نوشهروفيروز( رپورٽ:زاهد راڄپر)مورو ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول احمد آباد کي پنهنجي مدد تحت پاڻ اسڪول جون ماسترياڻيون هلائي رهيون آهن جڏهن ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ساڳئي ئي نالي تي قائم بوائز اسڪول کي عمارت به آهي پر چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي عدم دلچسپيءَ سبب گرلس اسڪول عمارت سميت سمورين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. اسڪول کي هلائڻ لاءِ اسڪول ۾ مقرر 8 ماسترياڻين پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڙي ۾ 6 هزار روپيا مسواڙ تي عمارت ورتي آهي پر ان ۾ سهولتن جي کوٽ آهي. اسڪول ۾ علائقي جون 150 نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. پر انهن کي ويهڻ لاءِ فرنيچر نه آهي. جڏهن ته اسڪول ۾ واش روم به نه آهي. ماسترياڻين پنهنجي خرچ سان بليڪ بورڊ ۽ پکا هڻايا آهن ۽ باقي سامان به پنهنجي مدد پاڻ تحت خريد ڪري اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان نوازينديون رهن ٿيون. علائقي واسي سڪندر جروار ٻڌايو ته علائقي وارن چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي اسڪول بابت لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير به نياڻين جي اسڪول ڏانهن توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ايس نسيم ميمڻ ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون آهن پر ڪٿان به ڪا موٽ نه ٿي ملي. هن چيو ته بنا فرنيچر ۽ سهولتن جي اسڪول هلائڻ ڏکيو ڪم آهي پر نياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ نه ڏني آهي. تعلقه ايجوڪيشن آفيسر گرلس مورو عبيد عباسي ٻڌايو ته واقعي گرلس اسڪول احمد آباد ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. ذاتي ڪوششون وٺي نياڻين جي ويهڻ لاءِ مان بئنچون هٿ ڪري ڏيندس جڏهن ته اسڪول کي بوائز اسڪول جي عمارت ۾ شام واري شفٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون وٺندس ڇاڪاڻ ته ٻئي اسڪول ۾ منتقل ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ ناهي. ان ڪري درخواست ڊي او ڏانهن موڪلبي جيڪو اسڪول جي منتقلي جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.
مورو جون ماسترياڻيون مثال، احمدآباد گرلس اسڪول هلائڻ لاءِ کيسي مان خرچ ڪن ٿيون
150 نياڻين جي اسڪول لاءِ سرڪاري عمارت نه ملي، ماسترياڻين عمارت ڀاڙي تي ورتي
پکا به پاڻ لڳرائي ڇڏيا، تعليم کاتي جي عملدارن جي سهولتون نه هجڻ جي تصديق، فراهمي لاءِ بهانا
نادر مگسي سنڌ جو سڀ کان وڏو زميندار پارليامينٽيرين، نوشهري جو مراد شاهه ٻئي نمبر تي
سردار خان چانڊيو ٽئين، ملڪ اسد چوٿين، شبير بجاراڻي پنجين، تيمور ٽالپور ڇهين، محمد علي ملڪاڻي ستين، معظم عباسي اٺين نمبر تي
مخدوم رفيق الزمان نائين، شرجيل ميمڻ ڏهين، نور احمد ڀرڳڙي يارهين، اويس شاھ ٻارهين ۽ وريام فقير تيرهين نمبر تي وڏا زميندار بڻجي ويا

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مان سڀ کان وڌيڪ 5 هزار 7 سئو 10 ايڪڙ زرعي زمين رکڻ سبب مير نادر مگسي وڏي ۾ وڏو زميندار طور سامهون آيو آهي جڏهن ته ٻئي نمبر تي گهڻي زرعي زمين 3 هزار 3 سئو چار ايڪڙ نوشهري فيروز مان چونڊيل ايم پي اي سيد مراد علي شاھ وٽ آهي. اهڙيءَ ريت ترتيبوار نواب سردار خان چانڊيو ٽئين، ملڪ اسد سڪند چوٿين، مير شبير بجاراڻي پنجين، نواب تيمور ٽالپور ڇهين، محمد علي ملڪاڻي ستين، معظم عباسي اٺين، مخدوم رفيق الزمان نائين، شرجيل انعام ميمڻ ڏهين، نور احمد ڀرڳڙي يارهين، اويس شاھ ٻارهين ۽ وريام فقير تيرهين نمبر تي سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن ۾ چوٽيءَ جا زميندار اڀري سامهون آيا آهن. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مان سڀ کان گھٽ 2 ايڪڙ زرعي زمين سهيل انور سيال وٽ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن جي اثاثن جا لکت ۾ “پنهنجي اخبار” وٽ دستاويزن موجب سکر مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد ناصر حسين شاھ وٽ 223 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن ۾ 167 ايڪڙ زمين سندس نالي جڏهن ته 40 ايڪڙ زمين سندس گھرواري ۽ 6 ايڪڙ زمين سندس پٽ جي نالي آهي. سيد ناصر حسين شاھ پنهنجي زرعي زمين جي موجوده قيمت اثاثن ۾ نه ڄاڻائي آهي. اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاھ جي ڀائٽي ۽ نياڻي صوبائي وزير سيد اويس شاھ 551 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جنهن جي ڪل قيمت 62 لک 70 هزار روپيا ڄاڻائي وئي آهي. سکر مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ڄام اڪرام الله خان خانداني ورثي ۾ مليل 91 ايڪڙ زرعي زمين جڏهن ته گھوٽڪيءَ ۾ 11 لک ماليت جي زرعي زمين جو مالڪ آهي. ڄام اڪرام الله گھوٽڪيءَ ۾ ڪيتري ايراضي تي ٻڌل زرعي زمين جو مالڪ آهي ان جا تفصيل ظاهر نه ڪيا آهن. سيد خورشيد شاھ جو پٽ ايم پي اي سيد فرخ احمد شاھ 50 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جنهن جي ڪل پراڻي قيمت 7 لک 50 هزار آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر علي گوهر خان مهر وٽ 380 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل قيمت 1ڪروڙ 71 لک ڄاڻائي وئي آهي. علي گوھر مهر جي پنهنجي نالي تي 303 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت 1 ڪروڙ 66 لک جڏهن ته سندس گھرواري جي نالي تي 77 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت 5 لک روپيا ڄاڻائي وئي آهي. سنڌ اسيمبلي جو ميمبر علي نواز خان مهر 19 ڪروڙ 31 لک 12 هزار 212 روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي ۽ وٽس ڪيتري زرعي زمين آهي اثاثن ۾ ظاهر ڪونه ڪيا آهن. گھوٽڪي مان چونڊيل ايم پي اي عبدالباري پتافي 202 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جنهن جي ڪل ماليت 34 لک 34 هزار ڄاڻائي وئي آهي. ايم پي اي آغا سراج دراني وٽ ڪل ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ماليت 72 لک 20 هزار روپيا آهي. ساڳئي ئي ضلعي شڪارپور مان چونڊيل ايم پي اي شهريار خان مهر 112 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جنهن جي ڪل ماليت 87 لک 79 هزار ڄاڻائي وئي. امتياز احمد شيخ وٽ 143 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت 15 لک 25 هزار ڄاڻائي وئي آهي. امتياز شيخ خيرپور ضلعي جي گمبٽ تعلقي جي ڪچي واري علائقي راضي ديري ۾ 132 ايڪڙ زمين جي خريد قيمت 14 لک جڏهن ته لکي تعلقي ۾ 11 ايڪڙ زمين جي قيمت 1 لک 25 هزار ڄاڻائي آهي. لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم پي اي فريال ٽالپور وٽ 320 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت 3 ڪروڙ 9 لک آهي. سهيل انور سيال پنهنجي زرعي زمين 2 ايڪڙ ظاهر ڪئي آهي جنهن جي قيمت 55 هزار آهي. لاڙڪاڻي مان چونڊيل ٻئي ايم پي اي معظم عباسي وٽ 683 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت نه ڄاڻائي وئي آهي. ايم پي اي حذب الله ٻگھيي وٽ 303 ايڪڙ زرعي زمين آهي. قمبر شهدادڪوٽ مان صوبائي اسيمبلي جي ميمبر گنهور علي خان اسراڻ 204 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جنهن جي هن قيمت ناهي ڄاڻائي. ايم پي اي مير نادر علي مگسي پنهنجي، گهرواري ۽ اولاد جي نالي ڪل زرعي زمين 5 هزار 710 ايڪڙ ڄاڻائي آهي جنهن ۾ 4 هزار 599 ايڪڙ زرعي زمين بلوچستان ۾ جڏهن ته گھرواري ۽ ڌيءَ جي نالي تي ديھ شهدادڪوٽ ۾ 229 ايڪڙ، قبي سعيد خان ۾ ڌيءَ ۽ گھرواري نالي 270 ايڪڙ جڏهن ته جاتي ۽ سجاول ۾ گھرواري ۽ ڌيءَ جي نالي تي 612 ايڪڙ زمين شامل آهي. نادر مگسي مٿي ڄاڻايل ڪل زرعي زمين سميت زرعي مشينري جي ماليت 2 ڪروڙ 47 لک 52 هزار روپيا ڄاڻائي آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نواب سردار خان چانڊيو 1 هزار 482 ايڪڙ زرعي زمين ڄاڻائي آهي. هن زرعي زمين سميت غير متحرڪ اثاثن جنهن ۾ گھر ۽ پلاٽ به شامل آهن ڪل ماليت 12 ڪروڙ 54 لک 26 هزار 800 روپيا ڄاڻائي آهي. ايم پي اي برهان خان چانڊيي وٽ 349 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي هن ماليت ناهي ڄاڻائي. جيڪب آباد مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ممتاز حسين جکراڻي پنهنجي ڪل زرعي زمين 134 ايڪڙ ڄاڻائي آهي. جڏهن ته ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪيءَ وٽ 135 ايڪڙ زمين آهي. ايم پي اي اسلم ابڙي پنهنجي اثاثن ۾ غيرآباد زمين جو پاڻ کي مالڪ ظاهر ڪيو آهي پر ان جي ايراضي نه ڄاڻائي آهي. ڪشمور مان چونڊيل ايم پي اي سردار غلام عابد خان سندراڻي ڪل 329 ايڪڙ زرعي زمين پنهنجي ملڪيت ۾ ظاهر ڪئي آهي جنهن جي قيمت هن نه ڄاڻائي آهي. حاجي عبدالرئوف کوسو پنهنجي ملڪيت ۾ 161 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. مير شبير علي بجاراڻي پنهنجي، پنهجي گھرواري ۽ اولاد نالي اثاثن ۾ ڪل 882ايڪڙ زرعي زمين ڄاڻائي آهي. شبير بجاراڻي زرعي زمين، گھر ۽ پلاٽن جي مجوعي قيمت 2 ڪروڙ 80 لک ڄاڻائي آهي. نوشهري مان چونڊيل ايم پي اي مراد علي شاھ پنهنجي ۽ پنهنجي گھرڀاتين جي نالي تي ڪل 3 هزار 387 ايڪڙ زمين ظاهر ڪئي آهي. سيد سرفراز حسين شاھ وٽ 317 ايڪڙ زمين آهي. عارف مصطفي جتوئي پنهنجي زرعي زمين 78 ايڪڙ ڄاڻائي آهي. نواب شاھ مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عذرا فضل پيچوهو 263 ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين جي مالڪ آهي. ايم پي اي طارق مسعود آرائين وٽ 116 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت 15 لک 70 هزار ڄاڻائي وئي آهي. غلام قادر ڄانڊيي پنهنجي ڪل زرعي زمين 154 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. ايم پي اي خان محمد ڏاهري وٽ 216 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي هن ڪل ماليت 85 لک 88 هزار ڄاڻائي آهي. خيرپور مان سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن مان سيد قائم علي شاھ پنهنجي 65 ايڪڙ زرعي زمين ڄاڻائي آهي. ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ وٽ 116 ايڪڙ زمين آهي. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر نعيم کرل وٽ 187 ايڪڙ زمين آهي. سيد محمد راشد شاھ وٽ 464 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ماليت 5 ڪروڙ ڄاڻائي وئي آهي. صوبائي اسيمبلي جو ميمبر منور وساڻ 300 ايڪڙن جو مالڪ آهي. ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ پنهنجي 126 ايڪڙ زمين ۽ ان جي قيمت 6 ڪروڙ 30 لک ڄاڻائي آهي. جڏهن ته مٽياري ضلعي مان صوبائي اسيمبلي جي ميمبر مخدوم رفيق الزمان وٽ 602 ايڪڙ زرعي زمين آهي. ايم پي اي مخدوم محبوب الزمان پنهنجي زمين جي ايرضي 220 ايڪڙ ظاهر ڪئي آهي. ٽنڊي محمد خان مان چونڊيل ايم پي اي عبدالڪريم سومرو 52 ايڪڙ زمين جو مالڪ نڪتو. ساڳئي ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ايم پي اي اعجاز حسين شاھ وٽ 65 ايڪڙ زرعي زمين آهي. بدين مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر مير الله بخش ٽالپور اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجي زمين 236 ايڪڙ ظاهر ڪئي آهي جنهن جي هن 5 ڪروڙ روپيا ماليت ظاهر ڪئي وئي. ايم پي اي بشير احمد هاليپوٽو وٽ 212 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ماليت 2 ڪروڙ ڏيکاري آهي. حسنين مرزا 492 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جنهن 2 ڪروڙ 3 لک 50 هزار روپيا ڄاڻائي وئي آهي. ايم پي اي اسماعيل راهو پنهنجي زمين پنهنجي ۽ اولاد نالي ڪل 467 ايڪڙ ظاهر ڪئي آهي. بدين مان چونڊيل ايم پي اي تاج محمد ملاح وٽ 143 ايڪڙ زمين آهي. دادو مان چونڊيل ايم پي اي پير مجيب الحق وٽ صرف 65 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي قيمت 14 لک روپيا آهي. سيد غلام شاھ جيلاني 202 ايڪڙ زمين جو مالڪ نڪتو جنهن جي قيمت 22 لک 50 هزار آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عبدالعزيز جوڻيجي وٽ 374 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ڪل پراڻي ماليت 17 لک 3 هزار 250 روپيا آهي. فياض ٻٽ وٽ 54 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ماليت 11 لک 20 هزار روپيا آهي. حيدرآباد جي ايم پي اي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام خان شوري وٽ 262 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي قيمت هن 1 ڪروڙ 20 لک ڄاڻائي آهي. شرجيل انعام ميمڻ 553 ايڪڙ زرعي زمين اثاثن ۾ ڄاڻائي آهي جنهن مان 83 ايڪڙ زرعي زمين پنهنجي جڏهن ته 470 ايڪڙ زمين ليز تي ورتل ڄاڻائي آهي. ٽندڊي الهيار مان چونڊيل سنڌ اسييمبلي جي ميمبر ضياءَ عباس وٽ مجموعي طور تي 1 هزار 82 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت 1 ڪروڙ 73 لک ڄاڻائي وئي آهي. سيد ضياءَ عباس جي پنهنجي نالي 197 ايڪڙ، سندس گھرواري جي نالي 171 ايڪڙ سندس پٽ محمد حسن شاھ جي نالي 191 ايڪڙ سندس پٽ شاهنواز شاھ جي نالي 183 ايڪڙ ۽ سندس پٽ ثمر حسن شاه جي نالي 177 ايڪڙ، سندس پٽ نادر حسن شاھ جي نالي 163 ايڪڙ زمين آهي. ساڳئي ضلعي ٽنڊي الهيار مان چونڊيل ايم پي اي امداد علي پتافي وٽ 17 ايڪڙ زرعي زمين آهي. ڄامشوري مان سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر وٽ 1 هزار ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن مان 604 ايڪڙ سندس نالي آهي جنهن جي ڪل ماليت 3 ڪروڙ 65 لک آهي جڏهن ته سندس گھرواري ۽ اولاد جي نالي 396 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ماليت 1 ڪروڙ 24 لک آهي. ڄامشوري مان چونڊيل ايم پي اي گيانومل وٽ 37 ايڪڙ زمين آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وٽ 466 ايڪڙ زرعي زمين آهي. سانگھڙ جي ايم پي اي وريام فقير وٽ 524 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي قيمت 78 لک روپيا ڄاڻائي وئي آهي. سانگھڙ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام مدد علي پنهنجي، گھرواري ۽ اولاد نالي 454 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي. فراز ڏيري وٽ 112 ايڪڙ، شاهد ٿهيم پنهنجي 215 ايڪڙ زمين پنهنجن اثاثن ۾ ڄاڻائي آهي. ايم پي اي علي غلام 174 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. چونڊيل ايم پي اي شمس الدين وٽ 355 ايڪر زرعي زمين آهي. ميرپور خاص ضلعي مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر هري رام وٽ 139 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ماليت 1 ڪروڙ 29 لک ڄاڻائي وئي آهي. ساڳئي ضلعي مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر نور احمد ڀرڳڙي وٽ پنهنجي ۽ سندس گھرواري نالي 575 ايڪڙ زرعي زمين آهي. ايم پي اي طارق علي وٽ 149 ايڪڙ زرعي زمين ۽ ذولفقار علي شاھ وٽ 152 ايڪڙ زرعي زمين آهي. ٿرپارڪر ضلعي مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عبدالرزاق راهمون والد جي 3 ايڪڙ زمين ۾ پاڻ کي حصيدار ڄاڻايو آهي. ارباب لطف الله وٽ 301 ايڪڙ، فقير شير محمد بلالاڻي وٽ 180 ايڪڙ ۽ محمد قاسم سومري وٽ 189 ايڪڙ زرعي زمين آهي. عمرڪوٽ ضلعي مان چونڊيل ايم پي اي نواب تيمور ٽالپور وٽ پنهنجي ۽ اولاد جي نالي 812 ايڪڙ زرعي زمين آهي. سيد سردار علي شاھ وٽ 174 ايڪڙ ۽ سيد علي مردان شاھ وٽ 162 ايڪڙ زرعي زمين آهي. ٺٽي مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جو ميمبر علي حسن زرداري 412 ايڪڙ زرعي زمين آهي. ڄام اويس بجار خان جوکيو وٽ 186 ايڪڙ ۽ ساڳئي ضلعي مان چونڊيل ايم پي اي رياض حسين شاھ شيرازي 377 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي. سجاول مان سنڌ اسيمبلي جي ميمبر محمد علي ملڪاڻي وٽ پنهنجي ۽ گھر ڀاتين نالي 717 ايڪڙ زرعي زمين آهي. ايم پي اي شاھ حسين شاھ 309 ايڪڙ زرعي زمين ڄاڻائي آهي. ڪراچي مان چونڊيل ايم پي اي سعيد غني کي ميرپور ساڪرو ۾ 122 ايڪڙ زرعي زمين آهي.
سائره بانو 50، نزهت پٺاڻ 20 ۽ مهرين ڀٽو 15 ايڪڙن جون مالڪياڻيون
سسئي پليجو 300، اسلام شيخ 171، سڪندر منڌرو 221 ايڪڙن جو زميندار
شيري رحمان ڀٽ شاهه ۾ 3 ايڪڙ زمين جي مالڪياڻي
اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي آيل سائره بانو وٽ 50 ايڪڙ، پي ٽي آءِ جي ايم اين اي نزهت پـٺاڻ وٽ 20 لک ماليت جي زرعي زمين آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر مهرين ڀٽو وٽ 15 ايڪڙ، مسرت رفيق مهيسر وٽ 10 ايڪڙ زمين آهي، سينيٽ جي چونڊيل ميمبر شيري رحمان پنهنجي ڀٽ شاھ ويجھو 3 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. سينيٽر سسئي پليجو وٽ 300 ايڪڙ زرعي زمين آهي. سينيٽر اسلام الدين شيخ وٽ 171 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت 4 ڪروڙ 86 لک 57 هزار 6 سئو 44 روپيا ڄاڻائي آهي. بدين سان واسطو رکندڙ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو وٽ 221 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ماليت 45 لک روپيا ڄاڻائي وئي.. سينيٽر سيد مظفر حسين شاھ وٽ ڪل 478 ايڪڙ زمين آهي جنهن مان 252 ايڪڙ سندس نالي ۽ 216 ايڪڙ زرعي زمين سندس گھرواري جي نالي تي آهي، لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ايم اين اي حزب الله ٻگھيي 303 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي جنهن جي ڪل قيمت ناهي ڄاڻائي وئي. نوشهري فيروز مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر غلام مرتضي خان جتوئي پنهنجي، گهرواري ۽ اولاد نالي ڪل زمين 675 ايڪڙ زمين ۽ ان جي ڪل پراڻي ماليت 81 لک 56 هزار ڄاڻائي آهي. خيرپور مان چونڊيل اڳوڻي ايم اين اي نواب وساڻ وٽ 15 ايڪڙ زمين آهي ۽ اڳوڻي ايم اين اي پير صدرالدين شاھ 358 ايڪڙ زمين ۽ اڳوڻي ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاھ 201 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. بدين مان چونڊيل اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبرڪمال چانگ وٽ 930 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي هن 20 ڪروڙ 90 هزار روپيا ماليت ڄاڻائي آهي، مهر برادريءَ جي سردار اڳوڻي ايم پي اي سردار محمد بخش خان مهر وٽ ڪل زرعي زمين 153 ايڪڙ آهي جنهن جي ڪل قيمت 3 ڪروڙ 2 لک 40 هزار روپيا ڄاڻائي وئي آهي. صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر غلام مجتبي اسراڻ 152 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جنهن جي هن قيمت ناهي ڄاڻائي. اڳوڻي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ پنهنجي 485 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي. سانگھڙ مان چونڊيل اڳوڻي ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي پنهنجي ۽ اولاد نالي 204 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام الرحيم 181 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي، اسلام آباد: سنڌ جي گھوٽڪي ضلعي ۾ وڏي ۾ وڏا آبادگار تصور ٿيندڙ سردار محمد بخش خان مهر، علي محمد خان مهر، علي نواز خان مهر جي پنهنجن نالن تي ظاهر ڪيل زرعي زمين تحت انهن مهر سردارن کان ذاتي نالي تي خالد لنڊ وٽ وڌيڪ زرعي زمين آهي. ان حساب سان گھوٽڪي ضلعي ۾ ذاتي نالي تي وڌ ۾ وڌ زمين رکندڙ خالد لنڊ آهي. جڏهن ته نوشهري فيروز ۾ مرتضي خان جتوئي پاران ظاهر ڪيل زرعي زمين کان وڌيڪ نوشهري فيروز سيد مراد علي شاھ وٽ وڌيڪ زمين آهي. اهڙي ريت خيرپور ضلعي ۾ ڪيتين جا مالڪ تصور ٿيندڙ نعيم کرل، راشد شاھ، صدر الدين شاھ جي نالي ظاهر ڪيل زمين کان منظور وساڻ وٽ وڌيڪ زرعي زمين آهي.
ٺل جي فضيلا سرڪي جي بازيابي خواب، والدين جو 10 سالن کان احتجاج، پوليس جا وڏا آفيسر به ناڪام
ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر جاچ ڪري چڪا، اڳڀرائي نه ٿي، والدين اڃا منتظر
نياڻي جي واپسي ۾ سردار رنڊڪ آهن، کين گرفتار ڪرڻ سان ملي ويندي: والدين

ٺل(رپورٽ: مير ڀٽي) ٺل ويجهو ڳڙهي حسن مان اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي جي اغوا کي 11 سال گذرڻ وارا هجڻ باوجود فضيلا سرڪي جي بازيابي هڪ خواب بڻجي ويئي آهي فضيلا سرڪي جي وارثن 10 سالن کان وڌيڪ عرصو هن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو انهي ڪيس جي جاچ سٺي ساک رکندڙ پوليس عملدار ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي، اي ڊي خواجا سميت ٻين ڪئي ڪيترائي ڀيرا مختلف علائقن ۾ هن جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيا ويا فريادي پاران ڌاڙيل ٻڍي سرڪي سميت ٻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو سپريم ڪورٽ انهي ڪيس جي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڪيس هلايو پوليس عملدار کي گهرائي فضيلا کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر پوءِ به فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي جي موجود هجڻ تي گهوٽڪي ۾ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ ٻار سميت ٽي ڄڻا پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويا پر پوءِ به فضيلا بازياب نه ٿي سگهي شڪار پور شهر ۾ به فضيلا جي ڏس تي ڪاروائي ڪري هڪ ناري کي هٿ ڪيو ويو پر هن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويئي جيڪا هن جي والدين سان نه ملي سگهي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن کان ڀنگ به ورتو ويو پر پوءِ به بازيابن نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي وارثن خاص ڪري هن جي والده سڪينا سنڌ جي وڏن وزيرن جي گاڏين کي روڪي هنن آڏو احتجاج ڪيو احتجاج ڪرڻ تي علائقي جي بااثر ماڻهن فضيلا سرڪي جي وارثن کي ڌمڪايو ۽ ان جي زمين غير آباد ڪرائي ڇڏي هن جي دوڪان کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو، فضيلا سرڪي جي والدين عبدالرزاق سرڪي ۽ سڪينا سرڪي ٻڌايو ته اسان جا قبائلي سردار فضيلا جي بازيابي ۾رڪاوٽ آهن هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي اسان واضع ڪيو هو ته فضيلا ڪيس ۾ گهربل جوابدار قادر بخش سرڪي، ڪريم بخش سرڪي، يعقوب تيغاڻي ۽ ٻين جي سرپرستي قبائلي سردار ڪري رهيا آهن ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جون ضمانتون جنهن ڪرايون انهن کي گرفتار ڪيو ته فضيلا بازياب ٿي ويندي پر هر ڀيري فضيلا سياسي مصلحت جو شڪار ٿي ٿي وڃي ۽ اسان رڙندا رهون ٿا، ٺل: فضيلا جي سرڪي جي بازيابي لاءِ پوري ضلعي جيدڪب آباد جا شهر هڪ ڏينهن لاءِ احتجاج طور بند ڪيا ويا فضيلا سرڪي جي والده قومي اڳواڻن ۽ قوم پرست اڳواڻن وٽ وڃي دانهيو پر هنن به صرف آسرن کان علاوه ڪجهه نه ڪيو.
حڪومت جو يوٽرن، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ تان ڦري وئي

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي حڪومت وزيراعظم هائوس کي پهرئين مرحلي ۾ يونيورسٽي بنائڻ واري ارادي کان هٿ کڻي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم تعليم واري وزير شفقت محمود پاران وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي تعريف ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرئين مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس کي دارالحڪمه بنايو ويندو، جتي انتظامي مامرن، آءِ ٽي، صنعتن ۽ ٻين شعبن بابت تحقيقي ماهر تحقيق ڪري سگھندا. ٻئي مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنايو ويندو. هن اهو به ٻڌايو ته صنعتن سوڌو شعبن کي جديد بنائڻ لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُالرحمان هوندو ۽ ان کي ٽيڪنالاجي ٽاسڪ فورس به چيو ويندو.
سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي مزاحمت ڪنداسين: مراد علي شاهه
ڪراچي (م ڊ) سنڌ جو وڏو وزير نالو اي سي ايل ۾ هجڻ کان بي خبر، مراد علي شاهه چيو آهي ته مونکي پاڻ خبر ناهي ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ آهي يا نه؟، جيڪڏهن منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ چاهن ٿا ته وجهي ڇڏن، سوچن ڇو ٿا، هڪ نجي ٽي وي چينلن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، جي آءِ ٽي ۾ لڳايل الزامن جو ثبوت ڏيڻو پوندو، ڪمند تي سبسڊي جو فيصلو عدالت ڪيو، منهنجي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي وجهڻ چاهين ٿا ته ڀلي وڌي وڃي، آئون گذريل 6 مهينن ۾ رڳو هڪ ڀيرو پرڏيهي دورو ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن گورنر راڄ جي ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪنداسين، وڏي وزير کان سوال ڪيو ويو ته گورنر راڄ جي ڪنهن ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟ جنهن تي هن چيو ته صوبن کان خودمختياري کسڻ جو مقصد ڇا آهي؟.
سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز جي ورسي اڄ ڀٽ شاھھ ۾ ملھائي ويندي

ڀٽ شاهه (ن پ ا) سنڌ جي مھا ڪوي شيخ اياز جي 21 ھين ورسي اڄ ڀٽ شاھھ ملهائي ويندي. جنهن لاءِ شيخ اياز يادگار ڪاميٽي تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
يادگار ڪاميٽي شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي تقريب ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪندي، ان موقعي تي اديب ، دانشور، شاعر ، صحافي، سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ ثقافت کاتي جا عملدار پڻ شرڪت ڪري مزارتي گلن جي چادر چاڙهيندا.
ورسي جي موقعي تي راڳ رنگ جي محفل جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾مقامي فنڪار ڀٽائي گھوٽ ۽ شيخ اياز جي شاعري سان فن جو مظاهرو ڪندا.
سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مزاحمت ڪنداسين: مراد علي شاهه
گورنر راڄ جي مزاحمت ڪبي، خبر ناهي ته نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي يا نه؟:مراد علي شاهه
ڪراچي (م ڊ) سنڌ جو وڏو وزير نالو اي سي ايل ۾ هجڻ کان بي خبر، مراد علي شاهه چيو آهي ته مونکي پاڻ خبر ناهي ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ آهي يا نه؟، جيڪڏهن منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ چاهن ٿا ته وجهي ڇڏن، سوچن ڇو ٿا، هڪ نجي ٽي وي چينلن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، جي آءِ ٽي ۾ لڳايل الزامن جو ثبوت ڏيڻو پوندو، ڪمند تي سبسڊي جو فيصلو عدالت ڪيو، منهنجي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي وجهڻ چاهين ٿا ته ڀلي وڌي وڃي، آئون گذريل 6 مهينن ۾ رڳو هڪ ڀيرو پرڏيهي دورو ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن گورنر راڄ جي ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪنداسين، وڏي وزير کان سوال ڪيو ويو ته گورنر راڄ جي ڪنهن ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟ جنهن تي هن چيو ته صوبن کان خودمختياري کسڻ جو مقصد ڇا آهي؟.
حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ نيب قانون ۾ ترميمن تي اتفاق
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نيب قانون ۾ اهم ترميمن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن بعد قانون واري وزارت نيب قانون ۾ ترميم لاءِ ابتدائي قانوني مسودي جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي. قانون واري وزارت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته تيار ڪيل ترميمي مسودي ۾ نيب چيئرمين جا پلي بارگيننگ ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري وارا اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. نيب قانون ۾ ترميم ڪري پلي بارگيننگ جا اختيار نيب چيئرمين کان واپس وٺي احتساب عدالت کي ڏيئي ۽ پلي بارگيننگ کي سزا جي زمري ۾ آڻڻ جي ترميم تجويز ڪئي وئي آهي. جڏهن ته احتساب عدالت کي جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جا اختيار ڏيئي، نيب رمانڊ جي 90 ڏينهن واري مدي کي گھٽ ڪري 14 ڏينهن ڪرڻ، ريفرنس داخل ڪرڻ جو اختيار نيب چيئرمين کان واپس وٺي احتساب ڪميشن کي ڏيڻ جون ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. ذريعن مطابق اهڙو ترميمي ڊرافٽ مخالف ڌر جي مشاورت بعد تيار ڪيو ويو آهي.
شاھھ سلمان ابراهيم الصاف کي ھٽائي عادل الجبير کي پرڏيھي مقرر ڪري ڇڏيو
رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي بادشاهه شاهه سلمان ڪابينه ۾ اهم تبديلي ڪندي اڳوڻي ناڻي واري وزير ابراهيم الصاف کي پرڏيهي وزير مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ابراهيم الصاف کي عادل الجبير جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويندو، هوڏانهن اهي به چوٻول آهن ته ان قدم جو بنيادي سبب آڪٽوبر ۾ ترڪي جي شهر استنبول جي سعودي سفارتخاني ۾ سعودي صحافي جمال خاشقجي جو قتل جو آهي.
پرڏيهي وزير جي تبديلي سان گڏ شاهه سلمان چيف آف نيشنل گارڊ شهزادي معتب بن عبدالله جي جاءِ شهزادي عبدالله بن باندر بن عبدالعزيز جي مقرري جو شاهي فرمان جاري ڪيو آهي.
جنرل سيڪيورٽي ڍيف لاءِ جنرل خالد بن قرار الخربي جڏهن ته معساد ليبان کي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائز مقرر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم اوچتو پمز اسپتال پھتو، مريضن کان سهولتن بابت پڇا
اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم عمران خان اوچتو پمز اسپتال جو دورو ڪري مريضن سان عيادت ڪئي، وزيراعظم عمران خان بنا سيڪيورٽي جي اسپتال پهتو ۽ مريضن سان ملاقات ڪري ملندڙ سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، ان موقعي تي عمران خان صحت کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته مريضن کي صحت جون سموريون معياري سهولتون ڏنيون وڃن، وزيراعظم جي دوري دوران صحت کاتي جو وزير ۽ ٻيا موجود هئا.
سنڌ ۾ گورنر راڄ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي:محمد زبير
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، گورنر راڄ نه لڳي ته بهتر آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، وزيراعظم گھرووزارت پاڻ وٽ رکڻ جو شوق صرف ان لاءِ آهي ته ايف آءِ سندس ماتحت هجي. عمران خان کي شوق آهي ته سينٽرلائز سسٽم هجي جنهن کي هو پاڻ ويهي ڪنٽرول ڪري. ڪير سندس ڳالهه نٿو مڃي ته جي آءِ ٽي ٺاهي ڇڏين ٿا. هن اهڙو اظهار ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ امام بارگاهه يثرب ۾ علي رضا عابدي جي ٽيجھي ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. محمد زبير چيو ته علي رضا عابدي سٺو انسان ۽ بهترين سياستدان هو، وزيراعظم کي به سندس وارثن سان تعزيت لاءِ ڪراچي اچڻ گھرجي ها، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم، گھرو وزير به آهي. هن چيو ته 2013 ۾ هر طرف ڌماڪا ٿيندا هئا پر اسان جي حڪومت پهرين 100 ڏينهن ۾ آپريشن شروع ڪيو، جيڪو اڃا جاري آهي. نواز ليگ حڪومت رينجرز کي پوليسنگ اختيار ڏياريا، جنهن بعد 2015 کان حالتون بهتر ٿيڻ شروع ٿيون. هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي، وزيراعظم کي ڪم ڪرڻ گھرجي. اڳواڻي گورنر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٻن بلين وارو معاملو نسورو ڪوڙ آهي. نوازشريف سمورا عدالتي فيصلا قبول ڪيا، سندس متعلق ڪا به منفي ڳالهه سامهون نه آئي آهي. ججز فيصلا ڪندا آهن ته ڏوهه لکندا آهن، پهرين پٽ کان منافعو نه وٺڻ ۽ هاڻي وري پٽ کان فائدو وٺڻ جي سزا ملي آهي. ايف بي آر ڪجهه ٻيو ۽ نيب وري ٻيون ڳالهه ڪري ٿي. فيصل واوڊا ته روز نئين ڪهاڻي پيش ڪري ٿو.هن چيو ته وزيراعظم کي گھرو وزير بڻجڻ جوشوق ان لاءِ آهي جو هو چاهي ٿو ته ايف آءِ اي سندس ماتحت هجي.ڪير سندن ڳالهيون نٿو مڃي ته جي آءِ ٽي ڍاهي ٿا ڇڏي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وڏي پارٽي آهي، صوبي ۾ گورنر راڄ لاءِ ماحول ٺاهيو پيو وڃي. جيڪو غلط آهي، گورنر راڄ نه لڳڻ گھرجي.
حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نيب قانون ۾ اهم ترميمن تي اتفاق : ابتدائي مسودو پڻ تيار
قانون واري وزارت نيب قانون ۾ ترميم لاءِ شروعاتي ڊرافٽ تيار ڪري ورتو
مسودي ۾ نيب چيئرمين جا پلي بارگين ۽ ريفرنسز جا اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز:ذريعا
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نيب قانون ۾ اهم ترميمن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن بعد قانون واري وزارت نيب قانون ۾ ترميم لاءِ ابتدائي قانوني مسودي جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي. قانون واري وزارت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته تيار ڪيل ترميمي مسودي ۾ نيب چيئرمين جا پلي بارگيننگ ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري وارا اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. نيب قانون ۾ ترميم ڪري پلي بارگيننگ جا اختيار نيب چيئرمين کان واپس وٺي احتساب عدالت کي ڏيئي ۽ پلي بارگيننگ کي سزا جي زمري ۾ آڻڻ جي ترميم تجويز ڪئي وئي آهي. جڏهن ته احتساب عدالت کي جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جا اختيار ڏيئي، نيب رمانڊ جي 90 ڏينهن واري مدي کي گھٽ ڪري 14 ڏينهن ڪرڻ، ريفرنس داخل ڪرڻ جو اختيار نيب چيئرمين کان واپس وٺي احتساب ڪميشن کي ڏيڻ جون ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. ذريعن مطابق اهڙو ترميمي ڊرافٽ مخالف ڌر جي مشاورت بعد تيار ڪيو ويو آهي.
آرمي چيف سان روسي سفير جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون
راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روسي سفير ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روسي سفير اليگزي ديدوف ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻن طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران روسي سفير پنهنجي حڪومت پاران پاڪستان جي 10 فوجي آفيسرن ۽ ٻن سپاهين کي ڏنل ايوارڊ به آرمي چيف حوالي ڪيا، ان کانسواءِ روسي سفير آرمي چيف کي دولت مشترڪا ميڊل ۽ روسي جبل چاڙهو فيڊريشن جو تعارفي خط به پهچايو. آءِ ايس پي آر مطابق فوجي جوانن کي اهي ايوارڊ جولاءِ 2018ع ۾ روسي جبل چاڙهو جي مدد تي ڏنا ويا، پاڪ آرمي ايوي ايشن انتهائي مشڪل موسمي حالتن ۾ امدادي آپريشن ڪيو هو.
سنڌ حڪومت کي نيٺ ٿرڪول متاثر ياد اچي ويا، بحالي شروع
لاڳيتي احتجاج کانپوءِ 36 متاثر خاندانن جي ماڊل وليج قرار ڏنل سونهري درس ۾ منتقلي
متاثرن کي ڏنل گهرن ۾ سڀ سهولتون موجود آهن،جلد بحالي مڪمل ڪئي ويندي:مراد علي شاهه

مٺي (رپورٽر) سنڌ سرڪار کي نيٺ ٿرڪول متاثر ياد اچي ويا، 5 سالن کانپوءِ بحالي ڪم شروع، گوڙاني ڊيم خلاف لاڳيتي احتجاج توڙي سول سوسائيٽي جي دٻاءَ کانپوءِ ٿرڪول جي انتظاميه رڳو 36 متاثر خاندانن کي ماڊل وليج قرار ڏنل سونهري درس منتقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته اڃا ڪيترائي متاثر بحالي لاءِ واجهائي رهيا آهن، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرڪول متاثرن کي گهر ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان ٿرڪول فيلڊ بلاڪ ٽو جي متاثرن کي منصوبي ۾ حصيدار بڻايو آهي، اميد آهي ته متاثر خاندان ۽ سندن ايندڙ نسل زبردست ترقي ڪندو، هر خاندان کي 100 مربع گز گهر ۾ سموريون سهولتون موجود آهن، مال بيهارڻ جي جاءِ به فراهم ڪئي وئي آهي، ٻڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سونهري درس ماڊل وليج ۾ 172 پڪا گهر، 1000 شاگرن لاءِ ٽه ماڙ اسڪول، 10 دوڪانن تي ٻڌل بازار ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارچ 2019 تائين 172 خاندانن جي منتقلي مڪمل ٿي ويندي.