fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سُپريم ڪورٽ: پاڪستان ۾ اسڪول هلائيندڙ تُرڪ تنظيم دهشتگرد قرار

پاڪ ترڪ ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم

وفاقي حڪومت تنظيم جي 28 اسڪولن جا انتظام ترڪي سان معاهدي پٽاندڙ پاڻ سنڀالي: سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد (رپورٽر) سُپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ پاڪ تُرڪ ڪيگ انٽرنيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندي وفاقي سرڪار کي حڪم ڏنو آهي ته وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ هن تنظيم تحت هلندڙ 28 اسڪولن جا انتظام پاڪستان ۽ ترڪي جي حڪومتن وچ ۾ ٿيل معاهدن پٽاندڙ سنڀالي. سُپريم ڪورٽ طرفان لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ تنظيم جا سمورا اڪائونٽس منجم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيگ انٽرنيسنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جا سمورا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن، جڏهن ته حڪومت کي فتح الله تنظيم کي به ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

صالح پٽ ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن ھٿان پيرسن قتل

صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ڀرسان زمين جي تڪرار تان پيرسن قتل ٿي ويو،ان ڏس ۾ صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ ڪريم بخش مڱريو ۾ زمين جي تڪرار تان پنجن جوابدرن گھر م ستل 70 ورهيه ڏاتر ڏنو ولد محمد پناھ مڱريو کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اھڙي اطلاع بعد صالح پٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ڏاتر ڏنو مڱريو جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال روھڙي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه وري ڪا گرفتاري ٿي سگھي آھي ، صالح پٽ پوليس ٻڌايو ته مقتول ڏاتر ڏنو مڱريو جي پٽ محمد نواز مڱريو ٻڌايو آھي ته اسان جو پنھنجي سئوٽن سان زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي جنهن تي عبدالفتاح مڱريو سميت پنجن جوابدارن اسان جي گھر ۾ گھڙي گھر اندر ستل سندن پيءُ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي ،پوليس مطابق فريادي ٿاڻي تي نه آيا آھن جيئن فريادي ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

اي سي ايل ۾ نالو آيو ته ڇا ٿيو؟ گهمڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ئي وڏو آهي: منظور وساڻ

ننڍن ننڍن جيلن ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، حڪومت جو بھ وارو ايندو: پ پ اڳواڻ

پي ٽي آءِ سياسي خودڪشي ڪري رهي آهي، کين حڪومت هلائڻ نٿي اچي: وساڻ

ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته اي سي ايل ۾ نالو آيو ته ڇا ٿيو، گهمڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ئي وڏو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته پارٽي قيادت جو اي سي ايل نالو ڏنو ويو آهي ته ڇا ٿي پيو، اسان اِتي پيا گهُمنداسين، پاڪستان وڏو ملڪ آهي. هُن چيو ته اسان ننڍن ننڍن جيلن ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، ڪراچي ۾ ميڊيا، هن وقت اپوزيشن جو وارو آهي، ڪجهه عرصي کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪمرانن جو به وارو ايندو، بچندو ڪير به نه. هڪ سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته 2020ع ۾ عمران خان جو ڪوبه سياسي مستقبل نظر نٿو اچي، پي ٽي آءِ حڪومت نٿي هلائي سگهي ۽ سياسي خودڪشي ڪري رهي آهي.

ٺل ۾ ريڊ ڪمشنر جو پوليس چوڪي تي ڇاپو، 3 ناحق باندي بازياب

ٺل(رپورٽر)ٺل لڳ ريڊ ڪمشنر پوليس چوڪي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل 3 ڄڻا بازياب ڪرائي ورتا سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر عزيز الله جمالي ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي اوڍاڻو پوليس چوڪي تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران پوليس چوڪي ۾ واڙيل ناحق باندي بڻيل ٽن ڄڻن غلام فريد گولو علي بخش انڙ ۽ محمد اسحاق گولو کي بازياب ڪرائي ورتو ،ڇاپي دوران ٽنهي ڄڻن کي هٿڪڙيون لڳل هيون ،جنهن بعد رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته ٽنهي ڄڻن جي ڪابه انٽري ٿيل نه هئي ڇاپي بعد ريڊ ڪمشنر عزيز الله جمالي پاران ايس ايڇ او اي سيڪشن ٺل کي سڀاڻي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو ،ناحق باندي بڻيل ٽنهي ڄڻن ٻڌايو ته اسانکي ناحق گرفتار ڪري پوليس چوڪي اوڍاڻي تي هٿڪڙيون هڻي ڪري ويهاريو ويو جڏهن ته اسان مٿان تشدد پڻ ڪيو هنن چيو ته اسان نٿان ڪوبه ڪيس داخل ٿيل ناهي پر پوليس ٻه لک روپيا رشوت طلب ڪري رهي هئي.

ججن ۽ جنرلن جو احتساب ڇو نٿو ٿئي؟ جي آءِ ٽي جهڙي ڪوڙي رپورٽ ڪڏهن ناهي ڏٺي: بلاول ڀٽو

عليمه خان ۽ جهانگير ترين کي اين آر او ڇو مليو؟ اسان کي ضرورت ناھي: پ پ چيئرمين

مراد علي شاهه جهڙو بهترين وڏو وزير ڪنهن به صوبي ۾ ناهي، مٿس سئو سيڪڙو اعتماد آهي
بلاول ڀٽو شھيد ڀٽو جي مزار تي حاضري ڏيندي

گهوٽڪي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اي سي ايل ۾ نالا شامل ٿيڻ واري معاملي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ايس اي ايل ۽ نوٽيسز کان نٿا ڊڄون، اسان نه پر گُجر خان جلد ڀڄي ويندو. گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪٺ پتلي حڪمرانن کان نه ڀڄنداسين، اسان ڀڄڻ وارن مان نه آهيون، پر گُجر خان جلد ڀڄي ويندو. هن چيو ته اي سي ايل ۽ نوٽيسز کان نٿا ڊڄون، احتساب ڪرڻو آهي ته سڀني جو ڪرڻ گهرجي، عليم خان ۽ عليمه خان جو به احتساب ڪيو وڃي، ڪير به مقدس ڳئون نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تي مون کي سئو سيڪڙو اعتماد آهي، پيپلز پارٽي ۾ ڪوبه فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، پر ماڻهن جا اجايو دماغ ٺهي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججز ۽ جنرلز جو احتساب ڇو نٿو ٿئي، جي آءِ ٽي جهڙي ڪوڙي رپورٽ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي.

آرمي چيف 22 دهشتگردن جي ڦاھي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف 22 دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 22 خطرناڪ دهشتگردن جي موت جي سزا منظوري ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ پاڪ فوج جي 19 جوانن سميت 176 ماڻهو شهيد ٿيا هئا، 217 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته فوجي عدالت ۾ ٻن جوابدارن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ازاد ڪيويو، آرمي چيف 15 وڌيڪ سزا مليل دهشتگردن کي جيل موڪلڻ جي به منظوري آهي.

مني لانڊرنگ مامرو: انصاري شگر ملز جي چوڪيدار جي پٽ جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل

بدين(رپورٽ: حميد سومرو) مني لانڊرنگ مامري ۾ اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 ڄڻن واري لسٽ ۾ انصاري شگر ملز ماتلي جي چوڪيدار سلطان آرائين جي پٽ شاهد آرائين جو نالو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. تلهار جي وارڊ 5 جو رهندڙ شاهد آرائين ڪيترن ڏينهن کان گم آهي.

”ذهني دٻاءُ“ دادو ۾ نڪاح دوران گهوٽ بيهوش ٿي ويو، ڪنوار ۽ مائٽ پريشان

ڳوٺ ڪالو خان لُنڊ ۾ گھوٽ جو اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد ٻيھر نڪاح ڪرايو ويو

بيھوش ٿي ويل گهوٽ توڪ علي لنڊ

دادو( ن پ ا ) دادو ويجهو شادي جي رات گهوٽ ذهني دٻاءُ سبب بيهوش ٿي ويو، کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
ڳوٺ ڪالو خان لنڊ ۾ پنهنجي شادي ڪاڄ ۾ رات گهوٽ توڪ علي لنڊ هلندڙ نڪاح دوران نيم بيهوش ٿي ويو، کيس فوري طور تي سول اسپتال آندو ويو، گهوٽ جي بيهوش ٿي وڃڻ سبب ڪاڄ ۾ موجود سمورا ماڻهو پريشان ٿي ويا.
گهوٽ کي طبي امداد بعد واپس ڳوٺ آڻي سندن نڪاح پڙهايو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ذهني دٻاءُ سبب گهوٽ بيهوش ٿي ويو، ساڻس ڪو وڏو مسئلو نه آهي.

قائد آباد مان لاڙڪاڻي واسي مبينا ڏوهاري بابر شيخ گرفتار

خُلد آباد ۾ ڪارروائي ڪئي ته هٿياربندن ۽ اهلڪارن وچ ۾ مقابلو ٿيو: پوليس

سنگين ڏوهن ۾ ملوث بابر شيخ گرفتار، پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون آهن: پوليس
لاڙڪاڻي واسي بابر شيخ گرفتار

ملير (رپورٽر) قائد آباد پوليس ڪارروائي ڪندي لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. قائد آباد جي علائقي خُلد آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور سنگين ڏوهن ۾ گهربل ڏوهاري بابر عرف بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خلد آباد جي يار محمد ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو. پوليس موجب مقابلي دوران ڏوهاري بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وٽانئس هڪ پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون ويون آهن.

ميهڙ ۾ 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واپاري جي معاملي ڊرامائي رُخ اختيار ڪري ورتو

اغوا ٿيل واپاري پاڻمرادو ميهڙ ٿاڻي تي پهچي ويو، پوليس سندس بازيابي يا گرفتاري ظاهر نه ڪئي: ذريعا

معاملو ڌُرين ۾ تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو (ايس ايس پي دادو)پوليس آگاهه نه ڪيو آهي: واپاري جا وارث

ميهڙ( ن پ ا) 5 ڏينهن کان اغوا ڄاڻايل واپاري ضمير ڏيرو کي ميهڙ پوليس حوالي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پر پوليس اڃا به سندس گرفتاري ظاهر نه ڪئي.
پوليس جي ذريعن موجب واپاري کي کنڀي گم ڪندڙ وارثن جي احتجاج سبب کيس ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇڏي ويا، پر پوليس اڃا تائين سندس گرفتاري ظاهر نه ڪئي.
رابطو ڪرڻ تي ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس معاملي تي ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان واپاري ضمير ڏيرو جاوارث سراپا احتجاج هئا.
ساڳي ٿاڻي تي واپاري ضمير ڏيرو خلاف هڪ ٻئي واپاري روشن شيخ فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو هو.

شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو فيصلو، ملير ۾ ايس ايڇ او جي حمايت ۽ مخالفت ۾ مظاھرا

ملير بار جي سڏ تي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو خلاف احتجاج، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ايس ايس پي ملير طرفان ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو فيصلو، اڄ وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويندو: ذريعا

ملير (رپورٽر) ملير بار جي وڪيلن ۽ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي پوليس وچ ۾ ڪوڙن ڪيسز تان پيدا ٿيل تڪرار نه نبري سگهيو. ملير پريس ڪلب آڏو ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون نيڪ محمد کوسو جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. نيشنل هاءِ وي تي ٿيل مظاهري دوران شاهه لطيف ٽائون واسي گلزار جسڪاڻي، اسرار احمد، زرينا بيگم ۽ ٻين ايس اڇي او نيڪ محمد کوسو جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. ٻئي پاسي ملير بار طرفان سينيئر وڪيل سڪندر شر تي شراب نوشي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ خلاف اڄ به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. وڪيل سڪندر شر ايس ايڇ شاهه لطيف ٽائون کي معطل نه ڪرڻ جي صورت ۾ بُک هڙتال ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب ايس ايس پي ملير ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، پر ان حوالي سان باضابطا طور ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ايس ايس پي ملير طرفان ملير بار جي عهديدارن سان ڳالهين دوران ايس ايڇ او کي هٽائڻ بابت آگاهه ڪيو ويندو.

خيرپور: 15 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل پرڻيل ناري بازياب

15 ڏينهن اڳ چار هٿياربند ناري کي اغوا ڪري ويا هئا: پوليس

خيرپور ) ن پ ا ) پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل پرڻيل ناري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب 15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار هٿياربند پرڻيل ناري مسمات بختيار پٺاڻ کي اغوا ڪري ويا هئا، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته شهر جي ڦول باغ وٽان کيس بازياب ڪرايو ويو آهي.
اغوا بعد بازياب ٿيل عورت جي ڀاءُ اظهر حسين ڪلهوڙو جي فرياد تي 15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن پوليس اغوا جو ڪيس چئن داخل ڪيو هو، جنهن ۾ جوابدارن سعيد بروهي، وسيم بروهي، حق نواز ڪلهوڙو ۽ محمد نواز ڪلهوڙو کي نامزد ڪيو ويو هو

سرڪاري بئنڪن جي سربراهن سوڌو موجوده ۽ اڳوڻن ڪامورن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا

جهانگير يوسف، اختر احمد، نديم الياس، نثار شيخ، ثاقب سومرو ۽ سهيل راجپوت جا نالا شامل

آغا واصف، احسن طارق، بلال شيخ، حسن رضا عباسي ۽ خورشيد جمالي نالا فهرست ۾ شامل

اسلام آباد (رپورٽر) مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ سُپريم ڪورٽ طرفان جُڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ آڌار وفاقي سرڪار طرفان اي سي ايل ۾ شامل ڪيل نالن جي فهرست سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪامورن جا نالا به شامل آهن. توانائي شعبي جي سيڪريٽري آغا واصف، سنڌ بئنڪ جي صدر احسن طارق، ايس اي سي پي جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، سنڌ بئنڪ جو صدر محمد بلال شيخ ۽ ايس ٽي ڊي سي جي سي اي او حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اُن کانسواءِ ايم اي ڪسلنٽنٽ جي سي اي او خورشيد جمالي ۽ پروڪيورڪميٽي جي ميمبر مقصود نقوي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا. نيشنل بينڪ جي هيڊ ڪارپوريٽيڊ مسعود ڪريم شيخ، سنڌ بينڪ جي مينيجر ثروت عظيم، ، اوسز ڊرلنگ ڪارپوريشن جو محمد جهانگير يوسف، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر محمد اختر احمد، سنڌ بئنڪ جو گروپ هيڊ ڪريڊٽ نعيم الطاف ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو سربراهه نديم انور الياس، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس نثار احمد شيخ، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومرو، ، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت، نيشنل بئنڪ جو صدر سيد علي رضا، ايس ٽي ڊي سي ڊائريڪٽر سيد شاهنواز نادر، سيڪريٽري انڊسٽريز سيد ضمير حيدر، ايس اي سي پي جو وقت چيئرمين طاهر محمود ۽ ايم بي سي اينڊ سنز جو طارق عزيز چنا جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.

عمران کي مڙهڻو ئي هو ته کيس حڪومت ڪرڻ سيکاريو وڃي ها

پي ٽي آءِ کان حڪومت نه هلندي، اهو ئي ڪندا، جيڪو ڪري رهيا آهن: وڏو وزير

گهوٽڪي ( ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي عوام سان دشمني ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن عمران خان کي مڙهڻو هو ته کيس حڪومت ڪرڻ به سيکاريو وڃي ها.
خانڳڙهه ۾ پارٽي جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان سميت وفاقي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻايو، وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت سئو ڏينهن يا جيترا به ڏينهن رهي، انهن کان ڪجهه به نه ٿيندو، اهي حڪومت نه ٿا ڪري سگهن، اهو ئي ڪري سگهن ٿا، جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار ٻن ٽن مهينن ۾ پنهنجو ڪم ظاهر ڪري ڇڏيو، عمران خان کي ملڪ تي مڙهڻو هو ته کيس حڪومت ڪرڻ به سيکاريو ها، کيس پنهنجي گهرواري ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي ۽ پيرڻي کي چئو ته عمران کي ٻڌائي ته حڪومت ڪيئن ٿيندي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي عوام سان دشمني ڪئي پئي وڃي، رڳو پيپلزپارٽي ئي عوام جي خدمت ڪندي.

”ڪنهن کان به نٿا ڊڄون“ آصف زرداري جو اي سي ايل ۾ نالا شامل ٿيڻ تي ردعمل

بات نڪلي گي تو بهت دور تڪ جائيگي، اسلام آباد ۾ انڌا، ٻوڙا ۽ گوندا رهن ٿا: اڳوڻو صدر

عوام ۽ عوام جي قيادت کي ڊيڄاري نٿو سگهجي، ڪنهن کان به ڊڄڻ جي ضرورت ناهي: خانڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب

خانڳڙهه (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف زرداري اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ تي ردعمل طاهر ڪندي چيو آهي ته اسان کي ڊچڻ جي ضرورت نه آهي. خانڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته بات نڪلي گي تو بهت دور تڪ جائيگي. اردو ۾ خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اردو ۾ اِن ڪري ڳالهائي رهيو آهي ته جيئن اسلام آباد جا انڌا، ٻوڙا ۽ گوندا ماڻهو رهندا آهن. اسان چونڊون کٽي ڏٺو آهي ۽ اپوزيشن ۾ به رهي ڏٺو آهي. عوام خوشحال ٿيندو آهي ته ملڪ ترقي ڪندو آهي. منهنجون ڪوئلي جون کاڻيون نه آهن، پر عوام کي ڪوئلي مان لاڀ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪنهن به شئي کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي، اهي ڌُريون عوام ۽ عوام جي قيادت کي ڊيڄاري نٿيون سگهن.