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ ذاڪر حسين جو پٽ سھيل ذاڪر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. صادق آباد ۾ هٿيارن جي ڪاروبار جي مشهور ڊيلر ذاڪر حسين جي پٽ سھيل ذاڪر کي پرڏيهي هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ رحيم يار خان پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. رحيم يار خان پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ذاڪر وٽان پرڏيهي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ ذاڪر حسين ۽ سندس ڀاءُ فلڪ شير کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو.
ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپي دوران هٿ آيل پيسن ۽ گاڏين تان اختلاف ٿيا
پوليس جا ٻه عملدار ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن :سياسي سماجي ڌريون
شڪارپور: ذريعن موجب ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ بين الصوبائي ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپي دوران شڪارپور پوليس ڪروڙين رپيا روڪ رقم 100 کان وڌيڪ ڪارون، 180 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ۽ سوين خفتين کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو هو، جنهن تان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي صوبيدار ۽ نيوجداري ٿاڻي جي صوبيدار وچ ۾ اختلاف وڌي وڃڻ سبب اغوائن جو سلسلو شروع ٿي ويو ان کان اڳ شڪارپور ضلعي ۾ اغوائن جو سلسلو اٽي ۾ لوڻ برابر هو.
شڪارپور: شڪارپور ضلعي ۾ اغوائن جي وارداتن وڌي وڃڻ ڪري شڪارپور جي سياسي، سماجي ڌرين جي اڳواڻن عادل شيخ، عمير ، فهد شهزاد سولنگي، زاهد ڀنڀرو، محمد قاسم پٺاڻ، سالڪ سومرو ۽ ٻين گهنٽا گهر لکيدر چوڪ تي احتجاج ڪندي چيو ته شڪارپور ۾ مک منصبن تي ويٺل پوليس جا ٻه عملدار شڪارپور ۾ ڏوهارين ۽ قانون جي ويرين جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن جن شڪارپور پوليس کي ٻن واضح گروپن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي اڳواڻن چيو ته ڏوهاري مافيائن ۽ گروپن توڙي سماجي برائين جي اڏن تان ڀتن جي وصولي جهڙن سنگين مامرن تان شڪارپور پوليس ۾ ٻه ڌڙا ٿي چڪا آهن .
صوبيدارن ۾ اختلافن شڪار پور کي ڌاڙيل اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو، 2 مهينن ۾ 10 ڄڻا اغوا
خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ انڪشاف، ڌاڙيلن کي موقعو ملي ويو، اغوائن ۾ واڌ
شڪارپور شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ماڻهو کڻڻ جون وارداتون تيز، لکي، ڳڙهي ياسين ۽ خانپور تعلقن مان به اغوا جا واقعا

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور سڀ کان وڌيڪ اغوائن وارو ضلعو بڻجي ويو، ٻن مهينن اندر 10 ماڻهو اغوا، 9 ڊرامائي انداز ۾ بازياب، هڪ ڀنگ نه ڀرڻ ڪري قتل، ڪڪڙن جي ميل تان خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلافن سبب اغوائن ۾ اضافي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شڪارپور ضلعي جي تعقلي خانپور، لکي غلام شاهه، ڳڙهي ياسين سميت ضلعي کان ٻاهران ماڻهن کي اغوا ڪري جوابدار دريائي پٽي جي ڪچي واري علائقي ۾ کڻي وڃن ٿا، جتان کين پوليس ڪجهه وقت کان پوءِ ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ٿي، گذريل مهينن جي انگن اکرن موجب ڏهن ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو ،جن ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل گھوٽڪي واسي ابوبڪر سولنگي ۽ مولا بخش سولنگي، شڪارپور واسي نوجوان شعيب شاهه، رتيديرو واسي زبير بروهي کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته هٿيارن جي زور تي ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي اغوا ڪيو ويو ساڳي ڏينهن تي ڳوٺ بوجا ناپر واسي 14 سالا نينگر اصغر علي ناپر کي اٺن هٿياربندن اغوا ڪيو، لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ نامعلو هٿيار بند ڌاڙيل ٻن سڳن ڀائرن محمد قاسم ۽ عبدالواحد ڀيو کي اغوا ڪري کڻي ويا، ڪجهه ڏينهن بعد هٿيار جي زور ڳوٺ اسلم بروهي ڀرسان پنهل مارفاڻي ۽ غلام قادر مارفاڻي کي اغوا ڪيو ويو، جن کي شڪارپور پوليس مقابلن جي دعويٰ ڪندي بنا ڪنهن گرفتاري جي مغوين کي ڊرمائي انداز ۾ بازياب ڪرايو، جڏهن ته ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي ڀنگ نه ڀرڻ ڪري اغوا بعد بيدري سان قتل ڪيو ويو،
شڪارپور: اغوائن بعد بازياب ٿيل مغوين شعيب شاهه، اصغر علي ناپر، ابوبڪر سولنگي، مولا بخش سولنگي ۽ ٻين “پنهنجي اخبار ” سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيل ھنن مٿان سخت تشد ڪندا ھئا، عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن چيو ته ڇوڪري جي مس ڪال اچڻ بعد ٽن مهينن تائين رابطو رهيو جنهن بعد هو انڊس هاءِ وي تي مڇي ٻنڊو وٽ پهتا ته موٽر سائيڪل سوارن هنن کي اغوا ڪري سندن وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو .
شڪارپور: ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير صدوزئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس ۾ پئدا ٿيل ڌڙا بندي کان چڱيءَ ريت واقف آھيان، امن امان سان هٿ چراند ڪندڙن کي معافي نه ڏبي هن وڌيڪ چيو ته مغوين جي بازيابي جي لاءِ هن اي پي سي چين ساڻ ڪري ڪچي اندر آپريشن ڪيو آهي جنهن ۾ هن ٻن اغوا ڪارن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته پوليس اندر اختلاف ٿيندا رهندا آهن پر عوام کي انهن اختلافن جي ور چڙهڻ نه ڏبو.
اهڙي ڪرپشن ختم ڪنداسين جو سڀ ياد رکندا: شيخ رشيد
ريلوي جي وفاقي وزير پاران هلندڙ سال وڌيڪ 20 ٽرينون هلائڻ جو اعلان

پشاور( م ڊ ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان کي عوام به ان لاءِ ووٽ ڏنو آهي ته ڪرپٽ ماڻهو جيل ۾ هجن، ڪرپشن جو اهڙو خاتمو ڪنداسين جو سڀ ياد رکندا، پشاور ۾ بابا رحمان ايڪسپريس ج افتتاح بعد تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ريلوي جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويندو، ريلوي ڪميشن ڏئي تمام گهڻو خسارو برداشت ڪيو. هن ٽرين هلندي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو به هلندو، شيخ رشيد هلندڙ سال وڌيڪ 20 ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ايم ايل ون تحت پشاور کان ڪراچي تائين سمورا ٽريڪ تبديل ڪيا ويندا، جنهن جو فيصلو ڪجهه هفتن اندر ڪيو ويندو، شيخ رشيد چيو ته ٽريڪ جي تبديلي بعد پشاور کان ڪراچي ٽرين جي رفتار گهٽ ۾ گهٽ 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هوندي، شيخ رشيد پهرين جنوري کان هڪ مهيني لاءِ وِنٽر ٽرين هلائڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته پنڊي کان ڪراچي ۽ لاهور کان ڪراچي تائين نان اسٽاپ وي وي آءِ پي ٽرينون هلايون وينديون، ٻن ڏينهن بعد ڪراچي کان ڪنٽينر ٽرين هلائي ويندي، وفاقي چيو ته پاڪستان ريلوي تي 25 ارب رپيا قرض آهي، اهڙين حالتن ۾ ٽرينون هلائڻ مذاق ناهي، تقريب دوران احتساب واري عمل تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪرپشن جو اهڙو خاتمو ڪنداسين جو سڀ ياد رکندا، عمران خان کي عوام به ان لاءِ ووٽ ڏنو آهي ته ڪرپٽ ماڻهو جيل ۾ هجن
سنڌ جي 141 مڪاني سيٽن تي ننڍي چونڊ، پولنگ عمل جاري
ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ ،شهروفيروز، گهوٽڪي ، عمرڪوٽ،خيرپور،سکر ۽ ٻين ضلعن ۾ به مختلف سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري
ميمبرن جي لاڏاڻي ، نااهلي ۽ اسيمبلين ۾ وڃڻ سبب سيٽون خالي ٿيون ، پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي 141 بلدياتي سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بغير ڪنهن ساهي جو شام جو 5 وڳي تائين جاري رهندو .ياد رهي ته بلدياتي نمائيندن جي فوت ٿيڻ ، نااهلي توڙي اسيمبلين ۾ وڃڻ سبب اهي سيٽون خالي ٿيون آهن .ڪراچي جي 6 ضلعن جي 24 سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آهي جنهن لاءِ 183اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي ،3 ميونسپل ڪارپوريشن جون سيٽون به شامل آهن . ملير ضعلي جي 8 ،ڏکڻ ضلعي جي 6، اولهه ضلعي جي 4 سيٽن تي مقابلو ٿي رهيو آهي . ڪراچي سان گڏ سنڌ جي ٻين ضعلن جنهن ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ ، گهوٽڪي ، شڪارپور ، سکر ، خيرپور ، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ به به چونڊ ٿي رهي آهي .
ڪراچي: 3وزير تبديل ٿيا پر 1500 پيپلز بسون روڊن تي نه آيون!
سرڪار 2013ع ۾ شھرين کي سستي ۽ معياري سفري سھولت ڏيڻ لاءِ ڪراچي۾ 1000بسن جو اعلان ڪيو هو
تڏھوڪي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاھ پاران افتتاح ڪيل منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ھيٺ ئي ھلڻو ھو

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار پاران شهرين کي سفري سهولتون ڏيڻ وارو پيپلز بس سروس منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، 5 سال گذرڻ باوجود 15 سئو اعلانيل بسن مان صرف 10 بسون ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ٿورن سان هلي سگهيون، ٽي وزير تبديل ٿيا، پر اعلانيل منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ سرڪار سال 2013ع ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن روڊن تي سنڌ جي ماڻهن کي سفري سهولتون ڏيڻ لاءِ 15 سئو ايئر ڪنڊيشن بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، اهڙو اعلان سنڌ اندر روڊ حادثن، غير معياري بسن ۽ وڌيڪ ڀاڙن جي کوڙ سارين شڪايتون اچڻ کانپوءِ ڪيو هو. 2013ع جي بجٽ تقرير ۾ وڏي وزير اعلان ڪيو ته انهن بسن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت هلايو ويندو، 5 سال گذرڻ بعد ان اعلان تيصرف ايترو عمل ٿيو آهي جو هن وقت تائين ڪراچي ۾ 10 بسون هلايون ويون آهن، جڏهن ته سرڪاري اعلان موجب هڪ هزار بسون ڪراچي شهر ۾ جڏهن ته 500 بسون سکر، لاڙڪاڻو، مٺي سميت مختلف شهرن جي روٽن تي هلڻيون هيون، جنهن لاءِ ڪراچي سميت سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ بس ٽرمينل ٺهڻا هئا، ان منصوبي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو، هڪ منصوبي کي ”انٽر بس سروس“ ۽ ٻئي کي ”انٽرا سٽي بس سروس“ جو نالو ڏنو ويو. سنڌ سرڪار ان منصوبي تي عمل ڪرائڻ ۾ ته ڪامياب نه وئي پر 5 سال گذرڻ ۽ ٽي وزير تبديل ٿيڻ باوجود 15 سئو بدران هڪ خانگي ڪمپني جي ٿورن سان 10 بسون ڪراچي ۾ هلايون ويون آهن، جنهن کي ”پائلٽ پروجيڪٽ“جو نالو ڏنو ويو آهي، ان 5 سالن دوران سنڌ سرڪار اهو به طئي ناهي ڪري سگهي ته بسن جا رُوٽ ڪهڙا هوندا، مسافرن کان ڀاڙو ڪيترو ورتو ويندو ۽ سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ ڪمپني معرفت بسون هلائيندي يا پنهنجون بسون خريد ڪندي؟
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته منصوبي ۾ دير ٽرانسپورٽرن پاران بسون نه هلائڻ ۽ بئنڪن پاران قرض نه ڏيڻ ڪري ٿي آهي، اسان منصوبو ختم ناهي ڪيو پر ان ۾ دير ٿي آهي، اسان قرض لاءِ سنڌ بئنڪ سان ڳالهايو آهي، لک پڙهه هلي رهي آهي، اسان کي ڀاڙا گهٽ رکڻ سبب انهن ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻي پوندي.
ٽرانسپورٽ واري اڳوڻي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته اسان انهن بسن جا ڀاڙا گهٽ رکيا، جنهن ڪري ٽرانسپورٽ ڪمپنيون بسون هلائڻ لاءِ راضي نه پيون ٿين، مون پنهنجي دور ۾ هڪ ڪمپني سان ڳالهائي ڪراچي ۾ 10 بسون هلرايون آهن، هاڻي وزير ان منصوبي کي مڪمل ڪرائيندو.
گهوٽڪي ضلعي جا اڪثر ٿاڻا ۽ چوڪيون غير محفوظ،ڪچي توڙي پڪي جي اڪثر ٿاڻن جي حالت خراب،نه ديوارون نه ئي لاڪپ!
رائونتي، جروار، يارو لنڊ ،عادلپور ، اوٻاوڙو ، ريتي ،کينجھو ٿاڻن جون عمارتون غير محفوظ
ڪچو ٻنڊي ٽو ، کينجھو ،ٻيلو ميرپور ٿاڻن کي چوديواري ئي ناھي،سرڪاري عمارتن ۾ به ٿاڻا قائم
ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي )ضلعي گھوٽڪي اندر عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاء قائم اڪثر پوليس ٿاڻا ۽ چوڪيون غير محفوظ بڻيل، عمارتون زبون ٿي ويون،ٿاڻن ۾ جوابدارن کي رکڻ لاءِ لاڪپ ئي موجود ناھي، ڪيترن ٿاڻن کي چوديواري موجود ناھي اڪثر ٿاڻا فاريسٽ ،تعليم کاتي، ايريگشن جي عمارتن تي قبضا ڪري قائم ڪيا ويا آھن.
گھوٽڪي ضلعي ۾ قائم 20 کان وڌيڪ پوليس ٿاڻا غير محفوظ بڻيل آھن ضلعي جي ڪچي توڙي پڪي جي اڪثر ٿاڻن جي حالت انتھائي خراب عمارتون زبون بڻيل آھن ضلعي گھوٽڪي جا ٽي سٽي ٿاڻن ڏھرڪي ،ميرپورماٿيلو ،گھوٽڪي کي ڪجھ سال اڳ ماڊل ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو جتي جي عمارتن جي مرمت ڪرائي انھن کي جديد ماڊل ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو آھي .
ضلعي جا رائونتي، جروار، يارو لنڊ ،عادلپور ، اوٻاوڙو ، ريتي ـ،کينجھو ۽ ٻين ٿاڻن جون عمارتون پراڻيون زبون بڻيل آھن ،جن جي سالن کان مرمت ناھي ڪرائي وئي انھن ما ڪجھ ٿاڻن اندر جوابدار کي رکڻ لاءِلاڪپ موجود ناھي ،ڪچو ٻنڊي ٽو ، کينجھو ،ٻيلو ميرپور ٿاڻن کي چوديواري موجود ناھي، جنھن جي ڪري ڪنھن وقت به اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي سگھي ٿو .
ضلعي گھوٽڪي جا ڪجھ ٿاڻا ۽ چوڪيون مختلف سرڪاري کاتن جي عمارتن تي قبضو ڪري انھن ۾ نفري ويھاري وئي آھي گھوٽڪي جو بي سيڪشن ٿاڻو اين ايچ اي جي عمارت ۾ قائم ٿيل آھي ٻيلو ميرپورٿاڻي جو سمورو عملو فاريسٽ کاتي جي عمارت تي قابض بڻيل آھي ان کان علاوه ڪچو ٻنڊي ٽو اسڪول اندر قائم ٿيل آھي گيمڙو ٿاڻو يونين ڪائونسل جي عمارت تي قبضو ڪري اتي پوليس ويھاري وئي آھي
جروار ٿاڻي جي حيات پتافي چوڪي پڻ اسڪول اندر قبضو ڪري قائم ڪئي وئي آھي رائونتي جي پوليس پڪٽ فون لانڊي ايريگشن جي عمارت ۾ قائم ٿيل آھي ضلعي اندر پوليس ٿاڻن جي عمارتن جي زبون حالي جي ڪري ٿاڻن ۾ پيل سرڪاري ھٿيار، ڪيس پراپرٽي، ڪاعذات ،مالخاني ۾ پيل سرڪاري اسلحو به غير محفوظ بڻيل آھن
ميرپورماٿيلو : گھوٽڪي ٿاڻن کي مليل پوليس موبائلون کٽارا بڻيل آھن، ڪچو ٻنڊي ون وٽ پوليس موبائِيل موجود ناھي،کينجھو ٿاڻي کي مليل خراب بيٺل آھي ،ساڳي طرح يارو لنڊ ،جروار ،ڪچو ٻنڊي ٽو ،کينجھو ٿاڻن کي مليل پوليس موبائيل اڪثر خراب ھجڻ سبب ٿاڻن کي خانا پوري لاء مھيا ڪيون ويون آھن پوليس موبائيل خراب ٿيڻ جي صورت ۾ مرمت لاء ڪو به سرڪاري فنڊ نه ٿو ڏنو وڃي،
ڏاهلي جي سرحدي علائقن ويجهو ڳوٺن ۾ سوئرن جو آزار
سوئر چوپايو مال کي جهنگ ۾ شڪار ڪري وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا
ڳوٺ ڇاپر کوسا جي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ 12 سوئرن کي ماريو
ڇاڇرو(سومار راهمون ) ڏاھلي تعلقي جي پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي علائقن ويجهو مختلف ڳوٺن،ڇاپر کوسا،ڀمي جو تڙ،ڳوٺ ميڻائو سميت ٻين ڳوٺن ۾ خونخوار جانور سوئرن جو آزار وڌي ويو،ڳوٺ ڇاپر کوسا جي رهواسي سڪندر کوسي چيو ته گذريل چار پنج ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ اسان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ 12 کان مٿي هن خونخوار جانورن کي ماريو آهي،جنهن ۾ ٻه ڳوٺاڻا معاملي زخمي پڻ ٿيا آهن،سرديء جي موسم ۾ هي جانور وڌيڪ ايندا آهن،مالوند ماروئڙن جي چوپائي مال کي جهنگ ۾ پنهنجو شڪار ڪن ٿا،ڪيترن ئي غريب ماڻهن جو چوپايو مال گذريل پنج ڏينهن ۾ هن خطرناڪ جانور ماريو آهي،ڳوٺاڻا پريشان آهن،ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو سوئرن جو انڳ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي،هي خطرناڪ جانور جھنگ ۾ معصوم ٻارڙن کي به نقصان پهچائيندو آهي،خونخوار جانورن جي ڪري ڏاھلي تعلقي سرحدي علائقن ۾ خوف واري صورتحال آهي،مالوند غريب ماروئڙا پريشان آهن،پنهنجي چوپائي مال کي جهنگ ۾ ڇڏي نٿا سگهن،ڳوٺاڻن چيو ته سوئرن کي ماريو وڃي،هن حوالي سان انتظامیہ ڪو نوٽيس وٺي……. ڇاڇرو رپورٽ سومار راهمون 03343159016
ڪچي پل جو گرلز ۽ بوائيز برائمري اسڪول 6 سالن کان بند پيل
ڪچي پل رپورٽ ذاڪر حسين کوسو ڪچي پل يوسي ڍوري جي ڳوٺ محمد پريل کوسو جو گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪول 2012کان بند پيل ٻئي اسڪول بند هئڻ ڪري سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کان محروم تعليم کاتو خاموش تماشائي بڻيل اسڪول م مقرر ٿيل استاد ۽ ماسترياڻيون گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳيون والدين م ڳڻتي جي لهر نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڳوٺ جو اسڪول بند هئڻ ڪري اسان جا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن .
سرڪار نوٺيس وٺي اسڪول کولرائي ڳوٺاڻا
گهوٽڪي: پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ صحافين وٽ پهچي ويو
گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ صحافين وٽ پهچي وس وارن کان تحفظ جي گهر ڪئي آهي.گهوٽڪي جي انور آباد محلي جي رهواسي نوجوان منظور احمد شيخ پنهنجي گهر واري مائي ربل شيخ سان گڏ صحافين وٽ پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته پسند جي پرڻي کانپوء مسمات ربل جا شيخ مائٽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جوڙي ٻڌايو ته هنن پنهنجي رضا خوشي سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن تان ناري ربل شيخ جا مائٽ اسان مٿان مڇرجي پيا آهن، ان موقعي تي گهوٽڪي واسي نوجوان منظور احمد وڌيڪ ٻڌايو ته 22 نومبر تي ٺري ميرواه جي رهواسڻ ناري ربل شيخ سان پيار جي شادي جي ڪرڻ کانپوء انهن جي حياتين کي خطرو آهي هنن وس وارن کان تحفظ جي گهر ڪئي آهي.