لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ ماهره خان جي نئين فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جون جهلڪيون جاري ٿيندي ئي فلم تمام گهڻو پسند ڪئي وئي. نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به فلم جي واکاڻ جاري آهي.
فلم جي ڀارتي سليبريٽيز به واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا، سڌارت ملهوترا، ڪرن جوهر ۽ انو راگ ڪيشپ ته جهلڪيون ڏسي فلم بابت خيالن جو اظهار ڪيو، پر هاڻي بالي ووڊ اسٽارز عاليه ڀٽ ۽ سونم ڪپور به فواد خان جي فلم جي واکاڻ ڪندي ٽوئيٽر ڪندي لکيو ته شاندار ٽريلر آهي.
بلال لاشاري جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪاسٽ ۾ فواد خان، ماهره خان، حمائمه ملڪ، حمزه علي عباسي، گوهر رشيد، فارس شفيع، شفقت چيما، نيئر اعجاز ۽ صائمه بلوچ به شامل آهن.
“ايڪس مين ڊارڪ فيونڪس” ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ٿيندي
لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور فلم ايڪس مين سيريز جي نئين فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. “ ايڪسمين، ڊارڪس فيونڪس” جي هدايتڪاري سائمن ڪينبرگ ڏني آهي، جڏهن ته فلم ۾ اداڪاري جا جوهر جيمز ميڪوئي، جينيفر لارينس، نڪولس هالٽ، سوفي ٽرنر ۽ ٻيا هالي ووڊ اسٽارز شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي غير معمولي طاقتن ۽ صلاحيتن جي مالڪ هڪ ٽيم طرف آهي، جيڪا برائي جو رستو اختيار ڪري ٿي، جڏهن ته فلم ۾ ٻي ٽيم سٺائي لاءِ وڙهندي نظر اچي ٿي. مارول اينٽرٽينمينٽ جي فينٽسي ۽ ايڪشن سان ڀرپور ايندڙ سال پيار جي ڏينهن تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
فلم تيزاب حملي ۾ زخمي ٿيل لڪشمي اگروال جي زندگي تي ٻڌل
دپيڪا پڊوڪون فاڪس اسٽار اسٽوڊيو سان گڏ فلم پروڊيوس ڪندي
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا دپيڪا پڊوڪون مگهنا گلزار سان گڏجي نئين فلم ٺاهيندي، جنهن ۾ هوءَ فلم پروڊڪشن جو ڪردار پڻ ادا ڪندي. ميگهنا گلزار تيزاب هاري زخمي ڪيل مشهور سماجي ڪارڪن لڪشمي اگروال تي فلم ٺاهي رهي آهي، فلم جو نالو ڇَپڪ رکيو ويو آهي، جڏهن ته فلم ۾ دپيڪا پڊوڪون سان گڏ وڪرات مئسي پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. فلم جي حوالي سان دپيڪا پڊوڪون انسٽاگرام تي پڻ پوسٽ شيئر ڪئي. فلم ۾ دپيڪا هڪ تيزاب هاري زخمي ڪيل عورت جو ڪردار ادا ڪندي، جيڪا ملڪ ۾ عورتن جي تحفظ جي حوالي سان قانون سازي بابت پڻ جاکوڙ ڪري ٿي. فلم جي هدايتڪاري ميگهنا گلزار جڏهن ته پروڊڪشن اسٽار اسٽوڊيو سان گڏ دپيڪا ڏيندي.
لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) هالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر ايڪش ڪاميڊي سائنس فڪشن فلم سيريز “مين اِن بليڪ” جي ايندڙ فلم “مين اِن بليڪ 4” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون.
هدايتڪاري ايف گيري جي ان نئين فلم جي ڪاسٽ ۾ مرڪزي ڪردار ڪرِس هيمسورٿ ۽ ليام نيسن نڀائي رهيا آهن، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ٽيسا ٿامسپن، ربيڪا فرگيوسن، ايماٿامپسن، سرتاج گريول، مائيڪل برهان ۽ اسٽيفن سميت ٻيا شامل آهن.
فلم جي ڪهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ مخلوق جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن کان دنيا کي بچائڻ لاءِ خلائي مخلوق خلاف ڪارروايون ڪندڙ ايجنسي ميدان تي لهندي آهي.
مداح ان فلم جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن، فلم ايندڙ سال جون مهيني ۾ ڪوليمبيا پڪچرز تحت سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.