fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

اغوا ڪندڙن مائيٽن کان ڀنگ گھريو هو: بازياب ٿيل ڳوٺاڻا

شڪارپور: اغوائن بعد بازياب ٿيل مغوين شعيب شاهه، اصغر علي ناپر، ابوبڪر سولنگي، مولا بخش سولنگي ۽ ٻين “پنهنجي اخبار/ڏسو صفحو 7 بقايا 27
” سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيل ھنن مٿان سخت تشد ڪندا ھئا، عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن چيو ته ڇوڪري جي مس ڪال اچڻ بعد ٽن مهينن تائين رابطو رهيو جنهن بعد هو انڊس هاءِ وي تي مڇي ٻنڊو وٽ پهتا ته موٽر سائيڪل سوارن هنن کي اغوا ڪري سندن وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو .

صوبيدارن ۾ اختلاف شڪار پور کي ڌاڙيل اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو، 2 مهينن ۾ 10 ڄڻا اغوا

خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ انڪشاف، ڌاڙيلن کي موقعو ملي ويو، اغوائن ۾ واڌ

شڪارپور شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ماڻهو کڻڻ جون وارداتون تيز، لکي، ڳڙهي ياسين ۽ خانپور تعلقن مان به اغوا جا واقعا

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور سڀ کان وڌيڪ اغوائن وارو ضلعو بڻجي ويو، ٻن مهينن اندر 10 ماڻهو اغوا، 9 ڊرامائي انداز ۾ بازياب، هڪ ڀنگ نه ڀرڻ ڪري قتل، ڪڪڙن جي ميل تان خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلافن سبب اغوائن ۾ اضافي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شڪارپور ضلعي جي تعقلي خانپور، لکي غلام شاهه، ڳڙهي ياسين سميت ضلعي کان ٻاهران ماڻهن کي اغوا ڪري جوابدار دريائي پٽي جي ڪچي واري علائقي ۾ کڻي وڃن ٿا، /ڏسو صفحو 7 بقايا 26
جتان کين پوليس ڪجهه وقت کان پوءِ ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ٿي، گذريل مهينن جي انگن اکرن موجب ڏهن ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو ،جن ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل گھوٽڪي واسي ابوبڪر سولنگي ۽ مولا بخش سولنگي، شڪارپور واسي نوجوان شعيب شاهه، رتيديرو واسي زبير بروهي کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته هٿيارن جي زور تي ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي اغوا ڪيو ويو ساڳي ڏينهن تي ڳوٺ بوجا ناپر واسي 14 سالا نينگر اصغر علي ناپر کي اٺن هٿياربندن اغوا ڪيو، لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ نامعلو هٿيار بند ڌاڙيل ٻن سڳن ڀائرن محمد قاسم ۽ عبدالواحد ڀيو کي اغوا ڪري کڻي ويا، ڪجهه ڏينهن بعد هٿيار جي زور ڳوٺ اسلم بروهي ڀرسان پنهل مارفاڻي ۽ غلام قادر مارفاڻي کي اغوا ڪيو ويو، جن کي شڪارپور پوليس مقابلن جي دعويٰ ڪندي بنا ڪنهن گرفتاري جي مغوين کي ڊرمائي انداز ۾ بازياب ڪرايو، جڏهن ته ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي ڀنگ نه ڀرڻ ڪري اغوا بعد بيدري سان قتل ڪيو ويو،

حيدرآباد: پيرسن جي قتل ڪيس ۾ عورت سميت 2 ڄڻا گرفتار

ٽنڊو يوسف پوليس ڪارروائي ڪري شاھ فيصل ۽ نورالنساءِ کي گرفتار ڪيو

جوابدارن تي پيرسن بندو کوسا کي قتل ڪري ٻوري بند لاش اڇلائڻ جو الزام

حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد پوليس چار ڏينھن اڳ قتل ڪيل پيرسن جي ڪيس ۾ عورت سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس 4 ڏينهن اڳ قتل ڪيل پيرسن بندو عرف سوکا کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ ھڪ عورت نورالنساءِ عرف پپي ۽ شاه فيصل کي گرفتار ڪيو آھي. پوليس موجب جوابدارن پيرسن بندو کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري گلشن رئيس واري علائقي ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.

پاهت گھٽ ٿو ڏين! ڪاڄ ۾ جهيڙو، گھوٽ سميت 2 ڄڻا زخمي

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ عبدالمجيد سميجو ۾ گهوٽ جي سئوٽ ۽ مهمان ۾ منهن ماري ٿي

معمولي ڳالهه تان منهن ماري جهيڙي ۾ تبديل، علينواز سميجو ۽ هاشم زخمي ٿي پيا

ڏهرڪي ( رپورٽر ) ڏهرڪي ۾ پاهت گهٽ لکرائڻ تان جهيڙي جي نتيجي ۾ گهوٽ جي سئوٽ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، تقريب ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڳوٺ عبدالمجيد سمجو ۾ شادي جي تقريب دوران پاهت ٿوري لکرائڻ تان /ڏسو صفحو 7 بقايا 6
گهوٽ جي سوٽ ۽ هڪ مهمان وچ ۾ نهن ماري ٿي، جنهن بعد ڏسندي ئي ڏسندي معمولي ڳالهه جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هڪٻئي کي ڪرسيون به اڇلائي هنيون ويون. جهيڙي سبب ڪاڄ ۾ ويٺل مهمانن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته جهيڙي جي نتيجي ۾ علي نواز سميجو ۽ هاشم سميجو زخمي ٿي پيا، زخمي هاشم سميجو جو چوڻ هو ته هن مذاق ۾ چيو ته مهانگائي جو دورو آهي، پاهت وڌيڪ لکرايو، جنهن تي حاڪم سميجو ۽ علي نواز شاهه نواز ڪاوڙ ۾ اچي ويا .

3 وزير تبديل ٿيا پر 1500 پيپلز بسون روڊ تي اچي نه سگھيون!

سرڪار 2013ع ۾ شھرين کي سستي ۽ معياري سفري سھولت ڏيڻ لاءِ ڪراچي شھر ۾ 1000 ۽ ٻين ضلعن ۾ 500- بسن جو اعلان ڪيو هو

تڏھوڪي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاھ پاران افتتاح ڪيل منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ھيٺ ئي ھلڻو ھو

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران شهرين کي سفري سهولتون ڏيڻ وارو پيپلز بس سروس منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، 5 سال گذرڻ باوجود 15 سئو اعلانيل بسن مان صرف 10 بسون ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ٿورن سان هلي سگهيون، ٽي وزير تبديل ٿيا، پر اعلانيل منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ سرڪار سال 2013ع ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن روڊن تي سنڌ جي ماڻهن کي سفري سهولتون ڏيڻ لاءِ 15 سئو ايئر ڪنڊيشن بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، اهڙو اعلان سنڌ اندر روڊ حادثن، غير معياري بسن ۽ وڌيڪ ڀاڙن جي کوڙ سارين شڪايتون اچڻ کانپوءِ ڪيو هو. 2013ع جي بجٽ تقرير ۾ وڏي وزير اعلان ڪيو ته انهن بسن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت هلايو ويندو، 5 سال گذرڻ بعد ان اعلان تيصرف ايترو عمل ٿيو آهي جو هن وقت تائين ڪراچي ۾ 10 بسون هلايون ويون آهن، جڏهن ته سرڪاري اعلان موجب هڪ هزار بسون ڪراچي شهر ۾ جڏهن ته 500 بسون سکر، لاڙڪاڻو، مٺي سميت مختلف شهرن جي روٽن تي هلڻيون هيون، جنهن لاءِ ڪراچي سميت سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ بس ٽرمينل ٺهڻا هئا، ان منصوبي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو، هڪ منصوبي کي ”انٽر بس سروس“ ۽ ٻئي کي ”انٽرا سٽي بس سروس“ جو نالو ڏنو ويو. سنڌ سرڪار ان منصوبي تي عمل ڪرائڻ ۾ ته ڪامياب نه وئي پر 5 سال گذرڻ ۽ ٽي وزير تبديل ٿيڻ باوجود 15 سئو بدران هڪ خانگي ڪمپني جي ٿورن سان 10 بسون ڪراچي ۾ هلايون ويون آهن، جنهن کي ”پائلٽ پروجيڪٽ“جو نالو ڏنو ويو آهي، ان 5 سالن دوران سنڌ سرڪار اهو به طئي ناهي ڪري سگهي ته بسن جا رُوٽ ڪهڙا هوندا، مسافرن کان ڀاڙو ڪيترو ورتو ويندو ۽ سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ ڪمپني معرفت بسون هلائيندي يا پنهنجون بسون خريد ڪندي؟

آمريڪا ۾ به پگھارن جو بحران، 8 لک ملازم متاثر

وفاقي بجيٽ منظور نه ٿي، ملازمن کي ڪرسمس کان اڳ پگهار نه ملي

صدر ڊونلڊ ٽرمپ بحران جو ذميوار ڊيموڪريٽس کي قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ا ڊ) آمريڪا ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ اختلافن سبب وفاقي بجيٽ منظور نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب پگھارن جو بحران پيدا ٿي پيو آهي. ڪانگريس جي ايم پي ايز پاران بجيٽ ۾ ميڪسيڪو بارڊر تي لوهي ڀت اڏڻ جي منصوبي جي مخالفت ڪئي آهي، جنهنڪري به بجيٽ منظور ناهي ڪئي وئي. بيجٽ منظور نه ٿيڻ ڪري 8 لک وفاقي ملازم متاثر ٿيا آهن، جيڪي سومر ڏهاڙي تي ڪم تي نه اچي سگهندا. بجيٽ منظور نه ڪرڻ جو سبب ميڪسيڪو بارڊر وال منصوبو آهي. آمريڪي صدر بجيٽ مان 5 ارب ڊالر جي رقم ميڪسيڪو بارڊر وال لاءِ مختص ڪئي هئي، پر ڊيموڪريٽس پارن ان منصوبي جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صدر ٽرمپ پاران پنهنجي منصوبي کي پڻ واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وائيٽ هائوس پاران بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پر ڊيموڪريٽس ۽ ريپبليڪنز وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون.

ملير ۾ صحافين سان جھيڙو ڪندڙ ٻن وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد

ملير ( رپورٽ: دريا خان شر) سنڌ بار ڪائونسل جو وڏو فيصلو، ملير جي ٻن وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد، ان ڏس ۾ بار ڪائونسل جي ڊسيپلينري ڪاميٽي ملير جي ٻن وڪيل ڀائرن مظھر جوڻيجو ۽ شاھ زمان جوڻيجو خلاف مليل شڪايتن تي سندن ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي آهي. اهڙي فيصلي کان سڀني عدالتن ۽ ٽربيونلز کي آگاهي پڻ ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن کان ملير پريس ڪلب جي صحافين ۽ وڪيل ڀائرن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ هو، وڪيل ڀائرن درخواست ڏني ته ڪجهه صحافي سرڪاري ملازم هوندي صحافت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ صحافين وري ملير بار ايسوسيئيشن کان وٺي سنڌ بار ڪائونسل تائين سمورن ليگل فورمن کي درخواستون موڪلي ڄاڻايو هو ته ٻئي وڪيل قبضا مافيا سان تعلق رکن ٿا، جن خلاف ضلعي ۾ انيڪ شڪايتون موجود آهن. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي جوڻيجو وڪيل ڀائرن جو چوڻ هو ته اسان مٿان لڳايل الزام غلط آهن، اسان بار ڪائونسل سميت مختلف فورمن تي اپيل داخل ڪنداسين، اسان جي ميمبر شپ جلد بحال ٿي ويندي.

ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،2 ڄڻا قتل ،مختلف علائقن مان 4 گرفتار

پي آءَ بي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماجد قتل ،واقعو ذاتي دشمني قرار

ڪورنگي ڪراسنگ تي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قاسم قتل ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا, جڏهن ته پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي مختلف ڪيسن ۾ گهربل 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پي آءَ بي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماجد نالي هڪ شخص قتل ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو .جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ تي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قاسم قتل ٿي ويو ،جوابدارفرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .بهادرآباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڀتي خور کي گرفتار ڪري ورتو .

سنڌ بلوچستان دنگ جتي انسان ۽ گڏھھ گڏ پاڻي پيئن ٿا

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ)سنڌ بلوچستان جي دنگ تي ڳوٽ ھيتم جکراڻي جو علائقو آھي جتي ھن جديد دور ۾ به رھواسي سمورين سھولتن کان محروم آھن. اتي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت پڻ نھ آھي. جتي انسان جانور گڏ ھڪ تلاء ۾ پاڻي گڏ پيئن ٿا، ھي تصوير ھتان جي چونڊيل نمائندن کان سوال آھي ھن دور ۾به ماڻھن سان اھا جٺ آخر ڪيستائين جاري رھندي.

حسين لواءِ ۽ غني مجيد کي پيش نه ڪرڻ تي اڊيالا جيل انتظاميا کان جواب طلب

ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ جيل انتظاميا کان ٻنهي ڄڻن کي پيش نه ڪرڻ جا سبب پڇي ورتا

عدالتي حڪمن باوجود حسين لوائي ۽ غني ميجد کي پيش نه پيو ڪيو وڃي: وڪيل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بيڪنگ ڪورٽ جي حڪمن باوجود جيل انتظاميه مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حسين لوائي توڙي غني مجيد کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو جنهن تي عدالت جيل انتظاميه کان جواب طلب ڪري ورتو آهي .حسين لوائي جي وڪيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جنهن کانپوءَ ڪراچي جي بيڪنگ ڪورٽ حسين لوائي کي 10 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر نه کين 10 ڊسمبر تي پيش ڪيو ويو ۽ نه ئي وري 21 ڊسمبر واري ٻڌڻي تي پيش ڪيو ويو جنهن کانپوءَ عدالت اڊيالا جيل انتظاميه کان جواب طلب ڪري ورتو آهي ته ذر کين عدالت ۾ ڇو پيش نٿو ڪيو وڃي.

پروفيسر ميان جاويد جو هٿڪڙيون لڳل لاش هٿ اچڻ بابت جاچ شروع

آ ءِ جي جيلز پاران ڊاڪٽرن ۽ جيل ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کان پڇاڻو

لاهور : آءِ جي جيلز پنجاب پاران پروفيسر ميان جاويد جي موت بعد هٿڪڙيون لڳل تصويرون وائرل ٿيڻ جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. سرگوڌا يونيورسٽي جا غير قانوني ڪيمپسز کولڻ جي الزام ۾گرفتار چيف ايگزيڪيوٽو  پروفيسر ميان جاويد جي موت وقت هٿڪڙيون لڳل تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار نوٽيس وٺي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪئي.  انسپيڪٽر جنرل جيلز پنجاب مامري جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جاچ دوران جيل ۾ مقرر پوليس اهلڪارن سميت ڊاڪٽرن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي ته ڪوتاهي ڪٿي ٿي آهي؟ پروفيسر ميان جاويد کي دير سان اسپتال آندو ويو يا ڊاڪٽرن دير جو مظاهرو ڪيو؟ وڏي وزير کي اڄ رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

ميان جاويد کي هٿڪڙيون ڪنهن لڳايون؟ نيب ۽ جيل انتظاميا آمهون سامهون

ميان جاويد 3 ڏينهن کان اسپتال منتقلي لاءِ منٿون ڪندو رهيو، عملدارن هڪ نه ٻڌي: ذريعا

ميان جاويد کي هٿڪڙيون سندس فوت ٿيڻ کانپوءِ لڳائي غير انساني رويي جو مظاهرو ڪيو ويو

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪيمپس جي سي اي او ميان جاويد کي جيل مان اسپتال کڻي وڃڻ جي سي سي ٽي وي وڊيو سامهون اچي وئي. وڊيو ۾ ميان جاويد کي اسٽريچر تي جيل مان ٻاهر آندو پيو وڃي، جڏهن ته ايمبو بيگ سان مصنوعي ساهه به ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته هڪ شخص ميان جاويد جي دل جي ڌڙڪن بحال ڪرڻ لاءِ سي پي آر ڪندي به نظر اچي رهيو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب وڊيو ۾ اسٽريچر تي موجود ميان جاويد جي هٿن ۾ ڪابه هٿڪڙي نظر نه اچي رهي آهي، ميان جاويد کي منجهند 2 لڳي 14 منٽ تي ڪيمپ جيل کان ٻاهر آندو ويو ۽ 2 لڳي 19 منٽن تي ايمبولنس ذريعي اسپتال روانو ڪيو ويو. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ موجب ميان جاويد جيل جي ان حصي ۾ قيد هو، جيڪو نيب جي جوابدارن لاءِ مخصوص ٿيل آهي. ميان جاويد 3 ڏينهن کان سيني ۾ تڪليف جي شڪايت ڪري رهيو هو پر کيس اسپتال منتقل نه ڪيو ويو، ميان جاويد کي هٿڪڙيون سندس فوت ٿيڻ کانپوءِ لڳائي غير انساني رويي جو مظاهرو ڪيو ويو.

نيب ملير ۽ گڏاپ جي 25 هزار ايڪڙ زمين بلڊرن حوالي ڪرڻ جا تفصيل گھري ورتا

ڪراچي(رپورٽر) نيب اختيارين ڪراچي جي ملير ۽ گڏاپ واري علائقي جي 25 هزار ايڪڙ زمين مختلف بلڊرن حوالي ڪرڻ جي انڪوائري شروع ڪندي مڪاني ادارن، روينيو ۽ ورڪس اينڊ سروس واري کاتي کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيب جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي صحيح سان لکيل خط ۾ نيب اختيارين مٿي ڄاڻايل کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکيو آهي ته ملير ۽ گڏاپ واري علائقن ۾ بحريا ٽائون سميت مختلف بلڊرن کي جيڪا به زمين الاٽ ڪئي وئي آهي ان جي الاٽمينٽ واري تاريخ ۽ لاڳو ڪيل شرطن ۽ معاوضن جا سمورا تفصيل نيب کي اماڻيا وڃن. نيب جي هڪ ٽيم زمينن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل کاتن جي سيڪريٽرين جي آفيس ۾ اچي تفصيل پڻ معلوم ڪيا.

“مونکي وزير اعظم ڪيو” اسلام آباد ۾ همراهه ٿنڀي تي چڙهي ويو!

اسلام آباد(رپورٽر) “وزير اعظم بڻايو” اسلام آباد ۾ همراهه پول تي چڙهي ويو. اسلام آباد جي علائقي بليو ايريا ۾ همراهه بلڊنگ تي لڳل موبائيل سنگل ٽاور تي چڙهي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. پوليس ۽ ٻين ادارن جي اهلڪارن موقعي تي پهچي پول تي چڙهي ويل همراهه کي هيٺ لاهي ورتو. پول تي چڙهي ويل همراهه کي پاڪستان جو جهنڊو ويڙهيل هو، هو دانهي رهيو هو ته ملڪ جون حالتون خراب آهن، وزير اعظم بڻايو سڀ ٺيڪ ڪري ڇڏيندس.

ڊاڪٽر جو علاج کان جواب، رستم ۾ عورت رڪشا ۾ ٻار ڄڻيو

ڳوٺ قبو حامي جي رهواسڻ اميران انڍڙ کي رستم بي ايڇ سي آندو ويو

ڊاڪٽرن عورت جو ويم ڪرائڻ بدران کيس واپس موٽائي ڇڏيو

لکي غلام شاھ(رپورٽ: فھيم حيدر منگي ) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ قبوجامي واسي ڳوڙهاري عورت اميران زال ڪريمڻ انڍڙ کي رستم (بيسڪ هيلٿ سينٽر) ۾ پ پ ايڇ آء جي ڊاڪٽرياڻين پاران ويم ڪرڻ کان انڪار ،عورت کي سکر نيو پئي ويو تہ رستي ۾ رڪشي اندر ٻار کي جنم ڏنو ،متاثر عورت جي ماء مسمات سڪينا انڍڙ جو ٻار کڻي ڊاڪٽر اڳيان دانهون ڪيون پر اسپتال عملي عورت ۽ ٻار کي ٽريٽمينٽ ڏئي گهر روانو ڪري ڇڏيو ،متاثر عورت جي امڙ سڪينا انڍڙ ميڊيا ۽ ڊاڪٽر آڏو دانهيندي چيو تہ منهنجي ڌيء اميران کي 2 جاڙا ٻار هئا هڪ ٻار کي منهنجي ڌيء ڳوٺ ۾ ئي جنم ڏنو. جڏهن تہ ٻئي ٻار کي جنم ڏيارڻ لاء کيس رستم اسپتال رات جو کڻائي آيس .تہ رستم اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرياڻين ويم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ،مجبور ٿي اسان پنهنجي نياڻي کي سکر منتقل پئي ڪيو .تہ رستي ۾ ڳوٺ صادق جي وانڍ وٽ ٻئي ٻار کي بہ چنگچي رڪشا ۾ جنم ڏنو ،جڏهن تہ رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر منظور احمد چنو ٻڌايو تہ بلڪل اسان وٽ اهو ڪيس ٿيو هو. پر عورت جي حالت خراب هجڻ ڪري ڊاڪٽرياڻين ڪيس کڻڻ کان انڪار ڪيو هو ،پر عورت رستي ۾ ٻار کي جنم ڏنو. بعد ۾ عورت ۽ ٻنهي ٻارڙن جي سٺي نموني ٽريٽمينٽ ڪئي آهي 3 ڄڻا خطري کان ٻاهر آهن .