ڪراچي ( ن پ ا ) سنڌهاءَ ڪورٽ عارف علوي جي ملڪ جي صدر طور چونڊ خلاف داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي .عظمت ريحان نالي شهري سنڌهاءَ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته داڪٽر عارف علوي عدالتي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي آهي ۽ عدالتي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪندڙ شخص ملڪ جو صدر نٿو ٿي سگهي . درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءَ ڪورٽ جو موجوده چيف جسٽس به عارف علوي خلاف حڪم نامو جاري ڪري چڪو آهي .ڊاڪٽر عارف علوي ٽرسٽ جو ڪو ٽرسٽي آهي .درخواست گذار جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عارف علوي 1977کان عدالت ۾ هلندڙ ڪيس ۾ ٽي ڀيرا غلط حلف نامو جمع ڪرائي غلط بياني ڪئي آهي ،هن غلط دستاويز جمع ڪرائي هاڪس بي تي 18 سئو 10 ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو پنهنجي حق ۾ ڏياريو .عدالت اهڙي درخواست کي فوري طور ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي منظور ڪري ورتو آهي .عدالت ڌرين کان پهرين جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي .درخواست ۾ وفاقي حڪومت ، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي .
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان عارف علوي جي صدر طور چونڊ خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار، ڌُرين کي 1 جنوري تائين جواب ڏيڻ جو حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، درخواستگذار عظمت ريحان طرفان عارف علوي تي عدالتي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جو الزام مڙهيو
عدالت درخواست ٻڌڻي لاءَ منظور ڪندي وفاقي حڪومت ، اليڪشن ڪميشن ۽ ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو
اربين رپين جا کانچا آهن، معاف نه ڪنداسين: چيف جسٽس جا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ريمارڪس
لڳي ٿو ته اومني گروپ وارن جي مڳي ختم ناهي ٿي: چيف جسٽس پاڪستان
اربين رپيا کائي ويا پوءِ به بدمعاشي ڪري رهيا آهن: چيف جسٽس جا ريمارڪس

چيف جسٽس پاڪستان جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته اربين رپين جا کانچا آهن، معاف نه ڪنداسين، لڳي ٿو ته اومني گروپ وارن جي مڳي ختم ناهي ٿي، اربين رپيا کائي ويا پوءِ به بدمعاشي ڪري رهيا آهن.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، چيف جسٽس، آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سان مخاطب ٿيندي چيو ته اربين رپين جا کانچا آهن، معاف نه ڪنداسين.
چيف جسٽس، وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي چيو ته اوهان وڪيل آهيو، اوهان فيس ورتي آهي، اوهان کي ٻڌنداسين پر فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي.
قتل ڪيس خلاف ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان جي درخواست تي ٻڌڻي پهرين جنوري تائين ملتوي
ڪراچي ( ن پ ا ) سنڌهاءَ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان جي سزا خلاف اپيل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عامر خان جي وڪيل عدالت کي تياري لاءِ ڪجهه وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي .عامر خان جي وڪيل محمود عالم رضوي عدالت کي استدعا ڪئي ته اڄ اسپيشل بينچ ۾ سندس ڪيس لڳل آهي ان ڪري مهرباني ڪري ڪجهه وقت ڏنو وڃي عدالت وڪيل جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ڪارروائي پهرين جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي .عامر خان جڏهن ايم ڪيو ايم حقيقي ۾ هو ته ان تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ انعم عزيز کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي .ڪيس ۾ سزا خلاف عامر خان 2003 ۾ اپيل داخل ڪرائي .
ٻانڌي شگرملز پاران بينڪن جي سموري رقم ادا ڪرڻ جي دعويٰ
بيڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي،اومني گروپ وڪيل دليل ڏنا
نيشنل بينڪ جا ملز ڏانهن 41 ڪروڙ رهيل هئا جيڪي ادا ڪيا ويا آهن : وڪيل
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ اومني گروپ جي شگرملز مان کنڊ جي غائب ٿيڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، جنهن دوران نيشنل بينڪ جو وڪيل توڙي توڙي اومني گروپ جا ماڻهو پيش ٿيا . ٻڌڻي دوران نيشنل بينڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٻانڌي شگرملز ڏانهن بينڪ جا 41 ڪروڙ روپيا رهيل هئا .تازو 15 ڪروڙ روپيا جمع ڪريا آهن جنهن کانپوءِ سموري رهيل رقم ادا ٿي چڪي آهي .جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته رقم جمع ٿيڻ جي حوالي سان دستاويز عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن .شگرملز جي وڪيل جمشيد ملڪ عدالت کي ٻڌايو ته رهيل رقم ادا ڪرڻ کانپوءِ سمورو مامرو حل ٿي چڪو آهي .جنهن کانپوءِ ڪيس ختم ٿيڻ گهرجي .جنهن تي بينڪنگ ڪورٽ چيو ته هي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ به هلندڙ آهي اسان کي اعليٰ عدالت جي فيصلي جو انتظار آهي .ملز مان کنڊ غائب ٿيڻ بابت سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي به ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي .
سنڌ سرڪار 5- سالن ۾ جيل سڌاري نه سگھي، ويتر لڳايل جيمرز عوام لاءِ عذاب بڻيل!
سرڪار 2013ع ۾ خطرناڪ قيدين تي نظر رکڻ لاءِ 178 ڪروڙ رپين جا منصوبا شروع ڪيا
4325 رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جيلن ۾ ڪيمرائون لڳيون : باقي جيلن ۾ رٿا تي عمل ئي نه ٿيو
ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار 5 سال گذرڻ باوجود جيلن اندر سڌارا آڻڻ واري منصوبي کي مڪمل ڪري نه سگهي، خطرناڪ قيدين هٿان جيلن کي ٽوڙڻ ۽ ڏوهاري سرگرمين جا اڏا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيميرائن ۽ جيمر لڳائڻ وارو منصوبو به مڪمل نه ٿي سگهيو، جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ ڪيترن سالن تائين مشڪلاتون پيدا ڪرڻ بعد سرڪار رڳو جيمر هٽائڻ لاءِ راضي ٿي آهي. سنڌ سرڪار 2013ع ۾ سنڌ اندر سمورن وڏن سينٽرل جيلن ۾ خطرناڪ قيدين جي سرگرمين کي روڪڻ، جيل ٽٽڻ کان بچائڻ ۽ جيلن مان خطرناڪ قيدين هٿان دهشتگردي جا منصوبا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ 88 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪراچي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور جيلن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ 90 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جيمر لڳائڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو هو، ان منصوبي جي اعلان کان هن وقت تائين صرف 25 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سي سي ٽي وي ڪميرائون لڳايون ويون، باقي جيلن ۾ ان منصوبي تي عمل نه ٿي سگهيو. اهڙي ريت ڪراچي ۽ حيدرآباد سينٽرل جيلن ۾ جيڪي جيمر لڳايا ويا، اهي ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ڪي لاڀائتا ته ثابت نه ٿي سگهيا پر ٻنهي جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي ويا. ڪراچي سينٽرل جيل جي ڀر ۾ جمشيد ڪوارٽر، پي آءِ بي، نيو ٽائون، دهلي ڪالوني، ڪشمير روڊ، پنهور ڳوٺ، نيو ايم اي جناح روڊ جي مختلف علائقن ۾ 10 لک کان وڌيڪ آبادي موبائيل نيٽ ورڪ کان محروم ٿي وئي، جنهن ڪري نه صرف انهن علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون پر وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ ٿي، ويتر انهن علائقن ۾ ماڻهن مسواڙ تي گهر وٺڻ به بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري ڪراچي سينٽرل جيل جي چئني پاسن کان اڌ ڪلو ميٽر جي علائقن ۾ موبائيل جا دڪان ۽ اسٽيٽ ايجنسيون به بند ٿي ويون. ”پنهنجي اخبار“ پاران علائقي ۾ وڃي ورتل ڄاڻ دوران دهلي ڪالوني جي رهواسين ٻڌايو ته صرف دهلي ڪالوني جي 10 گهٽين مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن 5 سالن ۾ جيمرز جي ڪري پنهنجا گهر وڪرو ڪيا، ساڳئي طرح پير الاهي بخش ڪالوني جون جيل جي ڀر واريون 8 گهٽيون ساڳي عذاب ۾ مبتلا آهن. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ به جيمر لڳڻ سبب سرفراز ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني، ڪلهوڙا ڪالوني ۽ ٻين علائقن جا لکين رهواسي پريشان آهن، سرڪار ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود جيلن کي محفوظ ته نه بڻائي سگهي پر جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ رهواسين لاءِ تڪليفون ئي پيدا ڪري سگهي، آخرڪار هن منصوبي کي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سرڪار فيصلو ڪيو آهي ته جيمر هٽايا ويندا. جيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سي سي ٽي وي ڪيمرائون سمورن جيلن ۾ هن سال جي پڄاڻي تائين لڳي وينديون باقي جيمر لڳائڻ وارو منصوبو روڪيو اٿئون، صوبائي وزير جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ ماڻهن کي مشڪلاتون اچڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ماڻهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار جيلن تان جيمر هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،هن چيو ته اسان سڄي سنڌ جي جيلن جا خطرناڪ قيدي هڪ جيل ۾ منتقل ڪنداسين، پوءِ ان ئي جيل جي سيڪيورٽي بابت وڏا فيصلا ڪنداسين، انهن قيدين جي منتقلي بعد وڏن جيلن ۾ لڳل جيمر هٽائي ڇڏينداسين. جيلن جي ڀر ۾ لاڳيتو جيمر حڪمران جماعت جي قيدين لاءِ ڏکياين جو ڪارڻ بڻيل آهن. شرجيل ميمڻ سميت پيپيلزپارٽي حامي قيدي پارٽي اڳواڻن آڏو شڪايتون ڪندا رهيا آهن ته جيمرز هجڻ سبب رابطو ڪٽيل رهي ٿو. ذريعن موجب جيمر جڏهن نه هئا ته شرجيل ميمڻ سميت پيپلزپارٽي سميت مختلف پارٽين جا قيدي اڳواڻ جيل اندر موبائل فون ذريعي مختلف ماڻهن سان رابطي ۾ هوندا هئا. جيڪي هاڻي رابطو بند ٿيڻ سبب پريشان آهن.
اهم ماڳن ۽ مقبرن کي اهميت نه ملڻ ڪري نئون نسل انهن کان اڻواقف
ارڙهين ترميم کان اڳ قديم آثارن جي بجيٽ رڳو 2 لک رپيا هئي
ڪراچي: سنڌ حڪومت سرڪاري درجو نه هجڻ واري آڳاٽي آثارن تي قانوني طور تي خرچ ڪرڻ جي به پابند ناهي! ڄاڻايل آڳاٽا آثار قديم آثارن واري کاتي ۾ شامل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايندڙ نسلون مزاحمت، محبت، بادشاهي، مذهبي ڪردارن ۽ پيار، امن، حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ سميت انسانيت ذريعي پاڻ مڃرائيندڙ شخصيتن کي سُڃاڻي ئي نه سگھنديون. جيتوڻيڪ شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، مورڙو ميربحر سميت ٻين ڪيترن ئي ڪردارن کي نصاب تان مٽايو ويو آهي. پر سياحت، ثقافت ۽ قديمي آثارن واري کاتي جي بي ڌياني سبب ڄاڻايل ڪردار تاريخ تان به مٽجي وڃڻ جو خدشو آهي. آڳاٽا آثار ارڙهين ترميم کان اڳ وفاق حوالي هجڻ سبب صوبي جي آثارن جي سار سنڀال لاءِ رڳو 2 لک رپيا ڏنا ويندا هئا. آرڪائيو کاتي جي ذريعن موجب ته ارڙهين ترميم کان اڳ سنڌ جي سموري قديم آثارن لاءِ وفاقي سرڪار کِل جوڳي رقم ڏيندي رهي. 2 لک روپيا بجيٽ رکي ويندي هئي. جنهن سان آڳاٽي آثارن جي ذري برابر به سنڀال نه ٿي سگھندي هئي. ارڙهين ترميم بعد قديم آثار سنڌ سرڪار حوالي ٿيڻ باوجود 72 کان مٿي تاريخي ڪردارن جون قبرون، مزارون ۽ يادگار سنڌ سرڪار پنهنجي ليکي ۾ ئي ناهن آندا.
سنڌ جي 72 کان وڌيڪ پراڻن ماڳن کي قديم آثارن جو درجو نه مليو
قلندر شهباز جي مزار، صوفي شاھ عنايت شهيد، مورڙو ميربحر جي قبر، اروڙ مسجد سياحت کاتي جي نظر کان اوجھل
شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، سچل سرمست، دودو سومرو، چنيسر آريسر، هوشو شيدي نصاب ۾ شامل پر حڪمرانن جي نظر تي نه چڙهيا

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي 72 کان وڌيڪ قديم ماڳن کي سرڪاري سطح تي قديم آثارن جو درجو نه مليو، نصاب ۾ شامل ڪيئي تاريخي ماڳن کي سنڌ حڪومت سرڪاري طور قبولڻ لاءِ تيار ئي ناهي! قلندر شهباز جي مزار، شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، مورڙو ميربحر، اروڙ مسجد، جوهن جيڪب هائوس، هالا حويلي سميت ٻيا آڳاٽا آثار سياحت کي هٿيءَ وٺرائيندڙ کاتي کي نظر ئي نه آيا. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ جي سياحتي ماڳن کي هٿيءَ وٺرائڻ واري اداري سياحت پاران لڳ ڀڳ سنڌ جي ان سمورن آڳاٽن ۽ تاريخي ماڳن کي سرڪاري طرح قبول ڪرڻ ۽ قديم آثارن ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب آڳاٽن ماڳن جو وجود ئي خطري ۾ پئجي ويو آهي. ڪراچي ۾ منگھر مڇ کان ڀائرن کي بچائيندڙ معذور مزاحمتي ڪردار موڙو ميربحر، مائي ڪلاچي جي قبر، ٺٽي ضلعي ۾ درگاھ درسواريو ۽ قبرستان، پير پٺو قبرستان، گجو قبرستان، شاھ حسين درگاھ، پليجاڻي قبرستان، حيدر شاھ جو قبرستان، جاتي مندر، اڏيرو لال، حضرت شيخ ترابي قبرستان ۽ درگاھ، حضرت شيخ حالي (مندر ۽ قبرستان)، جوکيا قبرستان (اُٺن جي کوڙي)، محمد هاشم ٺٽويءَ، ضلعي بدين ۾ شاھ عبدالمجيد جي درگاھ، درگاھ حضرت محمد اسماعيل، شاھ محمد جي درگاھ، دودي سومري جو مقبرو، چنيسر جي قبر، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ جامع مسجد، نامعلوم قديم قبرون، هالا حويلي، اسماعيل شاھ بخاري جو مقبرو، ابراهيم شاھ جو مقبرو ضلعي سانگھڙ ۾ سانگھڙ قبرستان، جامع مسجد سوئي ڪنڊر ضلعي ڄامشوري ۾ برفت قبرستان جي مسجد، عزت خان برفت جو مقبرو، بخاريا مسجد، جنرل هوش محمد شيدي، لڪي شاھ صدر جي مزار، ضلعي خيرپور ميرس ۾ بارا دڙي، جھانگوخان شير جو مقبرو، سچل سرمست جي مزار، داد شهيد بادشاھ جي درگاھ ضلعي جيڪب آباد ۾ جوهن جيڪب قبرستان ۾ نامعلوم مقبرو، جوهن جيڪب جو قبرستان، وڪٽوريا ڪلاڪ ٽاور ضلعي مٽياري ۾ مير تاج محمد جو مقبرو، بجار خان ٽالپر (وڏو) جو مقبرو، مير صوبيدار ۽ مير بهرام علي خان جو مقبرو، مائي خيري جو مقبرو ضلعي سکر ۾ اروڙ مسجد، ايوب برج، حُرن جي جيل ضلعي دادو ۾ قلندر شهباز جي مزار، جوهي مندر، اروڙا مقام، راوت فقير جو مقبرو ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ صوفي شاھ عنايت شهيد، شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو سميت مختلف ضلعن ۾ 72 کان مٿي آڳاٽا ماڳ آهن جيڪي سرڪاري طور سياحت واري کاتي ۾ شامل نه هجڻ ۽ بي ڌياني سبب خطري هيٺ آهن. جڏهن ته ڄاڻايل آڳاٽن ماڳن مان شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، سچل سرمست، دودو سومرو، چنيسر آريسر، جنرل هوش محمد سنڌي نصاب ۾ به شامل رهيا آهن. جن مان ڪيئي نالا نصاب مان نڪري وڃڻ ۽ سرڪاري سطح تي قبول نه ٿيڻ سبب ايندڙ نسلن جي ڄاڻ کان رهجي ويندا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي ) آرڪائيو منظور ڪناسرو “پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آڳاٽي آثارن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيم پاران سروي جو ڪم هلندڙ آهي. مورڙو ميربحر، مائي ڪلاچي، جنرل هوش محمد سنڌي سميت ٻين آڳاٽيءَ آثارن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته قومي ورثي ۾ جيڪي آثار قومي ورثي ۾ شامل ناهن انهن تي سرڪاري خرچ نه ٿا ڪري سگھون. ڪراچي جون 3 هزار قديم عمارتون به قومي ورثي ۾ شامل ناهن، ان حوالي سان ناليواري تحقيقدان گُل حسن ڪلمتي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صرف ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ اولهه ٻهراڙيءَ ۾ 105 قديم قبرون، مزارون ۽ يادگار آهن. جڏهن ته 3 هزار کان 3500 تائين قديم عمارتون آهن. جيڪي قومي ورثيءَ ۾ شامل ٿيڻ گھرجن. پر معاملو عدالت ۾ هجڻ سبب قديم عمارتن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ وارو ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڪم رولڙي ۾ پيل آهي.
سي سي ٽي وي ڪيمرائون هن سال لڳي وينديون: ناصر شاهه
ڪراچي: جيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سي سي ٽي وي ڪيمرائون سمورن جيلن ۾ هن سال جي پڄاڻي تائين لڳي وينديون باقي جيمر لڳائڻ وارو منصوبو روڪيو اٿئون، صوبائي وزير جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ ماڻهن کي مشڪلاتون اچڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ماڻهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار جيلن تان جيمر هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،هن چيو ته اسان سڄي سنڌ جي جيلن جا خطرناڪ قيدي هڪ جيل ۾ منتقل ڪنداسين، پوءِ ان ئي جيل جي سيڪيورٽي بابت وڏا فيصلا ڪنداسين، انهن قيدين جي منتقلي بعد وڏن جيلن ۾ لڳل جيمر هٽائي ڇڏينداسين.
جيمر سبب رابطو ڪٽيل آهي، پ پ جي قيدي اڳواڻن جي دانهن
ڪراچي: جيلن جي ڀر ۾ لاڳيتو جيمر حڪمران جماعت جي قيدين لاءِ ڏکياين جو ڪارڻ بڻيل آهن. شرجيل ميمڻ سميت پيپيلزپارٽي حامي قيدي پارٽي اڳواڻن آڏو شڪايتون ڪندا رهيا آهن ته جيمرز هجڻ سبب رابطو ڪٽيل رهي ٿو. ذريعن موجب جيمر جڏهن نه هئا ته شرجيل ميمڻ سميت پيپلزپارٽي سميت مختلف پارٽين جا قيدي اڳواڻ جيل اندر موبائل فون ذريعي مختلف ماڻهن سان رابطي ۾ هوندا هئا. جيڪي هاڻي رابطو بند ٿيڻ سبب پريشان آهن.
سنڌ سرڪار 5- سالن ۾ جيل سڌاري نه سگھي، ويتر لڳايل جيمرز عوام لاءِ عذاب بڻيل!
سرڪار 2013ع ۾ خطرناڪ قيدين جي سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ ڪيمرائون ۽ جيمرز لڳائڻ جا 178 ڪروڙ رپين جا منصوبا شروع ڪيا
ڪراچي ۽ حيدرآباد جيلن ۾ لڳايل جيمرز ڏوھارين بجاءِ ڀرپاسي ۾ رھندڙ آبادي لاءِ ڏچو بڻجي ويا
ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار 5 سال گذرڻ باوجود جيلن اندر سڌارا آڻڻ واري منصوبي کي مڪمل ڪري نه سگهي، خطرناڪ قيدين هٿان جيلن کي ٽوڙڻ ۽ ڏوهاري سرگرمين جا اڏا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيميرائن ۽ جيمر لڳائڻ وارو منصوبو به مڪمل نه ٿي سگهيو، جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ ڪيترن سالن تائين مشڪلاتون پيدا ڪرڻ بعد سرڪار رڳو جيمر هٽائڻ لاءِ راضي ٿي آهي. سنڌ سرڪار 2013ع ۾ سنڌ اندر سمورن وڏن سينٽرل جيلن ۾ خطرناڪ قيدين جي سرگرمين کي روڪڻ، جيل ٽٽڻ کان بچائڻ ۽ جيلن مان خطرناڪ قيدين هٿان دهشتگردي جا منصوبا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ 88 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪراچي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور جيلن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ 90 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جيمر لڳائڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو هو، ان منصوبي جي اعلان کان هن وقت تائين صرف 25 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سي سي ٽي وي ڪميرائون لڳايون ويون، باقي جيلن ۾ ان منصوبي تي عمل نه ٿي سگهيو. اهڙي ريت ڪراچي ۽ حيدرآباد سينٽرل جيلن ۾ جيڪي جيمر لڳايا ويا، اهي ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ڪي لاڀائتا ته ثابت نه ٿي سگهيا پر ٻنهي جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي ويا. ڪراچي سينٽرل جيل جي ڀر ۾ جمشيد ڪوارٽر، پي آءِ بي، نيو ٽائون، دهلي ڪالوني، ڪشمير روڊ، پنهور ڳوٺ، نيو ايم اي جناح روڊ جي مختلف علائقن ۾ 10 لک کان وڌيڪ آبادي موبائيل نيٽ ورڪ کان محروم ٿي وئي، جنهن ڪري نه صرف انهن علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون پر وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ ٿي، ويتر انهن علائقن ۾ ماڻهن مسواڙ تي گهر وٺڻ به بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري ڪراچي سينٽرل جيل جي چئني پاسن کان اڌ ڪلو ميٽر جي علائقن ۾ موبائيل جا دڪان ۽ اسٽيٽ ايجنسيون به بند ٿي ويون. ”پنهنجي اخبار“ پاران علائقي ۾ وڃي ورتل ڄاڻ دوران دهلي ڪالوني جي رهواسين ٻڌايو ته صرف دهلي ڪالوني جي 10 گهٽين مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن 5 سالن ۾ جيمرز جي ڪري پنهنجا گهر وڪرو ڪيا، ساڳئي طرح پير الاهي بخش ڪالوني جون جيل جي ڀر واريون 8 گهٽيون ساڳي عذاب ۾ مبتلا آهن. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ به جيمر لڳڻ سبب سرفراز ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني، ڪلهوڙا ڪالوني ۽ ٻين علائقن جا لکين رهواسي پريشان آهن، سرڪار ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود جيلن کي محفوظ ته نه بڻائي سگهي پر جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ رهواسين لاءِ تڪليفون ئي پيدا ڪري سگهي، آخرڪار هن منصوبي کي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سرڪار فيصلو ڪيو آهي ته جيمر هٽايا ويندا.
ارڙهين ترميم کان اڳ قديم آثارن جي بجيٽ رڳو 2 لک رپيا هئي
ڪراچي: آڳاٽا آثار ارڙهين ترميم کان اڳ وفاق حوالي هجڻ سبب صوبي جي آثارن جي سار سنڀال لاءِ رڳو 2 لک رپيا ڏنا ويندا هئا. آرڪائيو کاتي جي ذريعن موجب ته ارڙهين ترميم کان اڳ سنڌ جي سموري قديم آثارن لاءِ وفاقي سرڪار کِل جوڳي رقم ڏيندي رهي. 2 لک روپيا بجيٽ رکي ويندي هئي. جنهن سان آڳاٽي آثارن جي ذري برابر به سنڀال نه ٿي سگھندي هئي. ارڙهين ترميم بعد قديم آثار سنڌ سرڪار حوالي ٿيڻ باوجود 72 کان مٿي تاريخي ڪردارن جون قبرون، مزارون ۽ يادگار سنڌ سرڪار پنهنجي ليکي ۾ ئي ناهن آندا.
اهم ماڳن ۽ مقبرن کي اهميت نه ملڻ ڪري نئون نسل انهن کان اڻواقف
ڪراچي: سنڌ حڪومت سرڪاري درجو نه هجڻ واري آڳاٽي آثارن تي قانوني طور تي خرچ ڪرڻ جي به پابند ناهي! ڄاڻايل آڳاٽا آثار قديم آثارن واري کاتي ۾ شامل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايندڙ نسلون مزاحمت، محبت، بادشاهي، مذهبي ڪردارن ۽ پيار، امن، حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ سميت انسانيت ذريعي پاڻ مڃرائيندڙ شخصيتن کي سُڃاڻي ئي نه سگھنديون. جيتوڻيڪ شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، مورڙو ميربحر سميت ٻين ڪيترن ئي ڪردارن کي نصاب تان مٽايو ويو آهي. پر سياحت، ثقافت ۽ قديمي آثارن واري کاتي جي بي ڌياني سبب ڄاڻايل ڪردار تاريخ تان به مٽجي وڃڻ جو خدشو آهي
ڪراچي جون 3 هزار قديم عمارتون به قومي ورثي ۾ شامل نه ٿيون
رڳو ملير ۽ اولهه ٻهراڙيءَ ۾ 105 قديم قبرون، مزارون ۽ يادگار آهن: گل حسن ڪلمتي
3 هزار کان 3500 تائين قديم عمارتون آهن پر ثقافت کاتي اهو ڪم رولڙي ۾ وجھي ڇڏيو آهي
ڪراچي: ڪراچي جون 3 هزار قديم عمارتون به قومي ورثي ۾ شامل ناهن، ان حوالي سان ناليواري تحقيقدان گُل حسن ڪلمتي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صرف ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ اولهه ٻهراڙيءَ ۾ 105 قديم قبرون، مزارون ۽ يادگار آهن. جڏهن ته 3 هزار کان 3500 تائين قديم عمارتون آهن. جيڪي قومي ورثيءَ ۾ شامل ٿيڻ گھرجن. پر معاملو عدالت ۾ هجڻ سبب قديم عمارتن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ وارو ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڪم رولڙي ۾ پيل آهي.
جيڪي آثار قومي ورثي ۾ ناهن انهن تي خرچ نه ٿا ڪري سگھون: ڪناسرو
مختلف قديم آثارن کي قومي ورثو بڻائڻ لاءِ سروي جو ڪم هلندڙ آهي
مورڙو ميربحر، هوش محمد سنڌي ۽ ٻين جي مقبرن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪبو
ڪراچي: ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي ) آرڪائيو منظور ڪناسرو “پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آڳاٽي آثارن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيم پاران سروي جو ڪم هلندڙ آهي. مورڙو ميربحر، مائي ڪلاچي، جنرل هوش محمد سنڌي سميت ٻين آڳاٽيءَ آثارن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته قومي ورثي ۾ جيڪي آثار قومي ورثي ۾ شامل ناهن انهن تي سرڪاري خرچ نه ٿا ڪري سگھون.
سنڌ جي 72 کان وڌيڪ پراڻن ماڳن کي قديم آثارن جو درجو نه مليو
قلندر شهباز جي مزار، صوفي شاھ عنايت شهيد، مورڙو ميربحر جي قبر، اروڙ مسجد سياحت کاتي جي نظر کان اوجھل
شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، سچل سرمست، دودو سومرو، چنيسر آريسر، هوشو شيدي نصاب ۾ شامل پر حڪمرانن جي نظر تي نه چڙهيا
ڪراچي: سنڌ جي 72 کان وڌيڪ قديم ماڳن کي سرڪاري سطح تي قديم آثارن جو درجو نه مليو، نصاب ۾ شامل ڪيئي تاريخي ماڳن کي سنڌ حڪومت سرڪاري طور قبولڻ لاءِ تيار ئي ناهي! قلندر شهباز جي مزار، شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، مورڙو ميربحر، اروڙ مسجد، جوهن جيڪب هائوس، هالا حويلي سميت ٻيا آڳاٽا آثار سياحت کي هٿيءَ وٺرائيندڙ کاتي کي نظر ئي نه آيا. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ جي سياحتي ماڳن کي هٿيءَ وٺرائڻ واري اداري سياحت پاران لڳ ڀڳ سنڌ جي ان سمورن آڳاٽن ۽ تاريخي ماڳن کي سرڪاري طرح قبول ڪرڻ ۽ قديم آثارن ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب آڳاٽن ماڳن جو وجود ئي خطري ۾ پئجي ويو آهي. ڪراچي ۾ منگھر مڇ کان ڀائرن کي بچائيندڙ معذور مزاحمتي ڪردار موڙو ميربحر، مائي ڪلاچي جي قبر، ٺٽي ضلعي ۾ درگاھ درسواريو ۽ قبرستان، پير پٺو قبرستان، گجو قبرستان، شاھ حسين درگاھ، پليجاڻي قبرستان، حيدر شاھ جو قبرستان، جاتي مندر، اڏيرو لال، حضرت شيخ ترابي قبرستان ۽ درگاھ، حضرت شيخ حالي (مندر ۽ قبرستان)، جوکيا قبرستان (اُٺن جي کوڙي)، محمد هاشم ٺٽويءَ، ضلعي بدين ۾ شاھ عبدالمجيد جي درگاھ، درگاھ حضرت محمد اسماعيل، شاھ محمد جي درگاھ، دودي سومري جو مقبرو، چنيسر جي قبر، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ جامع مسجد، نامعلوم قديم قبرون، هالا حويلي، اسماعيل شاھ بخاري جو مقبرو، ابراهيم شاھ جو مقبرو ضلعي سانگھڙ ۾ سانگھڙ قبرستان، جامع مسجد سوئي ڪنڊر ضلعي ڄامشوري ۾ برفت قبرستان جي مسجد، عزت خان برفت جو مقبرو، بخاريا مسجد، جنرل هوش محمد شيدي، لڪي شاھ صدر جي مزار، ضلعي خيرپور ميرس ۾ بارا دڙي، جھانگوخان شير جو مقبرو، سچل سرمست جي مزار، داد شهيد بادشاھ جي درگاھ ضلعي جيڪب آباد ۾ جوهن جيڪب قبرستان ۾ نامعلوم مقبرو، جوهن جيڪب جو قبرستان، وڪٽوريا ڪلاڪ ٽاور ضلعي مٽياري ۾ مير تاج محمد جو مقبرو، بجار خان ٽالپر (وڏو) جو مقبرو، مير صوبيدار ۽ مير بهرام علي خان جو مقبرو، مائي خيري جو مقبرو ضلعي سکر ۾ اروڙ مسجد، ايوب برج، حُرن جي جيل ضلعي دادو ۾ قلندر شهباز جي مزار، جوهي مندر، اروڙا مقام، راوت فقير جو مقبرو ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ صوفي شاھ عنايت شهيد، شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو سميت مختلف ضلعن ۾ 72 کان مٿي آڳاٽا ماڳ آهن جيڪي سرڪاري طور سياحت واري کاتي ۾ شامل نه هجڻ ۽ بي ڌياني سبب خطري هيٺ آهن. جڏهن ته ڄاڻايل آڳاٽن ماڳن مان شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، سچل سرمست، دودو سومرو، چنيسر آريسر، جنرل هوش محمد سنڌي نصاب ۾ به شامل رهيا آهن. جن مان ڪيئي نالا نصاب مان نڪري وڃڻ ۽ سرڪاري سطح تي قبول نه ٿيڻ سبب ايندڙ نسلن جي ڄاڻ کان رهجي ويندا.