fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

مڪاني چونڊ:سنڌ ۾پ پ 43 سيٽن تي سوڀاري،متحده 15 سيٽون کڻي وئي،7 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب

ڪراچي جون 10 سيٽون متحده ٻهاري وئي،پيپلز پارٽي به 8سيٽون کڻي ٻئي نمبر تي رهي،پي ٽي آءِ کي رڳو هڪ سيٽ نصيب ٿي سگهي

نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي،ننڍي چونڊ جي موقعي تي حفاظتي انتظام سخت رهيا،اڪثر ضلعن ۾ چونڊ عمل پر امن رهيو

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خالي ٿيل بلدياتي سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي 43 سيٽن تي سوڀاري ٿي وئي آهي،متحده قومي موومينٽ 15 سيٽن سان ٻئي نمبر تي رهي ،7 سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پي ٽي آءِ  ۽ اي اين پي هڪ هڪ سيٽ ماڻي سگهي.سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڪراچي ۾ ننڍي مڪاني چونڊن جي 22 يوسي تڪن جي غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب ايم ڪيو ايم 10 سيٽون کڻي پهرين نمبر تي، پ پ پ 8 سيٽون کڻي ٻئي ۽  جڏهن ته عام چونڊن ۾ پهريون نمبر ماڻيندڙ پي ٽي آءِ رڳو يو سي چيئرمين جي هڪ سيٽ کٽي ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي هڪ ۽ ٻن سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي ،حيدرآباد جي مڪاني ادارن جي ٽن سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي متحده قومي موومينٽ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته هڪڙي سيٽ تي پ پ اميدوار کٽي ويو. ميرپورخاص جي ٽن سيٽن تي متحده ڪاميابي ماڻي، نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ مليا،  جڏهن ته پنو عاقل ۾  يوسي نوراجا وارڊ نمبر 4 ۾  ڪائونسلر سيٽ تي آزاد اميدوار آدم مهر 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. سانگهڙ جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي ڊي اي اميدوار آفاق قريشي کي 504 ووٽ مليا.عمرڪوٽ جي يوسي مردان شاهه ۾ ف ليگ جو عازي سمون 1643 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، هن سيٽ تي  پ پ جي روشن راهمون کي 1354 ووٽ مليا.  سکر جي يوسي 17 نيو پنڊ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار گل محمد 535 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته  پي ٽي آءِ جو محمد نعيم هارائي ويو. گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ 1770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ارشد لکڻ 739 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.  ملير جي يوسي ڪاٺوڙ تي پ پ اميدوار دادا ڪريم بلوچ 2735 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 717 ووٽ کڻي سگهيو. ماتلي جي وارڊ نمبر 7 ۾ پ پ جي عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار منير نظاماڻي کي 926 ووٽ مليا. نوشهروفيروز ۾ يوسي ڪوٽ ستابو ۾ مير محمد عالماڻي 1309ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي آصف عالماڻي 500 ووٽ مليا.  پيرڳوٺ جي يوسي راهوجا ۾ آزاد اميدوار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کڻي سگهيو.  ٺري ميرواهه جي  يوسي مانڊڻ وارڊ 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي منور ملاح کي 355 ووٽ مليا.   ملير جي يوسي ڄام مراد علي تي آزاد اميدوار صدام بلوچ 1947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته پ پ جي عرفان جوکيو کي 1835 ووٽ مليا. قاضي احمد جي يوسي گهرام مري جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نياز حسين مهر 650 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. خيرپور جي يوسي اڀڙي وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو غلام علي ڪنڌر 531 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،سندس مخالف اميدوار حنيف تنيو کي 182 ووٽ مليا،ٺٽي جي  يوسي ڇتو چنڊ ۾ پ پ جو حيدر شاهه شيرازي 1632 ووٽ کڻي ڪامياب سندس مخالف پي ٽي آءِ جي عظيم بروهي کي 112 ووٽ مليا.خيرپورجي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ پ پ اميدوار محمد بخش ميتلو 232 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،خيرپورميرس جي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ ف ليگ اميدوار سراج احمد کنڀڙو 34 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپورجي يوسي مانڊڻ وارڊ نمبر 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 457 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ جي منور ملاح کي 349 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ آزاد اميدوار عبدالوحيد شيخ 432 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ پ پ اميدوار شاهد شيخ 317 ووٽ کڻي هارائي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ آزاد اميدوار حفيظ ڦلپوٽو 317 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ پ پ اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو 292 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپور جي يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ پ پ اميدوار نظر شر 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ ف ليگ اميدوار غلام الدين شر 345 ووٽ کڻي هارائي ويو،يوسي گمبٽ وارڊ 11 ف ليگ جو منور ميمڻ 468 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي يوسف ميمڻ کي 298 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي کهڙا جي وارڊ 7 ۾ پ پ اميدوار اسحاق ناريجو 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته ف ليگ اميدوار غوث محمد لاشاري 118 ووٽ کڻي هارائي ويو. پيرڳوٺ لڳ يوسي راهوجا جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار مير غلام عباس ٽالپر 926 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کنيان، ف ليگ جي ڪريم الدين ملڪ ڪل 550 ووٽ کنيان، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي وارڊ نمبر 4 تي پڻ ضمني چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ 230۽ ف ليگ اميدوار سراج الدين کنڀڙو ڪل 36 ووٽ کڻي سگھيو.حيدرآباد جي مڪاني ادارن جي ٽن سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي متحده قومي موومينٽ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته هڪڙي سيٽ تي پ پ اميدوار کٽي ويو، اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب يونين ڪاميٽي نمبر 21 حيدرآباد سٽي جي چيئرمين جي سيٽ تي متحده قومي موومينٽ جو پرويز وسيم 1005 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، آزاد اميدوار محمد امتياز عالم 441 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، هن سيٽ تي پ پ جي محمد بلاول سهتو صرف 21 ووٽ حاصل ڪيا، يونين ڪامٽي 53 تي چيئرمين جي سيٽ تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ جي اميدوار سيد سجاد علي شاه 1340 ووٽ کڻي، ڪامياب ٿيو آهي، هن سيٽ تي ايم ڪيو ايم جي جهانگير ڪاڪا کي 705 ووٽ مليا، آزاد اميدوار عبدالرحيم 270 ووٽ کڻي ٽيئن نمبر تي، پي ٽي آءِ جو ولي محمد 213 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي رهيو، يونين ڪاميٽي 87 جي وارڊ هڪ تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جو شعيب الحسن 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، هن سيٽ تي پ پ جي عنايت علي خان کي 106 ووٽ مليا، جڏهن ته آزاد اميدوار نور علي هڪ ووٽ به حاصل نه ڪري سگهيو. ننڍي چونڊ جي لاءِ مجموعي طور 10 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري، سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب احمدپور جي ٽائون ڪميٽي وارڊ 04 جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي جو اميدوار محمد بخش ميتلو 232 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جو اميدوار سراج احمد کنڀڙو 34 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي مانڊڻ وارڊ 02 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار امتياز شر 457 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار منور علي ملاح صرف 349 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي ون جي وارڊ 03 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار عبدالوحيد شيخ 432 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار شاهد شيخ فقط 363 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 02 جي وارڊ 01 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار عبدالحفيظ ڦلپوٽو 317 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو 292 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي هنڊياري جي وارڊ 03 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار نظر شر 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مسلم ليگ فنڪشنل اميدوار غلام الدين شر فقط 345 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي گمبٽ جي وارڊ نمبر 11 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي مسلم ليگ فنڪشنل اميدوار منور ميمڻ 468 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار يوسف ميمڻ فقط 298 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي اڀڙي جي وارڊ 04 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار غلام علي ڪنڌر 528 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته آزاد اميدوار محمد حنيف تنيو فقط 182 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي کهڙا جي وارڊ 07 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار اسحاق ناريجو 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مسلم ليگ فنڪشل اميدوار غوث محمد لاشاري فقط 118 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي راهوجا جي چيئرمين واري سيٽ تي آزاد اميدوار مير غلام عباس ٽالپور 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ  پ اميدوار 849 ووٽ کنيا جڏهن ته ف ليگ اميدوار ڪريم ملڪ 530 ووٽ کڻي سگهيو.  ياد رهي ته ضلع ڪائونسل جي چار سيٽن، چار ٽائون ڪميٽين جي سيٽن، پنجن يونين ڪائونسلن جي سيٽن، ڇهه ميونسپل ڪميٽي، هڪ يوسي چيئرمين سميت ٽوٽل سورنهن خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊ ٿي جنهن ۾ 6 اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن طرفان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته رهيل 10 سيٽن تي فنڪشنل مسلم ليگ، پيپلزپارٽي ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ مقابلا ٿيا.

ميرپور خاص جي ميرپور خاص جي ٽن سيٽن تي متحده اميدوار ڪامياب ٿيا،وارڊ نمبر 6 تي متحده اميدوار رئيس الدين 451 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي اشتياق بيگ کي 331 ووٽ مليا،وارڊ 39 ۾ متحده اميدوار جنيد قريشي 690 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي جاويد پنهور کي 68 ووٽ مليا،وارڊ 23 تي متحده اميدوار محمد عمران 496 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ اميدوار نعيم بابا کي 291 ووٽ مليا.نواب شاهه جي  يوسي گهرام مري وارڊ 3 ۾ پ پ جو نياز مهر 615 ووٽ کڻي ڪامياب، ايس يو پي جي موسيٰ جوڻو کي 272 ووٽ مليا،يوسي نصير ڍانڍو وارڊ 107 تي پ پ جو واحد بخش ۽ يوسي کنڀڙا وارڊ 37 تي پ پ جو نور احمد ڀارو بنا مقابلي ڪامياب ٿيو،يوسي پٽڻي 15 ۾  پ پ جو امتياز ڇڄڻ 2499 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي ڊي اي اميدوار اصغر ڇڄڻ کي 1667 ووٽ مليا،لوئي يوسي جي چيئرمن واري سيٽ تي ننڊي چونڊ ۾ ارباب لطف الله حامي پ پ پ  اميدوار غلام نبي لنڊ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 2790 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،سندس مقابلي ۾ ارباب گروپ ۽ پ پ پ اڳواڻ محمد خان لنڊ جو گڏيل حمايت يافته  آزاد اميدوار الهجهڙيو لنڊ 2350 ووٽ کڻي هارائي ويو. ڪامياب ٿيل پ پ پ اميدوار ايم پي اي ارباب لطف الله جو حامي ۽ هارايل اميدوار کي ارباب گروپ ۽ پ پ پ جي ناراض اڳواڻ محمد خان لنڊ جي حمايت حاصل هئي. بدين جي ٻن تعلقن ۾ به يو سي چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر جي هڪ هڪ سيٽ لاء غير سرڪاي نتيجن موجب ٻنهي سيٽن تي پ پ پ جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي ماتلي جي وارڊ ست تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ لاء پ پ پ عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته سندس مقابلو ڪندڙ آزاد اميدوار منيراحمد نظاماڻي 926 ۽ پي ٽي آئي اميدوار محمد ڪمبوه 150 ووٽ کنيا ،ٽنڊي باگي جي يوسي خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جي سيٽ تي پ پ پ جي اميدوار علي احمد نظاماڻي 3100 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي سندس مقابلي ۾ بيٺل جي ڊي اي اميدوار قاري موسى زنگيجو 776 ووٽ حاصل ڪري هارائي ويو.ٽنڊ الهيارضلعي بلدياتي اليڪشن ۾ خالي ٿيل ٽن سيٽن نصرپور ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 6 يوسي راوت لغاري  ۽ ڊاسوڙي جي وارڊ 4 تي ضمني اليڪشن ٿي جنهن ۾ ٽنهي سيٽن تي پ پ جا اميدوار سوڀارا ٿيا.نصرپور جي وارڊ 6 جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ جي سيد سجاد شاه ۽ آزاد اميدوار وحيد پليجو وچ ۾ مقابلو ٿيو ، پ پ جي سيد سجاد شاه 717 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ آزاد اميدوار بيٺل وحيد پليجو 55 ووٽ کڻي سگهيو،يوسي راوت لغاري ۾ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ جي هاشم نونداڻي ۽ آزاد اميدوار محمد خان جلباڻي جو وچ ۾ مقابلو ٿيو،پ پ جو اميدوار 3831 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار 1661 ووٽ کڻي سگهيو ، ڊاسوڙي جي وارڊ 4 تان پ پ جو اميدوار خليل بلوچ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو پ پ جي ڪاميابي بعد نصرپور ۾ سيد سجاد شاه حامين پاران ريلي ڪڍي مٺايون ورهايون ويون.سکر ۾ بلدياتي ضمني چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي پ پ اميدوار ڪامياب۔هڪ سيٽ تي پ پ اميدوار کي آزاد اميدوار هٿان شڪست۔ ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر جي  يونين ڪاميٽي 17 نيوپنڊ  جي وارڊ نمبر 4 جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو اميدوار گل محمد خان 535 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، تحريڪ انصاف جو اميدوار  محمد نعيم خان 401 ووٽ کنيا ، يونين ڪائونسل پٽڻي جي سيٽ تي پ پ اميدوار اعجاز ڇڃڻ غيرحتمي غيرسرڪاري نتيجن موجب 2513 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي جڏهن ته آزاد اميدوار اصغر علي 2099 ووٽ کنيا، يوسي نوراجا جي ڪائونسلر جي سيٽ تي سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پ پ جي اميدوار عبدالحق مهر 221 ووٽ کڻي سگهيو جڏهن ته آزاد اميدوار آزاد خان 393 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ رٽرننگ آفيسر يار محمد جوڻيجو پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر جي لاءِ خالي ٿيل يوسي گهمرا جي سيٽ تي برهان ولد الهوسايو گهمرو بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو هو، جڏهن ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ٻن يونين ڪاميٽين جي وارڊن يوسي پير الاهي بخش جي وارڊ نمبر هڪ تي الطاف حسين ۽ يوسي غريب آباد جي وارڊ نمبر 3   محمد عثمان  جنرل ڪائونسلر طور  بنامقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن۔ گهوٽڪي جي ٽن سيٽن تي چونڊ ۾ ٽيئي سيٽون پيپلز پارٽي کٽي ورتيون،نوشهرو فيروز جي  يوسي ستابو جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار ۽ ٽائون ڪميٽي هالاڻي جي سيٽ تي پ پ اميدوار شاهد گاڏهي ڪاميابي ماڻي .سانگهڙ جي  شهدادپور ۽ ٽنڊوآدم جي خالي ٿيل 5 سيٽن تي ئي پيپلز پارٽي جا بيٺل اميدوار ڪامياب ٿيا جن ۾ غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب يوسي صدرٺ تي ضلع ڪائونسل اميدوار پ پ جي ظفر بصرا جو جي ڊي اي اميدوارنظام جاٽ سان مقابلو هو پ پ جي ظفر بصرا 2825 جي ڊي اي نظام جاٽ 1555 ووٽ کنيا  جڏهن سانگهڙ ميونسپل تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 جي ڊي اي جي آفاق قريشي 504 ووٽ کڻي سگهيو،ٽنڊو آدم جي يوسي دين محمد مان پ پ جو حمايتي اميدوار محمد شريف مري 592 ۽ آزاد اميدوار سائين بخش خاصخيلي 349 ووٽ کنيا تعلقا شهدادپور جي يوسي جمع ۾ پ پ منٺار ملاڻي جو راڄوڻي اتحاد جي نثار ٻگهيو سان مقابلو جنهن ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ جو منٺار ملاڻو 4167 ووٽ کنيا راڄوڻي اتحاد جي نثار ٻگهيو 22 ووٽ کنيا.

عمرڪوٽ ۾ ووٽنگ دوران جهيڙو،ايجنٽ عورتن کي گارگند،3 گرفتار،پ پ جو نتيجا مڃڻ کان انڪار

يونين ڪائونسل شاھ مردان شاھ ۾ چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ دوران پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو  ٿي پيو

پولنگ اسٽيشن مٺو راڄڙ ۽ پولنگ اسٽيشن ترڪو منڱريو تي اسان جي پولنگ ايجنٽ عورتن سان گار گند ڪئي وئي: پ پ اڳواڻ

چونڊ نتيجن کي نٿا مڃون، ٻيهر آر او آفيس ۾ صاف شفاف ڳڻپ ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ عدالت ۾ درخواست داخل ڪنداسين

عمرڪوٽ:عمرڪوٽ ضلعي جي يونين ڪائونسل شاھ مردان شاھ ۾ چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ فنڪشنل ليگ اميدوار غازي خان سمون 1667 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آھي، جڏھن تہ مخالف پ پ اميدوار روشن الدين راھمون 1303 ووٽ حاصل ڪيائين جڏھن ته ف ليگ اميدوار جي ڪاميابي کي پ پ اميدوار نتيجن کي ڌانڌلي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ تي ھنگامي ڪانفرنس ڪندي شاه مردان شاه يوسي چئيرمين پ پ اميدوار روشن راهمون, وڪيل شوڪت راهمون, پ پ يوٿ ونگ سنڌ جي جنرل سڪريٽري اعظم نوحاڻي،غلام حسين آريسر،نورجهان ڳيلهڙو،گلزاره سمون ۽ ٻين چيو ته پولنگ اسٽيشن مٺو راڄڙ ۽ پولنگ اسٽيشن ترڪو منڱريو تي اسان جي پولنگ ايجنٽ عورتن سان گار گند ڪئي وئي انهن کي ڌڪا ڏئي ووٽن جي ڳڻپ وقت پولنگ کان ٻاهر ڪڍيو سرعام ڌانڌلي ڪئي وئي ، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ٻيهر آر او آفيس ۾ صاف شفاف ڳڻپ ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪنداسين ،ووٽنگ دوران ڳوٺ مٺو ٺاراڻي ۾ پ پ جا ووٽر روڪڻ تي جھيڙو پڻ ٿيو پوليس پاران 3 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا.

خيرپور ۾ 6 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار

بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ سمورن اميدوارن جو تعلق پ پ سان آهي

اليڪشن ڪميشن طرفان بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙن جو نوٽيفڪيشن جاري

خيرپور:اليڪشن ڪميشن طرفان خيرپور جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ مختلف وارڊن جي بنا مقابلي پيپلزپارٽي جي ڇهه اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جيڪي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن انهن ۾ تعلقه ٺري ميرواهه جي يونين ڪائونسل تلي تان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي خالي ٿيل ميمبر واري سيٽ تي پيپلزپارٽي جو فرزند علي شر بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. جڏهن ته يونين ڪائونسل مانڊڻ تان پڻ پيپلزپارٽي جو اميدوار فدا حسين دستي پڻ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. تعلقه ڪوٽڏيجي جي يونين ڪائونسل جسڪاڻي تان پيپلزپارٽي جو اميدوار نعيم رضا وساڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي خالي ٿيل سيٽ تان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. ان کان علاوه يوسي ڪنب جي وارڊ نمبر 01 تان خالي ٿيل جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پيپلزپارٽي جو اميدوار احمد نواز سولنگي جڏهن ته يوسي پير حيات شاهه جي وارڊ نمبر چار جي خالي ٿيل سيٽ تي سليم علي بهليم جيڪو پڻ پپيلزپارٽي جو اميدوار هو پڻ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. ان کان علاوه يوسي ٻيلهاڙو ۾ ضلعي ڪائونسل جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي جو وليداد کهڙو جيڪو پڻ پيپلزپارٽي جو نامزد اميدوار هو پڻ اليڪشن ڪميشن طرفان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي.

ڪراچي ۾ پي ايس پي آفيس تي فائرنگ، ڪارڪن قتل

ناظم آباد ۾ ٽائون آفيس تي فائرنگ ٿي، مارجي ويل جي اظهر طور سڃاڻپ

فائرنگ ۾ فهد، نعيم ۽ ناصر زخمي ٿي پيا، زخمي عباسي شهيد اسپتال منتقل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ايس پي جي ٽائون آفيس تي فائرنگ، هڪ ڪارڪن مارجي ويو، ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، ناظم آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن پي ايس پي جي ٽائون آفيس تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته فهد، نعيم ۽ ناصر زخمي ٿي پيا، زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، ريسيڪو جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڪارڪنن جي اظهر جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي.

سي پيڪ ڪاميٽي ۾ سنڌ جون وڌيڪ 2 رٿائون پيش ڪيون اٿم: مراد شاھ

سنڌوءَ جي چينلائيزيشن وڏو منصوبو آهي، جنهن سان پاڻي محفوظ ٿيندو ۽ سم ۽ ڪلر تي ضابطو ايندو

چيني اختيارين سنڌ حڪومت جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪندي رٿائن کي جي سي سي ڏانهن موڪليو آھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ لاءِ سي پيڪ ۾ سماجي، معاشي ترقيءَ ۽ زراعت جون وڌيڪ ٻه رٿائون شامل ڪيون وينديون ۽ ان سان صوبي جي گڏيل ترقي تي چڱا اثر پوندا. هن اها ڳالهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا (ايس زيڊ بي ايل يو) ڪورنگي ڪئمپس جي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (جي سي سي) سي پيڪ جو هڪ اعليٰ فورم آهي ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين چين ۾ ان جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. هن چيو ته سي پيڪ اٿارٽيز سندن رٿائن واري فهرست ۾ وڌيڪ ٻن شعبن زراعت ۽ سماجي معاشي ترقي شامل ڪيا آهن. هن چيو ته جي سي سي ۾ ٻن رٿائن کي پيش ڪيو ۽ وڏي اميد آهي ته مارچ ۾ لاڳاپيل جوائنٽ ورڪنگ گروپ واري اجلاس ۾ انهن جي منظوري ڏني ويندي. رٿائن جا تفصيل ٻڌائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي گڊو بئراج کان سکر بئراج تائين 180 ڪلوميٽرن جي چئنلائيزيشن جو هڪ ميگا پروجيڪٽ ڪيو آهي. هن چيو ته اهو هڪ ميگا پروجيڪٽ آهي ۽ صوبائي حڪومت انهن جون سموريون لاڳاپيل فارملٽيز کي مڪمل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ جوائنٽ ورڪنگ گروپ ذريعي انهن کي سي پيڪ اٿارٽيز کان حتمي منظوريءَ لاءِ موڪليو ويندو. هن چيو ته سنڌوءَ تي چئنلائيزيشن زراعت واري شعبي جي ترقيءَ لاءِ هڪ وڏي رٿا ثابت ٿيندي. هن چيو ته ان سان نه رڳو پاڻي محفوظ ٿيندو پر درياهه جي ٻنهي پاسن تي آباد ضلعن ۾ سم، ڪلر ۽ کاري پاڻيءَ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. چئنلائيزيشن ڪري علائقن کي ٻوڏ کان پڻ تحفظ حاصل ٿيندو ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ وڏي پئماني تي زرعي زمينن کي ترقي ڏئي سگهبي، سماجي ۽ معاشي شعبي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته چائنيز اٿارٽيز کي ٻڌايو آهي ته ٿر فائونڊيشن ٿر ۾ تعليم، صحت، سماجي جنگلات ۽ بائيوسيلن ايگريڪلچر لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته چائنيز اٿارٽيز کي چيو آهي ته اهي ٿر فائونڊيشن لاءِ ان رٿا جي منظوري ڏني وڃي ته جيئن ٿر جي علائقي ۾ جتي سي پيڪ رٿائن تحت ڪوئلي مان هلندڙ پاور پلانٽس قائم ڪيا پيا وڃن اهي انهن تي عملدرآمد ڪري سگهن. مراد علي شاهه چيو ته چائنيز اٿارٽيز صوبائي حڪومت جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي ۽ رٿائن کي جوائنٽ ورڪنگ گروپ ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جنهن جو مارچ 2019ع ۾ اجلاس منعقد ٿيندو ۽ مونکي پڪ آهي ته اهي اٿائون منظور ڪيون وينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڻ هو ته سندس حڪومت صوبائي اسيمبليءَ جي گذريل سيشن دوران اسٽنڊنگ ڪميٽيز مقرر ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهي ڪميٽيون اسيمبليءَ متعين ڪندي آهي ۽ اسان ايندڙ اسيمبليءَ جي سيشن ۾ اهڙيون مقرريون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. انهيءَ کان پهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاء جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ان يونيورسٽيءَ سان منهنجو تمام گهڻو تعلق آهي ڇاڪاڻ ته اهو ادارو منهنجي عظيم قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان لاڳاپيل آهي. 23 پاس آئوٽ لاء گريجوئيٽس کي واڌايون ڏيندي هن چيو ته لاء يونيورسٽيءَ جيڪو سفر شروع ڪيو آهي اهو ڪاميابيءَ واري رستي ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن چيو ته اها يونيورسٽي ملڪ جي تاريخ جي پهرين لاء يونيورسٽي آهي ۽ اڄ اها يونيورسٽي مالي طور تي پڻ مستحڪم ادارو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هتان کان گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگرد سڀاڻي وڪيل ۽ جج ٿيندا. هن چيو ته اسانجي انصاف واري شعبي جي ڪاميابيءَ جو دارومدار گريجوئيٽ ٿيندڙ انهن نوجوانن تي منحصر آهي، هن وڌيڪ چيو ته اها يونيورسٽي جوڊيشل سيڪٽر کي بهترين افرادي قوت مهيا ڪري رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اڄ جا لاء گريجوئيٽس سندن پروفيشن کي ايمانداري، سچائي ۽ لگن سان اڳتي وڌائيندا. وڏي وزير يونيورسٽي جي وائس چانسلر قاضي خالد کي يقين ڏياريو ته کين فنڊ فراهم ڪيا ويندا ته جيئن يونيورسٽيءَ جو ڪورنگي ۾ واقع تعمير هيٺ ڪئمپس جي عمارت مڪمل ٿي سگهي. انهيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاء جي وائس چانسلر ڊاڪٽر قاضي خالد سپاس نامو پيش ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايل ايل ايم ۽ ايل ايل بي پاس آئوٽ ڪندڙ شاگردن کي ڊگريون عطا ڪيو، جن ۾ ايل ايل ايم بيچ 2016ع جي مس عظمت کي سوني جو تمغو، ذوالفقار علي کي چانديءَ جو تمغو، نظام الدين کي پتل جو تمغو ۽ ايل ايل بي بيچ 2015ع جي جهانزيب کي سون ۽ ذڪيا طالب کي چانديءَ جو تمغو حاصل ڪيو.

مڪاني چونڊ:پ پ 31 سيٽن تي سوڀاري: متحدھ 5 سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب: پي ٽي آءِ آئوٽ

پيپلز پارٽي خيرپور ۾ 6،نوابشاهه ۾ 4،ٽنڊي الهيار ۾ 2،گهوٽڪي ۾ 3بدين ۾ ٻن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي

متحده حيدرآباد جي ٻن ۽ ميرپورخاص جي ٽن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي،5 آزاد اميدوار به ڪامياب ٿيا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن جي 65 خالي بلدياتي سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب هن وقت تائين 31 سيٽن تي پيپلز پارٽي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي،متحده قومي موومينٽ ۽ آزاد اميدوار پنجن پنجن سيٽن سان ٻئي نمبر تي رهيا
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊون پوريون ٿيڻ بعد غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد جي مڪاني ادارن جي ٽن سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي متحده قومي موومينٽ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته هڪڙي سيٽ تي پ پ اميدوار کٽي ويو. ميرپورخاص جي ٽن سيٽن تي متحده ڪاميابي ماڻي، نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ مليا، جڏهن ته پنو عاقل ۾ يوسي نوراجا وارڊ نمبر 4 ۾ ڪائونسلر سيٽ تي آزاد اميدوار آدم مهر 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. سانگهڙ جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي ڊي اي اميدوار آفاق قريشي کي 504 ووٽ مليا.
عمرڪوٽ جي يوسي مردان شاهه ۾ ف ليگ جو عازي سمون 1643 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، هن سيٽ تي پ پ جي روشن راهمون کي 1354 ووٽ مليا. سکر جي يوسي 17 نيو پنڊ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار گل محمد 535 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو محمد نعيم هارائي ويو. گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ 1770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ارشد لکڻ 739 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ملير جي يوسي ڪاٺوڙ تي پ پ اميدوار دادا ڪريم بلوچ 2735 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 717 ووٽ کڻي سگهيو.
ماتلي جي وارڊ نمبر 7 ۾ پ پ جي عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار منير نظاماڻي کي 926 ووٽ مليا. نوشهروفيروز ۾ يوسي ڪوٽ ستابو ۾ مير محمد عالماڻي 1309ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي آصف عالماڻي 500 ووٽ مليا. پيرڳوٺ جي يوسي راهوجا ۾ آزاد اميدوار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کڻي سگهيو. ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ وارڊ 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي منور ملاح کي 355 ووٽ مليا.
ملير جي يوسي ڄام مراد علي تي آزاد اميدوار صدام بلوچ 1947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته پ پ جي عرفان جوکيو کي 1835 ووٽ مليا. قاضي احمد جي يوسي گهرام مري جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نياز حسين مهر 650 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. خيرپور جي يوسي اڀڙي وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو غلام علي ڪنڌر 531 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،سندس مخالف اميدوار حنيف تنيو کي 182 ووٽ مليا،ٺٽي جي يوسي ڇتو چنڊ ۾ پ پ جو حيدر شاهه شيرازي 1632 ووٽ کڻي ڪامياب سندس مخالف پي ٽي آءِ جي عظيم بروهي کي 112 ووٽ مليا.
خيرپورجي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ پ پ اميدوار محمد بخش ميتلو 232 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،خيرپورميرس جي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ ف ليگ اميدوار سراج احمد کنڀڙو 34 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپورجي يوسي مانڊڻ وارڊ نمبر 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 457 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ جي منور ملاح کي 349 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ آزاد اميدوار عبدالوحيد شيخ 432 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ پ پ اميدوار شاهد شيخ 317 ووٽ کڻي هارائي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ آزاد اميدوار حفيظ ڦلپوٽو 317 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ پ پ اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو 292 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپور جي يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ پ پ اميدوار نظر شر 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ ف ليگ اميدوار غلام الدين شر 345 ووٽ کڻي هارائي ويو،يوسي گمبٽ وارڊ 11 ف ليگ جو منور ميمڻ 468 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي يوسف ميمڻ کي 298 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي کهڙا جي وارڊ 7 ۾ پ پ اميدوار اسحاق ناريجو 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته ف ليگ اميدوار غوث محمد لاشاري 118 ووٽ کڻي هارائي ويو.
پيرڳوٺ لڳ يوسي راهوجا جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار مير غلام عباس ٽالپر 926 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کنيان، ف ليگ جي ڪريم الدين ملڪ ڪل 550 ووٽ کنيان، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي وارڊ نمبر 4 تي پڻ ضمني چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ 230۽ ف ليگ اميدوار سراج الدين کنڀڙو ڪل 36 ووٽ کڻي سگھيو
حيدرآباد جي مڪاني ادارن جي ٽن سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي متحده قومي موومينٽ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته هڪڙي سيٽ تي پ پ اميدوار کٽي ويو، اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب يونين ڪاميٽي نمبر 21 حيدرآباد سٽي جي چيئرمين جي سيٽ تي متحده قومي موومينٽ جو پرويز وسيم 1005 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، آزاد اميدوار محمد امتياز عالم 441 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، هن سيٽ تي پ پ جي محمد بلاول سهتو صرف 21 ووٽ حاصل ڪيا، يونين ڪامٽي 53 تي چيئرمين جي سيٽ تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ جي اميدوار سيد سجاد علي شاه 1340 ووٽ کڻي، ڪامياب ٿيو آهي، هن سيٽ تي ايم ڪيو ايم جي جهانگير ڪاڪا کي 705 ووٽ مليا، آزاد اميدوار عبدالرحيم 270 ووٽ کڻي ٽيئن نمبر تي، پي ٽي آءِ جو ولي محمد 213 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي رهيو، يونين ڪاميٽي 87 جي وارڊ هڪ تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جو شعيب الحسن 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، هن سيٽ تي پ پ جي عنايت علي خان کي 106 ووٽ مليا، جڏهن ته آزاد اميدوار نور علي هڪ ووٽ به حاصل نه ڪري سگهيو. ننڍي چونڊ جي لاءِ مجموعي طور 10 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري، سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.
اليڪشن ڪميشن طرفان خيرپور جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ مختلف وارڊن جي بنا مقابلي پيپلزپارٽي جي ڇهه اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جيڪي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن انهن ۾ تعلقه ٺري ميرواهه جي يونين ڪائونسل تلي تان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي خالي ٿيل ميمبر واري سيٽ تي پيپلزپارٽي جو فرزند علي شر بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. جڏهن ته يونين ڪائونسل مانڊڻ تان پڻ پيپلزپارٽي جو اميدوار فدا حسين دستي پڻ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. تعلقه ڪوٽڏيجي جي يونين ڪائونسل جسڪاڻي تان پيپلزپارٽي جو اميدوار نعيم رضا وساڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي خالي ٿيل سيٽ تان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. ان کان علاوه يوسي ڪنب جي وارڊ نمبر 01 تان خالي ٿيل جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پيپلزپارٽي جو اميدوار احمد نواز سولنگي جڏهن ته يوسي پير حيات شاهه جي وارڊ نمبر چار جي خالي ٿيل سيٽ تي سليم علي بهليم جيڪو پڻ پپيلزپارٽي جو اميدوار هو پڻ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي. ان کان علاوه يوسي ٻيلهاڙو ۾ ضلعي ڪائونسل جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي جو وليداد کهڙو جيڪو پڻ پيپلزپارٽي جو نامزد اميدوار هو پڻ اليڪشن ڪميشن طرفان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهي.
هوڏانهن غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب احمدپور جي ٽائون ڪميٽي وارڊ 04 جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي جو اميدوار محمد بخش ميتلو 232 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جو اميدوار سراج احمد کنڀڙو 34 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي مانڊڻ وارڊ 02 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار امتياز شر 457 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار منور علي ملاح صرف 349 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي ون جي وارڊ 03 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار عبدالوحيد شيخ 432 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار شاهد شيخ فقط 363 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 02 جي وارڊ 01 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار عبدالحفيظ ڦلپوٽو 317 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو 292 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي هنڊياري جي وارڊ 03 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار نظر شر 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مسلم ليگ فنڪشنل اميدوار غلام الدين شر فقط 345 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي گمبٽ جي وارڊ نمبر 11 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي مسلم ليگ فنڪشنل اميدوار منور ميمڻ 468 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار يوسف ميمڻ فقط 298 ووٽ کڻي سگهيو. يوسي اڀڙي جي وارڊ 04 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار غلام علي ڪنڌر 528 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته آزاد اميدوار محمد حنيف تنيو فقط 182 ووٽ کڻي سگهيو. ٽائون ڪميٽي کهڙا جي وارڊ 07 لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار اسحاق ناريجو 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مسلم ليگ فنڪشل اميدوار غوث محمد لاشاري فقط 118 ووٽ کڻي سگهيو.
يوسي راهوجا جي چيئرمين واري سيٽ تي آزاد اميدوار مير غلام عباس ٽالپور 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار 849 ووٽ کنيا جڏهن ته ف ليگ اميدوار ڪريم ملڪ 530 ووٽ کڻي سگهيو. ياد رهي ته ضلع ڪائونسل جي چار سيٽن، چار ٽائون ڪميٽين جي سيٽن، پنجن يونين ڪائونسلن جي سيٽن، ڇهه ميونسپل ڪميٽي، هڪ يوسي چيئرمين سميت ٽوٽل سورنهن خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊ ٿي جنهن ۾ 6 اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن طرفان بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته رهيل 10 سيٽن تي فنڪشنل مسلم ليگ، پيپلزپارٽي ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ مقابلا ٿيا.
ميرپور خاص جي ميرپور خاص جي ٽن سيٽن تي متحده اميدوار ڪامياب ٿيا،وارڊ نمبر 6 تي متحده اميدوار رئيس الدين 451 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي اشتياق بيگ کي 331 ووٽ مليا،وارڊ 39 ۾ متحده اميدوار جنيد قريشي 690 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي جاويد پنهور کي 68 ووٽ مليا،وارڊ 23 تي متحده اميدوار محمد عمران 496 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ اميدوار نعيم بابا کي 291 ووٽ مليا.
نواب شاهه جي يوسي گهرام مري وارڊ 3 ۾ پ پ جو نياز مهر 615 ووٽ کڻي ڪامياب، ايس يو پي جي موسيٰ جوڻو کي 272 ووٽ مليا،يوسي نصير ڍانڍو وارڊ 107 تي پ پ جو واحد بخش ۽ يوسي کنڀڙا وارڊ 37 تي پ پ جو نور احمد ڀارو بنا مقابلي ڪامياب ٿيو،يوسي پٽڻي 15 ۾ پ پ جو امتياز ڇڄڻ 2499 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي ڊي اي اميدوار اصغر ڇڄڻ کي 1667 ووٽ مليا
عمرڪوٽ ضلعي جي يونين ڪائونسل شاھ مردان شاھ ۾ چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ فنڪشنل ليگ اميدوار غازي خان سمون 1667 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آھي، جڏھن تہ مخالف پ پ اميدوار روشن الدين راھمون 1303 ووٽ حاصل ڪيائين جڏھن ته ف ليگ اميدوار جي ڪاميابي کي پ پ اميدوار نتيجن کي ڌانڌلي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ تي ھنگامي ڪانفرنس ڪندي شاه مردان شاه يوسي چئيرمين پ پ اميدوار روشن راهمون, وڪيل شوڪت راهمون, پ پ يوٿ ونگ سنڌ جي جنرل سڪريٽري اعظم نوحاڻي, غلام حسين آريسر, نورجهان ڳيلهڙو, گلزاره سمون ۽ ٻين چيو ته پولنگ اسٽيشن مٺو راڄڙ ۽ پولنگ اسٽيشن ترڪو منڱريو تي اسان جي پولنگ ايجنٽ عورتن سان گار گند ڪئي وئي انهن کي ڌڪا ڏئي ووٽن جي ڳڻپ وقت پولنگ کان ٻاهر ڪڍيو سرعام ڌانڌلي ڪئي وئي ، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ٻيهر آر او آفيس ۾ صاف شفاف ڳڻپ ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪنداسين ،ووٽنگ دوران ڳوٺ مٺو ٺاراڻي ۾ پ پ جا ووٽر روڪڻ تي جھيڙو پڻ ٿيو پوليس پاران 3 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا.
لوئي يوسي جي چيئرمن واري سيٽ تي ننڊي چونڊ ۾ ارباب لطف الله حامي پ پ پ اميدوار غلام نبي لنڊ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 2790 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،سندس مقابلي ۾ ارباب گروپ ۽ پ پ پ اڳواڻ محمد خان لنڊ جو گڏيل حمايت يافته آزاد اميدوار الهجهڙيو لنڊ 2350 ووٽ کڻي هارائي ويو. ڪامياب ٿيل پ پ پ اميدوار ايم پي اي ارباب لطف الله جو حامي ۽ هارايل اميدوار کي ارباب گروپ ۽ پ پ پ جي ناراض اڳواڻ محمد خان لنڊ جي حمايت حاصل هئي.
بدين جي ٻن تعلقن ۾ به يو سي چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر جي هڪ هڪ سيٽ لاء غير سرڪاي نتيجن موجب ٻنهي سيٽن تي پ پ پ جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي ماتلي جي وارڊ ست تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ لاء پ پ پ عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته سندس مقابلو ڪندڙ آزاد اميدوار منيراحمد نظاماڻي 926 ۽ پي ٽي آئي اميدوار محمد ڪمبوه 150 ووٽ کنيا ،ٽنڊي باگي جي يوسي خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جي سيٽ تي پ پ پ جي اميدوار علي احمد نظاماڻي 3100 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي سندس مقابلي ۾ بيٺل جي ڊي اي اميدوار قاري موسى زنگيجو 776 ووٽ حاصل ڪري هارائي ويو.

ٽنڊ الهيارضلعي بلدياتي اليڪشن ۾ خالي ٿيل ٽن سيٽن نصرپور ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 6 يوسي راوت لغاري ۽ ڊاسوڙي جي وارڊ 4 تي ضمني اليڪشن ٿي جنهن ۾ ٽنهي سيٽن تي پ پ جا اميدوار سوڀارا ٿيا.نصرپور جي وارڊ 6 جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ جي سيد سجاد شاه ۽ آزاد اميدوار وحيد پليجو وچ ۾ مقابلو ٿيو ، پ پ جي سيد سجاد شاه 717 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ آزاد اميدوار بيٺل وحيد پليجو 55 ووٽ کڻي سگهيو،يوسي راوت لغاري ۾ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ جي هاشم نونداڻي ۽ آزاد اميدوار محمد خان جلباڻي جو وچ ۾ مقابلو ٿيو،پ پ جو اميدوار 3831 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار 1661 ووٽ کڻي سگهيو ، ڊاسوڙي جي وارڊ 4 تان پ پ جو اميدوار خليل بلوچ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو پ پ جي ڪاميابي بعد نصرپور ۾ سيد سجاد شاه حامين پاران ريلي ڪڍي مٺايون ورهايون ويون.
سکر ۾ بلدياتي ضمني چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي پ پ اميدوار ڪامياب۔هڪ سيٽ تي پ پ اميدوار کي آزاد اميدوار هٿان شڪست۔ ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر جي يونين ڪاميٽي 17 نيوپنڊ جي وارڊ نمبر 4 جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو اميدوار گل محمد خان 535 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، تحريڪ انصاف جو اميدوار محمد نعيم خان 401 ووٽ کنيا ، يونين ڪائونسل پٽڻي جي سيٽ تي پ پ اميدوار اعجاز ڇڃڻ غيرحتمي غيرسرڪاري نتيجن موجب 2513 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي جڏهن ته آزاد اميدوار اصغر علي 2099 ووٽ کنيا، يوسي نوراجا جي ڪائونسلر جي سيٽ تي سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پ پ جي اميدوار عبدالحق مهر 221 ووٽ کڻي سگهيو جڏهن ته آزاد اميدوار آزاد خان 393 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ رٽرننگ آفيسر يار محمد جوڻيجو پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر جي لاءِ خالي ٿيل يوسي گهمرا جي سيٽ تي برهان ولد الهوسايو گهمرو بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو هو، جڏهن ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ٻن يونين ڪاميٽين جي وارڊن يوسي پير الاهي بخش جي وارڊ نمبر هڪ تي الطاف حسين ۽ يوسي غريب آباد جي وارڊ نمبر 3 محمد عثمان جنرل ڪائونسلر طور بنامقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن۔
گهوٽڪي جي ٽن سيٽن تي چونڊ ۾ ٽيئي سيٽون پيپلز پارٽي کٽي ورتيون،نوشهرو فيروز جي يوسي ستابو جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار ۽ ٽائون ڪميٽي هالاڻي جي سيٽ تي پ پ اميدوار شاهد گاڏهي ڪاميابي ماڻي

فساد چوڌري ڪهڙي منهن سان آصف زرداري خلاف پيو ڳالهائي؟: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري کي فساد چوڌري جو لقب ڏيندي چيو آهي ته آصف زرداري جو ترجمان رهندڙ فساد چوڌري ڪهڙي منهن سان بيان بازي ڪري رهيو آهي، اصل بدمعاش ته اهي سياسي ڏيڏر آهن، جيڪي هر دور ۾ حڪومت جو حصو هوندا آهن، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان جي ردعمل ۾ چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ترجمان رهندڙ شخص اڄ ڪهڙي منهن سان سندس خلاف بيان بازي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ آصف علي زرداري جا ڳُڻ ڳائيندڙ هاڻي خلاف پيو آهي، اهو جلد ڪپتان کي به پنهنجو اصل روپ ڏيکاريندو، اقتدار جي لالچ ۾ اچي پنهنجي محسنن سان احسان فراموشي ڪرڻ سندس رت ۾ شامل آهي، هي ڪپتان ۽ سندس پارٽي لاءِ ٻانهن جو نانگ ثابت ٿيندو، فساد چوڌري ايندڙ حڪومت جو ترجمان بڻجڻ جي مشق ڪري رهيو آهي.

سنڌ ۾ ننڍي چونڊ جا نتيجا پڌرا،پ پ کي سرسي،پي ٽي آءِ کي شڪست

حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 ۽ 21 تي ايم ڪيو ايم اميدوار ڪامياب ،ميرپورخاص ۾ به متحده اميدوار سوڀارو

خيرپور جي يوسي مانڊڻ ۾ آزاد اميدوار امتياز شر ڪامياب،يوسي گمبٽ ۾ فنڪشل ليگ اميدوار ڪاميابي ماڻي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊون پوريون ٿيڻ بعد غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 تي متحده پاڪستان جو شعيب الحسن 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ اميدوار پ پ جي عنايت علي هارائي ويو، کيس 106 ووٽ مليا. نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ مليا، جڏهن ته پنو عاقل ۾ يوسي نوراجا وارڊ نمبر 4 ۾ ڪائونسلر سيٽ تي آزاد اميدوار آدم مهر 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. . سانگهڙ جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي ڊي اي اميدوار آفاق قريشي کي 504 ووٽ مليا. عمرڪوٽ جي يوسي مردان شاهه ۾ ف ليگ جو عازي سمون 1643 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، هن سيٽ تي پ پ جي روشن راهمون کي 1354 ووٽ مليا. سکر جي يوسي 17 نيو پنڊ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار گل محمد 535 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو محمد نعيم هارائي ويو. حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 21 تي متحده جي پرويز وسيم 1045 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار امتياز عالم کي 331 ووٽ مليا. گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ 1770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ارشد لکڻ 739 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ملير جي يوسي ڪاٺوڙ تي پ پ اميدوار دادا ڪريم بلوچ 2735 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 717 ووٽ کڻي سگهيو. ماتلي جي وارڊ نمبر 7 ۾ پ پ جي عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار منير نظاماڻي کي 926 ووٽ مليا. نوشهروفيروز ۾ يوسي ڪوٽ ستابو ۾ مير محمد عالماڻي 1309ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وي، پ پ جي آصف عالماڻي 500 ووٽ مليا. پيرڳوٺ جي يوسي راهوجا ۾ آزاد اميدوار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کڻي سگهيو. ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ وارڊ 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي منور ملاح کي 355 ووٽ مليا. حيدرآباد جي يو سي 53 تي پ پ اميدوار ساجد شاهه 1393 ووٽ کڻي ڪامياب سوڀ ماڻي، متحده جي جهانگير ڪاڪا کي 687 وٽ مليا. ملير جي يوسي ڄام مراد علي تي آزاد اميدوار صدام بلوچ 1947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته پ پ جي عرفان جوکيو کي 1835 ووٽ مليا. قاضي احمد جي يوسي گهرام مري جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نياز حسين مهر 650 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. خيرپور جي يوسي اڀڙي وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو غلام علي ڪنڌر 531 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،سندس مخالف اميدوار حنيف تنيو کي 182 ووٽ مليا،ٺٽي جي يوسي ڇتو چنڊ ۾ پ پ جو حيدر شاهه شيرازي 1632 ووٽ کڻي ڪامياب سندس مخالف پي ٽي آءِ جي عظيم بروهي کي 112 ووٽ مليا،خيرپورجي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ پ پ اميدوار محمد بخش ميتلو 232 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،خيرپورميرس جي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ ف ليگ اميدوار سراج احمد کنڀڙو 34 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپورجي يوسي مانڊڻ وارڊ نمبر 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 457 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ جي منور ملاح کي 349 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ آزاد اميدوار عبدالوحيد شيخ 432 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ پ پ اميدوار شاهد شيخ 317 ووٽ کڻي هارائي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ آزاد اميدوار حفيظ ڦلپوٽو 317 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ پ پ اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو 292 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپور جي يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ پ پ اميدوار نظر شر 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ ف ليگ اميدوار غلام الدين شر 345 ووٽ کڻي هارائي ويو،يوسي گمبٽ وارڊ 11 ف ليگ جو منور ميمڻ 468 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي يوسف ميمڻ کي 298 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي کهڙا جي وارڊ 7 ۾ پ پ اميدوار اسحاق ناريجو 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته ف ليگ اميدوار غوث محمد لاشاري 118 ووٽ کڻي هارائي ويو. پيرڳوٺ لڳ يوسي راهوجا جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار مير غلام عباس ٽالپر 926 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کنيان، ف ليگ جي ڪريم الدين ملڪ ڪل 550 ووٽ کنيان، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي وارڊ نمبر 4 تي پڻ ضمني چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ 230۽ ف ليگ اميدوار سراج الدين کنڀڙو ڪل 36 ووٽ کڻي سگھيو

خاموش ڇو آهيو؟ بلاول ڀٽو ميڊيا ترجمانن تي ناراض ٿي ويو، سرگرم ٿيڻ جي ھدايت

بلاول پارٽي جي سمورن ترجمان جو اجلاس سڏائي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

پارٽي خلاف ميڊيا مهم هلي پئي، پر ترجمان خاموش آهن؟
بلاول ڀٽو

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي قيادت خلاف ميڊيا مهم ۽ پارٽي ترجمانن جي ماٺ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گذريل ڏينهن بلاول هائوس ۾ پارٽي جي سمورن ترجمانن ۽ ميڊيا مئنيجرن جو اجلاس سڏايو. اجلاس ۾ مصطفيٰ نواز کوکر سميت مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو، اطلاعات واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، پارليامينٽرين جي سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، بلاول هائوس ميڊيا سيل جي انچارج فدا ڍڪڻ، بلاول ڀٽو جي ترجمان عثمان غازي، اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه، بلاول هائوس جي ترجمان جميل سومرو، سرندر وراسائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ بلاول ڀٽو پارٽي جي سمورن ترجمانن، ميڊيا مئنيجرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پارٽي خلاف وڏي پئماني تي ميڊيا مهم هلي رهي آهي، پر انفارميشن سيڪريٽري ۽ ترجمان ڇو خاموش آهن؟. ذريعن بلاول ڀٽو پارٽي ترجمانن کي هدايت ڪئي ته ميڊيا سان رابطن ۾ رهندي پارٽي جو موقف پهچائڻ ۾ وسان نه گهٽائين.

عليمه خان خلاف جاچ ٿي ته عمران پڪڙجي پوندو:سعيد غني

عليمه ڀاءُ عمران خان سان گڏجي چندي ۾ خرد برد ڪئي آهي

بني گالا جي زمين چندي ۽ محل چوري جي پئسن مان ٺاهيو ويو
صوبائي وزير سعيد غني

ڪراچي (م ڊ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جيڪڏهن عليما خان خلاف جاچ ٿي ته عمران خان پڪڙجي پوندو، شوڪت خانم ٽرسٽ جي فنڊن جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائي وڃي، صوبائي وزير الزام هڻندي چيو آهي ته عليمه خان ڀاءُ عمران خان سان گڏجي چندي ۾ خرد برد ڪئي، بني گالا جي زمين چندي ۽ محل چوري جي پئسي مان ٺاهيو ويو، هن وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن عليمه خان خلاف جاچ ڪئي وئي ته وزيراعظم عمران خان پڪڙجي پوندو.

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جو نئون شيڊول جاري

سومر، اربع ۽ جمعي تي سي اين جي اسٽيشنز 24 ڪلاڪن لاءِ بند رهنديون:شيڊيول

سي اين جي شِيڊيول

ڪراچي ( ن پ ا ) ملڪ کي 71 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ جو عوام اڃا تائين گئس بحران کي منهن ڏيڻ لڳو، سنڌ ۾ ايندڙ هفتي ٽن ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز وقفي وقفي سان بند رکيون وينديون
سوئي سدرن گئس ڪمپني سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشن کي گئس جي فراهمي بند رکڻ جو شيڊيول پڌريو ڪيو آهي.
شيڊول موجب سي اين جي اسٽيشز سڀاڻي صبح 8 وڳي کان اڱاري تي صبح نائين وڳي تائين بند رکيون وينديون، جنهن بعد اربع تي صبح 8 وڳي تائين گئس جي فراهمي جاري رهندي.
شيڊول موجب وري اربع جي ڏينهن صبح 8 وڳي کان خميس تي صبح 8 وڳي تائين سي اين جي اسٽيشز بند رهنديون، جمعي تي به 8 وڳي کان ڇنڇر تي صبح 8 وڳي تائين سي اين جي اسٽيشنز بند رکيون وينديون.
واضح رهي ته سنڌ صوبو ملڪ کي 71 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو پر صوبي جو عوام گذريل هڪ مهيني کان گئس بحران کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي پر وقفي وقفي سان سي

ملير: پورٽ قاسم ۾ ڪارروائي، 4 ڪروڙ رپين جون سوپاريون هٿ

ملير)رپورٽر) پورٽ قاسم ۾ ڪارروائي دوران ڪنٽينر مان 4 ڪروڙ رپين جون سوپاريون هٿ ڪيون ويون.
ڪسٽم عملي پورٽ قاسم ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران مختلف ڪنٽينرز جي تلاشي ورتي وئي، تلاشي دوران هڪ ڪنٽينر مان وڏي انگ ۾ سوپاريون هٿ ڪيون ويون.
ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿ آيل سوپارين جي ماليت 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، جيڪي ڪنٽينر ذريعي انڊونيشيا مان آنديون ويون هيون

صنم ڀٽو جون سياسي سرگرميون، بلاول هائوس ۾ مصروف ڏينهن

صنم ڀٽو جو بلاول ۽ ٻين سان گروپ فوٽو

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڏکئي وقت ۾ بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو کي پيپلزپارٽي ۾ سرگرم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل سڄو ڏينهن صنم ڀٽو بلاول هائوس ۾ گذاريو، جنهن دوران هن نه رڳو بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي پر پ پ پ پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائره، پ پ پ ڪي پي ڪي جي صدر همايون خان، پ پ پ بلوچستان جي صدر علي محمد جتڪ سان پڻ ملاقات ڪرائي وئي. بلاول هائوس جي ذريعن موجب صنم ڀٽو سان ٽنهي صوبن جي صدرن جيڪا ملاقات ڪئي، ان ۾ پارٽي جي ٽنهي صوبن ۾ صورتحال ۽ تنظيمي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي . پ پ پ جا ويجھا ذريعا ٻڌائين ٿا ته صنم ڀٽو جيڪا سياست کان هميشه پري رهندي آئي آهي، ان کي تازو سندس ڀاڻيجي ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي سياست ۾ اچڻ جي لاءِ آماده ڪري ورتو آهي. پ پ پ جا حلقا ٻڌائين ٿا ته ڪافي عرصي کان وٺي پ پ پ جا سينئر اڳواڻ ۽ سينئر ڪارڪن پارٽي اندر ڀٽي خاندان جي ڪنهن به فرد جي سرگرم نه هئڻ تي مايوس رهيا آهن، تنهنڪري پ پ پ جي ليڊرشپ فيصلو ڪيو ته ڀٽي خاندان سان تعلق رکندڙ صنم ڀٽو کي ماٺ جو روزو ٽوڙائي سياسي طور سرگرم ڪيو وڃي. ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ بينظير بٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب پڻ ڪندي، سياسي سرگرمين تي نظر رکندڙ حلقا ٻڌائين ٿا ته هڪ اهڙو موقعو جڏهن پ پ جي ليڊر شپ کي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، تڏهن صنم جو امڪاني طور سرگرم ٿيڻ پ پ پ کي سياسي طور فائدو پهچائيندو.

محمد سليم رضا لاڙڪاڻي جو نئون ڪمشنر مقرر

نئين ڪمشنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي لاڙڪاڻي جي نئين ڪمشنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت محمد سليم رضا کي لاڙڪاڻو جو ڪشمنر مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ ڪشمنر لاڙڪاڻي جي واڌو چارج ڪمشنر سکر رفيق احمد ٻرڙو کي وٽ هئي

ڪراچي ۽ بدين ۾ حادثا، 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

ڊفينس خيابان اتحاد ۾ 2 تيز رفتار ڪارون ٽڪرائجي ويون، ڊرائيور عابد فوت

بدين ڀرسان ڪراچي واسين جي گاڏي سان حادثو، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، 3 زخمي

ڪراچي / بدين (رپورٽرن وٽان ) ڪراچي ۽ بدين ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن .ڪراچي ۾ ڊفينس واري علائقي خيابان اتحاد ۾ 2 تيز رفتار ڪارون ٽڪراچجي ويون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هڪ گاڏي جو ڊرائيور فوت ٿي ويو ۽ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ، فوتي جي سڃاڻپ عابد جي نالي سان ٿي آهي .ٻئي گاڏي جو ذرائيور حادثي ۾ محفوظ رهيو .جڏهن ته ٻئي پاسي بدين جي ٽنڊوباگو واري علائقي ۾ ڪراچي واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، فوتين ۾ عرفان ۽ احسن سامل آهن جڏهن ته 3 زخمين کي بدين جي اسپتال پهچايو ويو جن مان احمر ۽ اياز جي هالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .ٻڌايو پيو وڃي ته تيز رفتاري سبب سندن گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وڃي ، هادثي جو شڪار ماڻهو مائي ڀنڀي جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو .

سنڌ جي 141 مڪاني سيٽن تي ننڍي چونڊ، پولنگ عمل جاري

ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ ،شهروفيروز، گهوٽڪي ، عمرڪوٽ،خيرپور،سکر ۽ ٻين ضلعن ۾ به مختلف سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري

ميمبرن جي لاڏاڻي ، نااهلي ۽ اسيمبلين ۾ وڃڻ سبب سيٽون خالي ٿيون ، پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو
سنڌ ۾ضمني مڪاني چونڊن لا ۽ پولنگ جو عمل جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي 141 بلدياتي سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بغير ڪنهن ساهي جو شام جو 5 وڳي تائين جاري رهندو .ياد رهي ته بلدياتي نمائيندن جي فوت ٿيڻ ، نااهلي توڙي اسيمبلين ۾ وڃڻ سبب اهي سيٽون خالي ٿيون آهن .ڪراچي جي 6 ضلعن جي 24 سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آهي جنهن لاءِ 183اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي ،3 ميونسپل ڪارپوريشن جون سيٽون به شامل آهن . ملير ضعلي جي 8 ،ڏکڻ ضلعي جي 6، اولهه ضلعي جي 4 سيٽن تي مقابلو ٿي رهيو آهي . ڪراچي سان گڏ سنڌ جي ٻين ضعلن جنهن ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ ، گهوٽڪي ، شڪارپور ، سکر ، خيرپور ، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ به به چونڊ ٿي رهي آهي .

ڪراچي: 3وزير تبديل ٿيا پر 1500 پيپلز بسون روڊن تي نه آيون!

سرڪار 2013ع ۾ شھرين کي سستي ۽ معياري سفري سھولت ڏيڻ لاءِ ڪراچي۾ 1000بسن جو اعلان ڪيو هو

تڏھوڪي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاھ پاران افتتاح ڪيل منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ھيٺ ئي ھلڻو ھو
ٽرانسپورٽ جااڳوڻا وزير ناصر شاهه، ممتاز جکراڻي ۽ هاڻو ڪو وزير اويس شاهه

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار پاران شهرين کي سفري سهولتون ڏيڻ وارو پيپلز بس سروس منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، 5 سال گذرڻ باوجود 15 سئو اعلانيل بسن مان صرف 10 بسون ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ٿورن سان هلي سگهيون، ٽي وزير تبديل ٿيا، پر اعلانيل منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ سرڪار سال 2013ع ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن روڊن تي سنڌ جي ماڻهن کي سفري سهولتون ڏيڻ لاءِ 15 سئو ايئر ڪنڊيشن بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، اهڙو اعلان سنڌ اندر روڊ حادثن، غير معياري بسن ۽ وڌيڪ ڀاڙن جي کوڙ سارين شڪايتون اچڻ کانپوءِ ڪيو هو. 2013ع جي بجٽ تقرير ۾ وڏي وزير اعلان ڪيو ته انهن بسن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت هلايو ويندو، 5 سال گذرڻ بعد ان اعلان تيصرف ايترو عمل ٿيو آهي جو هن وقت تائين ڪراچي ۾ 10 بسون هلايون ويون آهن، جڏهن ته سرڪاري اعلان موجب هڪ هزار بسون ڪراچي شهر ۾ جڏهن ته 500 بسون سکر، لاڙڪاڻو، مٺي سميت مختلف شهرن جي روٽن تي هلڻيون هيون، جنهن لاءِ ڪراچي سميت سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ بس ٽرمينل ٺهڻا هئا، ان منصوبي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو، هڪ منصوبي کي ”انٽر بس سروس“ ۽ ٻئي کي ”انٽرا سٽي بس سروس“ جو نالو ڏنو ويو. سنڌ سرڪار ان منصوبي تي عمل ڪرائڻ ۾ ته ڪامياب نه وئي پر 5 سال گذرڻ ۽ ٽي وزير تبديل ٿيڻ باوجود 15 سئو بدران هڪ خانگي ڪمپني جي ٿورن سان 10 بسون ڪراچي ۾ هلايون ويون آهن، جنهن کي ”پائلٽ پروجيڪٽ“جو نالو ڏنو ويو آهي، ان 5 سالن دوران سنڌ سرڪار اهو به طئي ناهي ڪري سگهي ته بسن جا رُوٽ ڪهڙا هوندا، مسافرن کان ڀاڙو ڪيترو ورتو ويندو ۽ سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ ڪمپني معرفت بسون هلائيندي يا پنهنجون بسون خريد ڪندي؟
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته منصوبي ۾ دير ٽرانسپورٽرن پاران بسون نه هلائڻ ۽ بئنڪن پاران قرض نه ڏيڻ ڪري ٿي آهي، اسان منصوبو ختم ناهي ڪيو پر ان ۾ دير ٿي آهي، اسان قرض لاءِ سنڌ بئنڪ سان ڳالهايو آهي، لک پڙهه هلي رهي آهي، اسان کي ڀاڙا گهٽ رکڻ سبب انهن ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻي پوندي.
ٽرانسپورٽ واري اڳوڻي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته اسان انهن بسن جا ڀاڙا گهٽ رکيا، جنهن ڪري ٽرانسپورٽ ڪمپنيون بسون هلائڻ لاءِ راضي نه پيون ٿين، مون پنهنجي دور ۾ هڪ ڪمپني سان ڳالهائي ڪراچي ۾ 10 بسون هلرايون آهن، هاڻي وزير ان منصوبي کي مڪمل ڪرائيندو.