ننگرپارڪر (رپورٽر ) ننگرپارڪر ۾ دلبر اليون نواب شاهه اليون کي شڪست ڏئي ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ڪارونجهر ڪرڪيٽ ميدان ۾ سماجي ڪارڪن دلبر حسين کوسو جي ياد ۾ ڪرايل پنجين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ دلبر اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 76 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ نوابشاهه اليون مقرر اوورن ۾ 60 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي ريت دلبر اليون 16 رنسن تان فائنل کٽي اعزاز ماڻيو. ميچ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ ڪامران ۽ سيريز جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ لجپت ڪولهي حاصل ڪيو.
ان موقعي تي ٽائون چيئرمين سردارخان کوسو ، لالا قمبر کوسو ۽ پرنسپال حنيف کوسو سميت ٻين فاتح ٽيم جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا.
ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ڪُل 16 ٽيمن حصو ورتو.
ننگر پارڪر ۾ دلبر اليون ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي
خيرپور جي هاڪي ٽيم سکر کي هارائي ڇڏيو
دوستاڻي ميچ ۾ ينگ هاڪي ڪلب 1-2 تان ڪيئر هاڪي ڪلب کي هارايو

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ خيرپور جي ينگ هاڪي ڪلب دوستاڻي ميچ ۾ سکر هاڪي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ضلعي هاڪي ايسوسي ايشن ۽ سکر جي ڪيئر هاڪي ڪلب جي سهڪار سان خيرپور جي بخت علي ڏھوٽ اسٽيڊيم ۾ خيرپور جي ينگ هاڪي ڪلب ۽ سکر جي ڪيئر هاڪي ڪلب ۾ دوستاڻي ميچ کيڏي وئي.
ميچ ۾ سخت مقابلي بعد ينگ ھاڪي ڪلب هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪيئر هاڪي ڪلب کي شڪست ڏني.
ان موقعي تي خاص مھمان سيد ذاڪر حسين زيدي، رياض علي ڏھوٽ ۽ سيڪريٽري ڪيئر ھاڪي ڪلب سکر نعمان شيخ فاتح ٽيم ۾ انعام ورهايا.
آءِ سي سي ٽي 20 ريڪنگ جاري، پاڪستان پهرين نمبر تي
پاڪستان 138 پوائنٽن سان پهرين، ڀارت ٻئين ۽ انگلينڊ ٽئين نمبر تي پهتا
دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، پاڪستان پهرين نمبر تي بدستور قائم آهي.
آءِ سي سي جي نئين جاري ڪيل رينڪنگ موجب پاڪستان 138 پوائنٽن بعد بدستور پهرين پوزيشن تي آهي. جڏهن ته ٽاپ 10 ٽيمن ۾ ڀارت 126 پوائنٽن سان ٻئين، انگلينڊ 118 پوائنٽن سان ٽئين، آسٽريليا 117 پوائنٽن سان چوٿين ۽ ڏکڻ آفريڪا 114 پوائنٽن سان پنجين نمبر آهن.
ان کانسواءِ نيوزلينڊ ڇهين، ويسٽ انڊيز ستين، افغانستان اٺين، سريلنڪا نائين ۽ بنگلاديش ڏهين نمبر تي آهي.
پاڪستان کي وڏو ڌچڪو، زخمي محمد عباس پهرين ٽيسٽ مان ٻاهر
ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ محمد عباس ڪنڌ جي زخم سبب نه کيڏي سگهندو، نيوزلينڊ دوري دوران زخمي ٿيل محمد عباس فٽ نه ٿي سگهيو، سيريز ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ کان اڳ پاڪستان ٽيم کي وڏو چڪو لڳي ويو، محمد عباس انجري سبب ميچ کان ٻاهر ٿي ويو.
ڪنڌ جي انجري سببب فاسٽ بالر محمد عباس سنچورين ٽيسٽ ۾ حصو نه وٺي سگهندو، جڏهن ته ان کان اڳ به محمد عباس ڏکڻ آفريڪا جي انوي ٽيشن اليون خلاف پريڪٽس ميچ ۾ به نظر نه آيو هو.
گذريل مهيني محمد عباس نيوزلينڊ خلاف دبئي ٽيسٽ دوران فيلڊنگ ڪندي انجري جو شڪار ٿيو هو، جنهن کيس سيريز جي ٽئين ميچ نه کيڏائي وئي هئي. سندس جاءِ تي شاهين آفريدي کي کيڏايو ويو هو.
پروٽيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر ۾ محمد عامر، شاهين آفريدي ۽ حسن علي شامل هوندا.
عالمي ڪپ جي ميزباني لاءِ ڏوڪڙ ڏيو: ڀارت کي ڌمڪي
آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان 2016 ۾ وفاقي ۽ رياستي سطح تي ڪٽيل ٽڪيس جي رقم واپس چاهي ٿو

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آسي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي خبردار ڪيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين عالمي ٽي ٽوئنٽي 2016 دوران ٽڪيس جي مد ۾ 2 ڪروڙ 30 لک ڊالر ادا نه ڪيا ته عالمي ڪپ 2023 جي ميزباني تان هٿ کڻڻو پوندو.
ڀارتي بورڊ جي اڳوڻي صدر ششانگ منوهر جي سربراهي ۾ ڪرڪيٽ کي عالمي سطح تي هلائيندڙ گورننگ باڊي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان 2016 ۾ وفاقي ۽ رياستي سطح ٽيڪس جي مد ۾ ڪيل ڪٽوتي جي رقم واپس گهرڻ چاهي ٿي، آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو.
آءِ سي سي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رقم ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو ته هلندڙ سال جي نفعي واري حصي مان اها رقم ڪٽي ويندي.
آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي اها به ڌمڪي ڏني ته رقم واپس نه ڪرڻ تي ڀارت ۾ شيڊول چيمپئنز ٽرافي 2021ع ۽ عالمي ڪپ 2023 جي ميزباني لاءِ ٻين آپشنز تي به غور ڪري سگهجي ٿو.
آل پاڪستان ميموريل شوٽنگ والي بال ڪپ 4 جنوري تي لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿيندو
نئون ديرو(رپورٽر) آل پاڪستان ميموريل شوٽنگ والي بال ٽورنامينٽ 4 جنوري شروع ٿيندي. نئي ديري جي بلاول ڀٽو زرداري والي بال ڪلب جي ميزباني هيٺ عبدالمجيد شيخ ميموريل شوٽنگ والي بال ڪپ 4 کان 6 جنوري کان لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم ۾ ٿيندو. ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ ميزبان ٽيم مختلف ڪلبن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا.
ان سلسلي ۾ انجنيئر ظهير ٻڌايو ته شوٽنگ بال ڪلپ لاءِ پنجاب،بلوچستان سميت سنڌ جي ڪلبن سان رابطا ڪري کين دعوت ڏني وئي آهي، ٽورنامينٽ ۾ سڄي ملڪ مان ٽيمون حصو وٺنديون.
نوشهرو فيروز ٽيم وڏو اسڪور باوجود ميچ هارائي ويٺي
ڪنڊياري جي شاهه ڀٽائي ڪلب 241 رنسن جو هدف 15 اوورن ۾ ماڻي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا, شاهه ڀٽائي ٽيم جي منصور 33 بالن تي 86 ۽ اظهر 33 بالن تي 70 رنسون جوڙي اهم ڪردار نڀايو

نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا جاري آهن. ٽئين ميچ ۾ ڪنڊرياري جي ٽيم نوشهري فيروز جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
سرڪاري ڊگري ڪاليج جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ ڪنڊياري جي شاهه ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بيٽنگ جي دعوت ملڻ تي نوشهري فيروز جي ٽيم سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب مقرر اوورن ۾ 241 رنسون ٺاهيون. جن ۾ تحسين شاهه 35 بالن تي 67 رنسون ۽ شهاب شاهه 13 بالن تي 35 رنسون ٺاهي ٽيم کي وڏو اسڪور ٺاهڻ ۾ ڪامياب ڪيو.
جواب ۾ ڪنڊياري جي ٽيم شاهه ڀٽائي ڪلب شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 241 رنسن جو هدف 15 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي ماڻي ميچ کٽي ورتي. بيٽسمين منصور علي 33 بالن تي 86 ۽ اظهر علي 33 بالن تي 70 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو.
شڪيب الحسن سعيد اجمل ۽ عمر گل جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش جي اسٽار آل رائونڊر شڪيب الحسن ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان گهڻيون وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو ٽيون بالر ٿي ويو. ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فيصلائتي ميچ دوران بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي شڪيب الحسن 3 وڪيٽون ورٺي پاڪستاني بالرن سعيد اجمل ۽ عمر گل جو وڌيڪ وڪيٽن وارو رڪارڊ ٽوڙي اعزاز ماڻيو.
عمر گل ۽ سعيد اجمل لڳاتار 85 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته شڪيب الحسن جي وڪيٽن جو انگ وڌي 88 ٿي ويو.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻيون وڪيٽون وٺڻ جو عالمي اعزاز اڳوڻي پاڪستاني آل رائونڊر شاهد آفريدي کي حاصل آهي، جنهن 98 وڪيٽون ورٺي اهو رڪارڊ جوڙيو. جڏهن ته سريلنڪن فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا 92 وڪيٽون وٺي ٻئين نمبر تي موجود آهي.
قومي ٽي 20 ٽورنامينٽ: لاهور وائٽس فاٽا ريجن کي هارائي ڇڏيو
لاهور وائٽس 133 رنسن جو هدف 18هين اوور ۾ 3 وڪيٽن تي حاصل ڪيو
ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ٽي 20 ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ لاهور وائيٽس فاٽا ريجن کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تي کيڏيل ميچ ۾ لاهور وائيٽس ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو. ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور وائيٽس ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو.
فاٽا ريجن جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهي سگهي. بيٽسمين عادل امين 41، مختار احمد 23 ۽ سهيل اختر 22 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. جڏهن ته لاهور وائٽس جي بالرن ۾ عماد بٽ، ظفر گوهر ۽ عميد آصف 2-2 وڪيٽون، علي خان ۽ بلال آصف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
132 رنسن جي جواب ۾ لاهور وائيٽس 18هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي هدف ماڻي ميچ کٽي. بيٽسمينن ۾ سلمان بٽ 44، عمر اڪمل 29 ۽ ڪامران اڪمل 28 رنسون ٺاهيون. فاٽا جي بالرن عادل امين، اُسامه ۽ ڪاشف ڀٽي هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
فاسٽ بالر ڊين پيٽرسن، فلينڊر بدران آفريڪي ٽيم ۾ شامل
فاسٽ بالر ڊين پيٽرسن باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان خلاف کيڏندو، ڊين پيٽرسن پاران پهرين ٽيسٽ ميچ کي يادگار بڻائڻ ڀرپور محنت ڪرڻ لڳو

پورٽز ايلزبيٿ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا پاران پاڪستان خلاف پهرين باڪسنگ ٽيسٽ ميچ لاءِ ڊين پيٽرسن کي ويرون فلينڊر جي جڳهه تي ٽيم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا جي ترجمان پاران جار ي ڪيل بيان ۾ چيو ته 29 سالن جو ڊين پيٽرسن پاڪستان خلاف ڊيبيو ڪندو، جيڪو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 321 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. ڊين پيٽرسن ڏکڻ آفريڪا لاءِ ٽن ون ڊي ميچن ۽ اٺ ٽي 20 ميچن ۾ نمائندگي ڪري چڪو آهي. ڊين پيٽرسن پاڪستان خلاف بهتر پرفارم ڪرڻ لاءِ پراميد آهي، سندس چوڻ هو ته هو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ کي يادگار بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو.
آءِ پي ايل ۾ پاڪستاني رانديگرن جي شموليت لاءِ رابطي جو اعلان
ڀارتي بورڊ سان ڳالهين ذريعي رابطا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ سڀني ملڪن سان رابطي ۾ آهيون: وسيم خان
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين مقرر ڪيل مينيجنگ ڊائريڪٽر وسيم خان چيو آهي ته سندس خواهش آهي ته پاڪستاني رانديگرن کي آءِ پي ايل ۾ کيڏايو وڃي. ڪرڪيٽ جي ويبسائيٽ اي ايس پي اين ڪرڪ انفو کي انٽرويو ڏيندي پي سي بي ايم ڊي وسيم خان چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين سان ٻه طرفا ڪرڪيٽ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ کانسواءِ ٻيا معاملا معاملا به آهن، جيڪي پيچيدا آهن، پر منهنجي خواهش هوندي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي آءِ پي ايل ۾ شامل ڪرايان. وسيم خان چيو ته هو سڀني ڪرڪيٽ بورڊن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن اعتماد پيدا ٿي سگهي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي ٿئي، ان حوالي سان پي ايس ايل جون پاڪستان ۾ 8 ميچون اهم ڪردار ادا ڪنديون. ايم ڊي پي سي بي وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ بهترين اسٽيڊيم موجود آهن ۽ عوام جي ڪرڪيٽ ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي، پرڏيهي رانديگر پي ايس ايل ۾ آيا ته معاملا بهتري طرف ويندا.
ويسٽ انڊيز آخري ٽي 20 ۾ بنگلاديش کي ڌوئي ڇڏيو
ويسٽ انڊيز بنگلاديش کي 50 رنسن تان هارائي ميچ ۽ سيريز کٽي ورتي، ليوس جو 36 بالن تي 89 رنسن جو ڪٽڪو، پال 15 رنسن عيوض 5 شڪار ڪيا

ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش کي 50 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز به کٽي ورتي. ميرپور جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي فيصلائتي ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
ويسٽ انڊيز جي اوپنر ليوس جي تيز ترين بيٽنگ سبب مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون. ليوس 36 بالن تي 89 رنسون ٺاهيون، پوران 29 ۽ هوپ 23 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. بنگلاديش طرفان محمود الله، مستفيظ رحمان ۽ شڪيب الحسن 3-3 شڪار ڪيا.
191 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم مڪمل اوور به نه کيڏي سگهي، سڄي ٽيم 17 اوورن ۾ 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ليٽن داس 43، ابو حيدر 22 ۽ حسن مرزا 19 رنسون ٺاهي ٽيم ۾ ٽاپ اسڪورر رهيا. ويسٽ انڊيز طرفان پال 4 اوورن 15 رنسن عيوض 5 شڪار ڪيا، جڏهن ته الين 2 وڪيٽون، براٿ ويٽ ۽ ڪاٽريل هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
اهڙي ريت ويسٽ انڊيز بنگلاديش خلاف هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچن تان سيريز کٽي.
پرتگال ۽ برازيل جي ٻن رانديگرن جي ويزا رد ناهي ٿي: فواد چوڌري

ڪراچي (م ڊ) پرتگال جي اسٽار لوئيس فيگو ۽ برازيلوي ڪاڪا جي پاڪستان دوري تي ويز معاملي تي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ويزا رد ناهي ٿي، پاسپورٽ واپس ٿيا هئا، ٻئي رانديگر ايندڙ مهيني پاڪستان ايندا.
هوڏانهن ايونٽ جو انتظام ڪندڙ حسن رائو جو چوڻ آهي ته ٻنهي رانديگرن کي ايندڙ مهيني پاڪستان اچڻو آهي، فيگو ۽ ڪاڪا جي پاڪستان آمد معاملي تي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن جي پاڪستان آمد سان ملڪ جو اميج بهتر ٿيندو، رانديگر جلد ايڪشن ۾ نظر ايندا.
ٺٽو: ڊگري ڪاليج ۾راندين جو هفتو، ٻارهين ڪلاس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي
ٺٽو ( ن پ ا ) ٺٽي ۾ راندين جو هفتو ملهايو ويو. ڪرڪيٽ جو فائنل مقابلو ڊگري ڪاليج جي انٽرميڊيئيٽ ٽيم کٽي ورتو. بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ملهايل راندين جي هفتي دوران شاگردن راندين ۾ حصو وٺي پاڻ مڃايو.
ڪرڪيٽ جي فائنل مقابلي ۾ ٻارهين ڪلاس جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوررن ۾ ضمير احمد سولنگي جي 55 رنسن جي مدد سان 124 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ يارهين ڪلاس جي سڄي ٽيم 92 رنسون تي ڍير ٿي وئي. ٻارهين ڪلاس جي ٽيم جي ضمير سولنگي کي 2 وڪيٽون وٺڻ ۽ 55 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڪاليج جي پرنسيپال ۽ ناليواري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، پروفيسر غلام مصطفيٰ چارڻ، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن عبدالعزيز خاصخيلي، بسم الله جان، عبدالستار ميمڻ، لطيف کتري، امان الله جوکيو ۽ ٻين فاتح ٽيم ۽ فائنل ۾ هارائيندڙ ٽيم جي رانديگرن کي انعام ڏنا.
پاڪستان جي پهرين پريميئر ليگ ويل چيئر ڪرڪيٽ شروع ٿي وئي
پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ) پشاور ۾ پاڪستان جي پهرين پريميئر ليگ وهيل چيئر ڪرڪيٽ شروع ٿي وئي. اسپيشل لائف فائونڊيش جي انتظام هيٺ ضلعي حڪومت جي سهڪار سان پهرين پريميئر ليگ ويل چيئر ڪرڪيٽ جو افتتاح ناظم محمد عاصم خان ڪيو.
ليگ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺنديون، جن ۾ ڪي پي جان، بلوچستان سردار، سنڌ رئيس، پنجاب ڌمال، ڪئپٽيل ڪمانڊر اسلام آباد ۽ همالين هاڪس گلگت بلتستان شامل آهن.
افتتاحي ميچ پختون جان ۽ پنجاب ڌمال کٽي ورتيون. پهرين ميچ ۾ پختون جان سنڌ رئيس کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ پنجاب ڌمال ڪئپيٽل ڪمانڊر اسلام آباد کي 16 رنسن تان شڪست ڏني.